مواد ڏانھن هلو

ٻيڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٻيڙي

ٻيڙي وڏي ۽ مستطيل شڪل جي ٿيندي آھي، جنھن جي ڊيگهه 20 کان 40 فوٽ ويڪر 10 کان 20 فوٽن تائين به ٿيندي آھي. ٻيڙي مال برادريءَ لاءِ ڪتب ايندي آھي. وڏي ٻيڙي کي ”ڪؤنتل“ به چوندا آھن. ھن قسم جون ٻيڙيون گھٽ ۾ گھٽ 200 مڻ ۽ وڌ ۾ وڌ 1000 مڻ وزن به کڻي سگھن ٿيون. ٻيڙيءَ جي بناوت ۾ ڪاٺ ۽ لوھي ڪير ۽ ڪوڪا استعمال ٿيندا آھن. ٻيڙيءَ جا ڪئين حصا ٿين ٿا، جن جا نالا به مختلف آھن. مثال ھيٺيون ”تر“، پاسن وارا ”ڪڇا“ ۽ ٻيڙيءَ جي مٿئين حصي تي اڳيان ۽ پٺيان لڳل يا ٻڌل تخت، جن کي ”آڳيل“ ۽ ”پاڇيل“ سڏجي ۽ وچ واري خالي حصي، يعني کڏ کي ”لڪ“، سڏين ٿا. مٿئين تختن جي مٿان ۽ ”ڪڇن“ جي ڪناري مٿان پڻ شروع کان آخر تائين، يعني آڳيل جي شروعات کان پاڇيل جي خاتمي تائين ھڪ اڀو تختو لڳل ھوندو آھي، جنھن کي ”واڙو“ چئجي ٿو، ان تختي جي اوچائي ھڪ کان ڏيڍ فوٽ ٿئي ٿي. ”لڪ“ واري ھنڌ تي آڳيل جي ڀرسان ويڪر ۾ ھڪ ٿلھو تختو يا ڪاٺ جو ٿلھو ۽ ھم چورس ٽڪر لڳل ھوندو آھي، جنھن کي ميربحر ”اڏو“ چون ٿا. ھن قسم جي ٻيڙيءَ جو تر يعني ھيٺيون وچ وارو حصو سڌو ٿئي ۽ ’آڳيل‘ ۽ ’پاڇيل‘ وارو تر جو حصو مٿي اڀو وريل ٿيندو آھي. ٻيڙيءَ جي تر سان پاسن وارن ”ڪڇن“ کي ملائڻ لاءِ ڪرڙ جا گونيا نموني ”منا“ ٿيندا آھن، جيڪي گول ۽ چئن کان پنجن انچن جي قطر جا ٿين ٿا، جن کي ھڪ پاسي کان ٿورو گھڙي ۽ ھيٺئين پير کي به ڪجهه ڇِلي، ھر ھڪ ”منو“ وڌ ۾ وڌ اڍائي فٽ جي فاصلي تي تر ۽ ڪڇن کي ملائڻ لاءِ لڳايو ويندو آھي. پير وارو حصو تر ۾، ۽ اڀو حصو ڪڇن ۾ ڪيرن سان لڳايو ويندو آھي جيئن تر ۽ ڪڇا پاڻ ۾ مليل رھن ۽ ٻيڙي مضبوط رھي. منا ٽالھيءَ جي ڪاٺ جا به استعمال ٿيندا آھن . ٻيڙيءَ جي پاڇيل واري پاسي تي ”لڪ“ سان بلڪل گڏ ڪاٺ جي ھڪ چورس ڪئبن به ٻڌبي آھي، جنھن ۾ ميربحرن جو سامان سڙو رکيل ھوندو اھي ۽ ان ۾ ھو سمھندا به آھن، جنھن کي ھو ”بندول“ چون ٿا، ساڳيءَ طرح آڳيل واري پاسي به ڪاٺ جي تختن سان ھڪ ڇاپرو لڳل يا ٺھيل ٿئي، جنھن ۾ مزدور (ھمراھ) ۽ ناکئا ويھن ۽ آساس ڪن. ٻيڙيءَ جي پاڇيل جي بلڪل آخر جي وچ سڌ ۾ ”سکان“ يا ”ويڻو“ ٿيندو آھي، جنھن مان ٻيڙيءَ جي رخ موڙڻ وارو ڪم ورتو ويندو آھي. ”سکان“ تي ھميشه ناکئو جيڪو درياهن جي پاڻيءَ کان واقف ھوندو آھي، پاڻ بيھندو آھي ۽ ھلندڙ ٻيڙيءَ کي تانگھي پاڻيءَ، پچويڙ، ڪاٺ ۽ ڪُنن کان بچائي، وڏي پاڻيءَ ڏانھن ٻيڙيءَ جو رخ رکندو آھي. ھن قسم جي ٻيڙيءَ يعني ڪؤنتل کي ھلائڻ لاءِ سڙهه رکڻوپوندو آھي جنھن کي ”قلمي“ به چون، جو زين يا ٻئي ڪنھن ٿلھي ڪپڙي مان ٺاھيو ويندو آھي، ٻيڙيءَ جي آڳيل واري حصي وٽ لڳل اڏيءَ ۾ دُڏِ يا گِڏِ ٿئي، جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 15- 16 فوٽ ٿلھي ۽ گول ڪاٺي بيھاري ويندي آھي، ان ڪاٺيءَ کي ”شيخلو“ سڏين. ٻي گول ۽ ٿلھي ڪاٺي، جنھن جو سرو ٿلھو ۽ ڇيڙو سنھڙو ٿئي ۽ جيڪا 40-30 فوٽ کن ڊگھي ٿئي ٿي، تنھن کي ”آڏ“ سڏيندا آھن، ان آڏ ۾ ڪپڙي جو سڙهه ٽنگي، سڙهه کولي ڇڏبو آھي. جنھن ۾ ھوا ڦاسندي آھي ۽ ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪيندي آھي. ھوا نه ھئڻ جي صورت ۾ ميربحر ٻيڙي ڳن يا اولي ذريعي، جيڪو پاڇيل واري پاسي لڳل ھوندو آھي ڪاھيندا آھن، يا ونجھن سان، جيڪي ٿلھي بانس جا 20- 25 فٽ ڊگھا ٽڪر ٿين ٿا، ڌڪيندا آھن، جيڪڏھن پاڻي تار ھوندو ته پوءِ شيخلي ۾ ”رسو“ ٻڌي، ڪجهه ”ھمراھ“ يعني مزور سڪيءَ تي لھندا آھن ۽ درياهه جي ڪناري سان ھلندا، رسي کي پنھنجين چيلھين ۾ ٻڌي ڇڪيندا آھن سڀ کان اڳيون ھمراهه چيلهه ۾ رسو ٻڌي ھلندو آھي. رسي جي ان چيلهه واري ٻڌل حصي کي ”مونڍو“ چون ۽ ٻيا مددگار ھمراهه ان جي پويان ٻيا رسين جي ٽڪرا ان وڏي رسي ۾ ٻڌي ڇڪيندا آھن، ان رسيءَ جي ٽڪر کي ”ڪڙھو“ سڏبو آھي. مال برداريءَ لاءِ ھن قسم جون ٻيڙيون ڪنھن زماني ۾ جام نظر اينديون ھيون ۽ ھر بندر ٻيڙين سان