متسيا

متسيہ(انگريزي ٻولي: Matsya) وِشنو ڀڳوان جو اوتار آهي. سندس ڏهن اوتارن مان هيءُ پھريون اوتار آهي.[1] متسيہ بابت سڀ کان پھرين يجرويد (ستپت برھمڻ گرنٿ) ۾ ذڪر ملي ٿو. مٿس الڳ پراڻ پڻ لکيل آهي، جنھن کي "متسيہ پراڻ" چيو ويندو آهي.
ابتدا
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب” جامع سنڌي لغات“ ۾ ڄاڻايو آھي ته ماڇي سنسڪرت جي لفظ ” متسيا“ مان ورتل آھي ۽ معني` اٿس ” مهاڻو، مڇي ماريندڙ“. [2]
وشنو پراڻ ۾ آيل آھي تہ وئيوسُوَتُ سَتياورتُ شِريڌاديو (مَنوڀڳوان) وڏي ٻوڏ کان پهريان دراوڙن جو راجا ۽ ديوتا پڻ ھو. جنهن کي وشنو ڀڳوان مَتسَيا (ڌڙ مڇي ۽ مهانڊو ماڻھوء جو) جو روپ وٺي اهو ٻڌايو ته هڪ وڏي اوڳاھ ياٻوڏ ايندي جنهن ڪري پرٿويء تان نسلن جي پرلئه ٿي ويندي. هن کيس هڪ وڏي ٻيڙي ٺاهڻ جو چيو جنهن ۾ منوء ويد، پنهنجو ڪٽنب، سپت رشي(ست مهاپُرش) ۽ گهڻيون ئي جيو جاتيون بچائي ورتيون. جن مان پوءڌرتيء تي الڳ الڳ جاتين جي واڌ ويجھ ٿي. [3]”وشنو ڀڳوان “ پڻ ”متسيا“ يا ”ماڇي” جو اوتار وٺي ”منو ڀڳوان“ کي مهاٻوڏ دوران ٻيڙي ٺاهڻ جو ڏس ڏنو هو. اها ڏند ڪٿا ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان ٻين سڀيتائن ۾ به ملي آھي، جيئنعراقي سڀيتا ۾ گل گاميش جي ڪٿا ۽ ابراهيمي ڌرمن ۾نوح جي ڪٿا.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Meaning of متسیہ - The J.T. Platts Dictionary of Urdu and Classical Hindi" (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-10-19 تي حاصل ڪيل.
- ↑ جامع سنڌي لغات ليکڪ ” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“
- ↑ "Matsya | Hinduism". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2020-11-17 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Matsya | Hinduism". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2020-11-17 تي حاصل ڪيل.