ڀريل نظر ايندو ھو. ٻيڙين جا ڪجهه نمونا جيڪي درياهه تي موجود هوندا هئا سي هي آهن: ڪوئنتل، بتيلو، پاتاريءَ سان ڪؤنتل،پاتاريءَ سان بتيلو، جهمٽي، دنگي ڪٽارو، ڊونڊي، هڙيو يا هڙهيو، ڪونٽيو، گاليو، مڪڙي، تراز، ناؤ، وانءِ، ڇوڏو، نيه وغيره. زئونرڪ، بگوڇڻ، نامڪڙي ۽ ڊونڊو ٻيڙيون پنجاب پاسي درياهه تي هلنديون آهن . موھن جي دڙي مان لڌل ھڪ مھر تي ٻيڙيءَ جي تصوير آھي، ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ھڪ ڪوٺي ٺھيل آھي ۽ پاڇل تي ميربحر ڏيکاريل آھي، ان مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌو درياهه ۾ ٻيڙيون قديم زماني کان وٺي ھلنديون ھيون. مغلن ۽ ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌو درياهه ۾ ھر ھنڌ ٻيڙا نظر ايندا ھئا، سنڌ ۾ ڪاٺ جي ڪمي ڪا نه ھئي، جنھنڪري جھجھي انداز ۾ ٻيڙيون ۽ ٻيڙا ٺھندا هئا. ايتري قدر جو جنگي ٻيڙا به تيار ڪيا ويندا ھئا، انھيءَ جي ڪاٺ تي اڪر جو ڪم نھايت صفائيءَ سان ٿيل ھوندو آھي. شاهه لطيف جي ڪلام جا سڄا سارا ٻه سر، (سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ) ٻيڙين، ملاحن، معلمن ۽ سفر بابت چيل آھن . ٻيڙِيءَ جو ٺهڻ ۽ عضوا: ٻيڙيءَ جي پهرين ٺاهڻ واري شروعات کي ٻيڙيءَ جو ’پٿرجڻ‘ چوندا آهن، سڀ کان اڳ جيتري ٻيڙي ٺهرائڻي هوندي آهي، اوترا هٿ يا نَريون ڪنهن ڏوريءَ تي هڻي، يعني ٽيهه هٿ يا چاليهه هٿ (گهٽ يا وڌ) ڏوري ماپي، سنئين زمين تي ٺاهي، اُن ڏوريءَ جي ٻنهي ڇيڙن تي ڪليون کوڙيندا آهن. تر (ٻيڙيءَ جو ترو) جيترو ويڪرو جهلڻو هوندو آهي، انهيءَ ڏوريءَ تي اوترا هٿ هڻي، ڪليون هڻندا آهن. پوءِ پسون ٺهيل تيار ڪيل گز، ماهيچا رندا لڳل مُني فوٽ کان ڏيڍ فوٽ تائين زمين تي بيهاريندا ويندا. ٻن پسن جي وچ ۾ فاصلو ڇڏيندا. ٻن ڪلين ۾ هن پاسي جهلي چئن چئن ڪلين ۾ پسون بيهاريندا ويندا، پوءِ تر جون ڦرهيون لوهه جي ڪيرن ساڻ پسن مٿان مضبوط ٽڪائي تَر تيار ڪندا آهن .

پسون: تر کي مضبوط جهلڻ لاءِ پٽين وانگر جڙيل ڪاٺ کي ’پسون‘ چوندا آهن .

تر جو اٿلائڻ: پسن جي مٿان تر تيار ڪبو آهي، پوءِ تر کي اٿلائي سڌو ڪري رکبو آهي، ان بعد ڪڇا لڳائبا آهن .

تر سان ڪڇا ٽوپڻ: تر سان ڪڇا جوڙي ملائبا آهن، يعني تر کي لڳائبا آهن ان عمل کي ’ڪڇا ٽوپڻ‘ چئبو آهي .

مُنا: ٻيڙيءَ جا منا اڪثر لوهيڙي جي ڪاٺ جا ڪم آڻبا آهن، جڏهن ته مُنا ديال يا ٻئي ڪاٺ جا به ٿيندا آهن. مُنو گوني ڪنڊ وانگر بيهاربو آهي. مُني جو ڪڇي سان ملائڻ وارو پاسو وڏو ٿيندو آهي ۽ تَر وارو پاسو پير وانگر بيهاربو آهي، مُنا ڪڇي ۾ ڪلن يا ڪيرن سان مضبوط لڳائبا آهن ۽ مني جو تر وارو پير به مضبوط ڪيرن سان لڳائبو آهي. منو سوا فوٽ يا ڏيڍ فوٽ جي فاصلي تي رکبيو آهي، اهڙيءَ طرح -ٻيڙي- جا ڪڇا تر سان ٽوپجي يعني ڪڇا تر سان ملائجي ويندا آهن. ان کان پوءِ منن جي پيرن کي ڍڪڻ لاءِ ڪڇي جي ڀرسان تاڳرو تاڙا لڳائبا آهن. ان کان پوءِ چوندا آهن، ٻيڙي جو ’ٻُڪر چاڙهيو‘، ٻُڪر چڙهڻ هڪ اصطلاح آهي. پاتاري ٻيڙيءَ کي پاتاري چاڙهبي آهي، پاتاريءَ کي به تاڳرو جمڙدو يعني پاتاري چونڪ لڳندو آهي .

ٻُڪر: ٻُڪر لڳڻ سان ٻيڙيءَ کي اڏو ۽ اڏيون به لڳنديون آهن. اڏي تي شيکلو يا کوهو بيهاربو آهي، اهو اڏي يا ٻنهي ڪڇن جي مٿان لڳندو آهي، جيئن ڪڇا مضبوط ٿي بيهن. اڏو ۽ اڏيون ٻيڙين کي نه هوندا ته لهرن ۾ ڪڇا تر کان جدا ٿي پوندا .

اڏو: ٿلهي ماپ وارو ڪاٺ جو هڪ مستطيل ٽڪرو، جنهن جي ٿولهه وڏين ٻيڙين جي ضرورت مطابق ٿيندي آهي، اهو گنبٽ جي مٿان اڳينءَ ڀر ۾ بيٺل هوندو آهي ۽ ان جي پويان هڪ شاکي کي اڏي هوندي آهي. اڏي جي اڳيان ڇا ٻاهي واري اڏي هوندي آهي، جنهن کي شيکلي جي جهل (اڳتي جهل) واري اڏي به چئبو آهي .

ڇا ٻاهيءَ واري اڏي: شيکلي کي اڳتي ڇڪي جهلڻ لاءِ هڪ ٻٽو ڪاٻار جو رسو يا تار جو لوهي ٽڪرو هوندو آهي، جيڪو کوهي کي اڳتي ڇڪي جهليندو آهي، ان ۾ ڇاٻاهيءَ جو ڪڙو وجهبو آهي، ڇاٻاهيءَ ۾ ڪُپي لڳل هوندي آهي، جيڪا کوهي ۾ ٻڌل تار يا رسي کي تاڻي يا ڍرو ڪري سگهندي آهي. اها ڇاٻاهي، اڏيءَ ۾ ٻڌل هوندي آهي، جنهن کي ’ڇاٻاهيءَ جي اڏي‘ چئبو آهي. گنبٽ جي شاکي يعني اڏي سان ٿوري فاصلي تي پوئين اڏيءَ کان پوءِ تر خالي رکبو آهي، جنهن ۾ بار يا سامان رکبو آهي. ان کان پوئتي ڇڪ واري اڏي ٿيندي آهي .

ڇڪ واري اڏي: آلات کي مٿي کڻڻ لاءِ ڪپيءَ سان ڇڪ ڏبي آهي، جيڪا کنجيءَ سان گڏ اڏيءَ ۾ ٻڌل هوندي آهي، جنهن کي ڇُڪ واري اڏي چئبو آهي. ڇاٻاهيءَ واري اڏيءَ کي ’گِرلي اڏي‘ به چئبو آهي، ڇاٻاهيءَ جو واسطو شيخلي (شيکلي) سان آهي ۽ ڇڪ واري اڏيءَ جو واسطو آلات سان آهي. ٻيڙيءَ جا ٻه ڀاڱا ٻڌبا آهن، هڪ آڳيلي ٻيو پاڇيلي .

آڳيلي تخت: ڇاٻاهيءَ کان اڳتي ڪامن وانگر برياٺ هڻبا آهن ۽ انهن جي مٿان ڪاٺ جو تخت ٻڌبو آهي. تخت جي منڍ ۾ مهرو ٿيندو آهي، مهري ۽ تخت کي ڌار ڏيکارڻ لاءِ هڪ سرائي لڳل هوندي آهي. اڳئين مُهري کي ’آڳيلي مهرو‘ سڏبو آهي. مهري جي هيٺان لڳل ڪاٺ جي ڦرهن کي ’سراڙو‘ چوندا آهن. سراڙي جي ٻنهي پاسن کي ’سينڌ‘ ڦل لڳل هوندا آهن ۽ اهي خوبصورتي پيدا ڪندا آهن. اڳيلي مهرو، کروت يا خلوت جي جاءِ شمار ڪندا آهن، جتي نماز پڙهندا آهن . ڇُڪ واري اڏيءَ جي هيٺان کنجي ٿيندي آهي، جنهن کي پويان ٻي اڏي به هوندي آهي. کنجون ٻه آهن، هڪ هيٺين کنجي، ٻي مٿين کنجي، هيٺين کنجي رڌڻي يا بورچي خاني لاءِ ڪم ايندي آهي .

ڪٽهڙو: هيٺينءَ کنجيءَ جي پويان ڪٽهڙو ٿيندو آهي، جيڪو ويهڻ يا ’ڊائيننگ هال‘ جوڪم ڏيندو آهي. اهو تَر کان پاڇل تي ٻه فوٽ مٿي ٺهيل هوندو آهي .

باندول: مٿينءَ کنجيءَ کي ’باندول‘ چوندا آهن. باندول، ٻيڙيءَ تي رهندڙ عورتن لاءِ هڪ مخصوص ڪمرو آهي. مٿينءَ کنجيءَ کان پرتي پاڇيلي تخت ٺاهيو ويندو آهي. پاڇيلي تخت مُهري تي ختم ٿئي ٿو. پوءِ سرائي لڳندي آهي، جيڪا تخت ۽ مهري کي الڳ رکندي آهي. باندول لاءِ چئن مُنين تي ڦيتون رکي، ان تي مٿان ڪاٺ جي ڇت رکبي آهي، ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ يا مُنن ۾ گهٽڙا لڳل هوندا آهن، جن تي پير رکي ماڻهو مٿي چڙهي ويندو آهي. اها ڳالهه اڳ به ٻڌائي وئي آهي ته وڏين ٻيڙين تي اهي ٺاٺ باٺ هوندا هئا. باندولن ۾ ڪَواڙيون به هونديون آهن .

ڪواڙي: بندول جي مٿين ڇت، جنهن کي دالان به چوندا آهن. ان کي هيٺئين پاسي پٽين جيان پَسن جهڙا ڪاٺ جا ٽڪرا لڳل هوندا آهن. اهي باندول جي ڦتين تي بيهندا آهن، ان ڪري دالان ۽ ڦتيءَ جي وچ ۾ جيڪي خال بچندا آهن تن کي ’ڪواڙيون‘ چئبو آهي. ڪواڙين جي ٻاهران ڇت واري دالان کي ڦرهيون لڳل هونديون آهن، جيڪي ڪواڙين کي ٻاهران ڍڪيل رکنديون آهن، ڪواڙين ۾ ٿورو سامان اڳڙي ٿڳڙي وغيره به رکي سگهبي آهي .

پاڇيلي مهرو: پاڇيلي مهري جي هيٺان ’سراڙو‘ ۽ ٻنهي پاسي ’سينڌ ڦل‘ لڳل هوندا آهن. سرائيءَ مٿان ڦتي ٿئي ٿي، جنهن تي سکاڻي يا ناکئو ويهي ٻيڙيءَ کي هيڏي هوڏي ضرورت موجب ڦيرائي سگهندو آهي. ڦتيءَ جي ٻنهي ڇيڙن ۾ گولائيءَ ۾ ٽُنگ ڪڍيل هوندا آهن. جن ۾ ديال يا ٻئي ڪاٺ جون گول ڇڙهون پيل هونديون آهن، جن ۾ ڪپڙي جا ٺهيل وڏا گجگاه يا گجڪا جدا جدا رنگن جا ٻڌل هوندا آهن، جيڪي هوا تي ڦڙڪندا رهندا آهن. اهي گجڪا سونهن جي لاءِ ٻڌبا آهن. بندرن تي جڏهن ٻيڙيون گڏ ٿينديون هيون ته انهن ٻيڙين جا نوان گجڪا ڦڙڪندا رهندا هئا. ڇڙهن ۾ مٿان ’واءَ پرکڻيون‘ به وجهي ڇڏيندا هئا، جيڪي -ٿوري- واءَ تي انهيءَ طرف ڦري واءَ جو طرف ٻڌائينديون هيون، جيئن ناکئي کي خبر پوي ته واءُ ڦري پيو آهي، مهرن کي ’ڪانوريون ‘ به لڳنديون آهن . ڦتي ۽ مُنيون: مهري جي سرائيءَ جي مٿان کٽ جي پائي جهڙيون سهڻيون ٺهيل ٻه مُنيون اُڀيون، سرائيءَ جي ڪڍيل ٽنگن ۾ پيل هونديون آهن، هڪ ڦرهي رنديل (يعني واڍن جي رندي لڳل) ۾ سَلَ يا ٽنگ ڪڍيل هوندا آهن، جنهن ۾ ’ڇڙهون‘ وجهبيون آهن .

ڇڙهون: سُکانيءَ جي ويهڻ واري ڦتيءَ جي نڪتل سَلَن يا ٽنگن ۾ پيل ڪاٺ جي ڊگهين ڪاٺين کي ’ڇڙهون‘ چئبو آهي .

گجڪا: رنگين ڪپڙي جا ٺهيل ٻه وڏا جهنڊا، جيڪي ڇڙهن ۾ ٻڌل هوندا آهن، تن کي گجڪا چئبو آهي .

واءَ پکڻيون: گل چٽ نڪتل -پٽيون-، جيڪي سُونهن لاءِ مهرن ۽ ٻين جاين تي لڳايون وينديون آهن. مهري جي ٻنهي پاسي، سرائيءَ کي پوري ماپ تي کَپَ ڪڍيل هوندا آهن .

لانگ: پاڇيلي مهري جي وچ کي کَپُ ڏئي هڪ مهري کان هيٺ فوٽ منو (ٽي چار انچ) ٿلهي يا ويڪري ڦرهي لڳائيندا آهن، جيڪا، تر سان ملايل ڦرهيءَ ۾ لڳائبي آهي، انهيءَ کي ’لانگ‘ چئبو آهي. ’لانگ‘ کي مضبوط جهلڻ لاءِ هر پاسي، هر ڪڇي جي پاسي ٻه ٻه ڪاٺ جون پٽيون هڻندا آهن، جن کي ’تُڪا‘ سڏبو آهي. لانگ ويڻي يا سکان کي بيهارڻ لاءِ لڳائبي آهي، مهري (پاڇيلي مهري) جي وچ ۾، جتي لانگ جي پٽي لڳل هوندي آهي، ويڻي ويهارڻ لاءِ کَپ سان ٻه جاڙيون ڪاٺيون ويڻي جي هڻڻ لاءِ بيهاربيون آهن، وري اڀيءَ ڦرهيءَ جي وچ ۾ ٿورو هيٺ به ويڻي بيهارڻ لاءِ کپ ڏنل ٻه ڦرهيون هڻبيون آهن، جن کي ’ويڻي جا در‘ به چئبو آهي .

ويڻو يا سُکان: ويڻو يا سُکان هڪ ٽن چئن فٽن جي ٿلهي ڦرهي هوندي آهي، جيڪا ويڪر ۾ چئن کان ڇهن فوٽن تائين هوندي آهي، ان جو هيٺيون پاسو ويڪرو هوندو آهي. اڪثر ڪري سنڌي ڪونتل يا بتيلي جو ويڻو يا سکان هن شڪل جو هوندو آهي. ويڻو لانگ ۾ پيل هوندو آهي، ٻنهي پاسن کان ڪُپيءَ ۾ رسا پيل هوندا آهن، جنهنڪري سکاني يا ناکئو هيٺ مٿي آسانيءَ سان لاهي چاڙهي سگهندو آهي. لانگ تي هيٺ لهي وڃڻ ۽ مٿي چڙهي اچڻ لاءِ ڪاٺ جا گهٽڙا لڳل هوندا آهن. ويڻي کي ورائڻ ۽ ڦيرائڻ لاءِ مٿئين حصي ۾ ’مٺيو‘ پيل هوندو آهي، جنهن کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ سان مُٺئي کي اندر ٻاهر ڪري سگهبو آهي .

مُٺيو: ويڻي ۾ پيل هڪ ڦرهي، جنهن کي ويڻي ۾ وجهڻ لاءِ پوئتي ويڻي جي مٿئين پاسي جيترو ڪَٽ يا ڪٽائيءَ سان سڌو چير ٺاهيل هوندو آهي، جنهن کي ويڻي جي مٿئين حصي ۾ وڌو ويندو آهي، ان کي ويڻي ۾ برٿ ڏئي سوگهو ڪبو آهي ۽ ان کي هيٺ ٿيڻ کان گهٽڙن تي ويهاربو آهي. کپي ۾ يعني ويڻي کي وهارڻ کان پوءِ جيڪو اڳيون حصو آهي، اهو ڦٽيءَ جي مٿان ٿي بيهندو آهي. جنهن جي مُٺئي ۾ هٿ وجهي سُکاني يا ناکئو ٻيڙيءَ کي اندر ٻاهر ڦيرائي سگهندو آهي .

اندر ۽ ٻاهر: ٻيڙي اوڀاري هلي يا لهواري، جيڪو پاسو ڪناري يا ڪنڌيءَ کي ويجهو هوندو آهي، ان کي ’اندر‘ چئبو آهي. ۽ جيڪو پاسو درياهه طرف هوندو آهي، اهو ’ٻاهر‘ سڏبو آهي. ويڻي وارو، ويڻو (ويڻي جو مٺيو) جهليو ويٺو هوندو آهي. اڳيون همراهه ان کي چوندو ’اندر‘ يا ’ٻاهر‘ يا ٿورو ٻاهر، ٿورو اندر، سُکاڻي ان چوڻ مطابق ٻيڙيءَ کي ڦيرائيندو آهي .

اڏيون: اڏيون چورس يعني هڪجهڙيون ٿينديون آهن، انهن جي ڊيگهه ٻنهي ڪڇن جي وچ واري ماپ جي برابر رکبي آهي .

برياٺ: برياٺ جو هڪ پاسو اڌ فوٽ کان هڪ فوٽ تائين هوندو آهي، ته ٻيو پاسو ڏيڍ کان ٻن فوٽن جيترو بيهاريندا آهن. برياٺ، اڳيلي پاڇيلي تخت ۾ ڪم ايندا آهن، جن کي مٿان تختن جون ڦرهيون لڳنديون آهن. تختن جي وچ تي ٿلهي ماپ وارو تاڙو به هڻندا آهن ته جيئن تخت وڌيڪ مضبوط ٿئي، ان لاءِ اُن ۾ لوهه جا ڪولابا به هڻبا آهن .

اڳيلي تخت جي ڇاٻاهي واري اڏيءَ کان پوءِ چئن مُنين تي دالان هوندو آهي، جتي ٻيڙيءَ جا جُوان ويهندا آهن. چئن مُنين تي ڦتيون رکبيون آهن، جن جي مٿان دالان جي ڇت پاڇيلي بندول جهڙي هوندي آهي. پَسن وانگر ماپ تي رکيل ٽڪرا پٽين جيان ان جي مٿان ڪاٺ لڳائي دالان جي ڇَت تيار ڪندا آهن. دالان کليل هوندو آهي، پر ڪن ڪن وڏين ٻيڙين کي ورانڊي جيان کليل گولائيءَ تي دروازا ٺاهيندا هئا. جن کي پلرن وانگر ڪاٺ جا اُڪر تي ٿنڀا هوندا آهن. پاڇيلي باندول ۽ دالان مٿان ڇتين کي ’ڦالڪا‘ چوندا آهن. شاکي اڏيءَ ۽ اڏيءَ جي مٿان چئن مُنين تي ’داڙٻائي‘ ٺهيل هوندي آهي. شيکلي کان داڙٻائيءَ تي گولائي ڪيل هوندي آهي. داڙٻائي دالان کان هيٺ هوندي آهي، جيڪا رڳو گنبٽ جي مٿان هوندي آهي .

گنبٽ: مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته ٻيڙيءَ جي تر ۾ پسون لڳل هوندا آهن ۽ هر هڪ پسونءَ ۾ ٻه ٽي ’وريئڙا‘ هوندا آهن. ٻيڙيءَ ۾ آڳل ۽ پاڇل جو سِمندڙ -پاڻي- پَسن جي وريئڙن مان وهي گنبٽ ۾ گڏ ٿيندو آهي ۽ پوءِ اهو پاڻي گنبٽ مان ٻاهر درياهه ۾ اڇلبو آهي .

ٻيار: پيش جي ڦرهن مان ٽٻڻيءَ وانگر ’ٻيار‘ ٺاهيندا آهن. بانس جي هلڪي -ٽڪر- کي پويان ٻڇانگيءَ وانگر چيري، ٻيار ان (ٻڇانگيءَ) جي اندر ٻڌندا آهن. گنبٽ ۾ پاڻي سوايو هوندو آهي ته ٻيار سان ڪڍي درياهه ۾ هاري ڇڏيندا آهن .

چورنگي: هيءَ ڪاٺ جي ڪشتيءَ جهڙي ٺهيل هوندي آهي، جنهن سان ٻيڙيءَ مان ٿورو پاڻي ڪڍبو آهي، جيڪو ٻيار سان نڪري نه سگهندو آهي، پاڻيءَ جو ٿورو چڪو به چورنگيءَ سان ڪڍي سگهبو آهي. ان کي ’چرنگڻ‘ به چئبو آهي. مُهري جي سرائيءَ جي هيٺان هر ڳليءَ جي پاسي ٻه ٻه مناڙا هوندا آهن، يعني ڪُل چار، پرڪن ٻيڙن کي ٽي ٽي مناڙا به هوندا هئا، اهي محفل ٻيڙيءَ جيڏيون وڏيون ٻيڙيون هونديون هيون، جن کي هر پاسي مهري ڀرسان ئي مناڙا لڳل هوندا هئا .

مناڙا: مناڙن ۾ ٻيڙيءَ جي پڳهه کي چاپَهن ڏئي ٻڌندا آهن .

ڪڇي ۽ تر کي ملائڻ وارا مُنا: ڪڇي ۽ تر کي ملائي ڇڏيندا آهن، ان لاءِ تر تيار ٿيڻ تي ان تي پاڻي وجهي آڳل پاڇل کي مٿي ڪندا آهن، تر ڪڇن سان جڏهن ٽوپبو آهي ته پوءِ واڇل آڳل کان کُڻاجي ٿيندي آهي. مُنن کي ڍڪڻ لاءِ ڪَڇَن کي اڏيرون لڳائبيون آهن. انهن تي خاصا چٽ اُڪريل هوندا آهن. اڏير کي هيٺان مٿان ڪانوريون لڳل هونديون آهن. اڏير کان پوءِ مُني جو جيڪو حصو ظاهر ٿيندو آهي، ان جي مٿان برٿ لڳائيندا آهن .

ڳڙهه يا ڳلي: جمڙدي جي مٿان ڳڙهه يا ڳلي لڳندي آهي، ٻنهي ڪڇن جي مٿان ڳڙهه لڳايل هوندي آهي، ڳڙهه کي ڳلي به چئبو آهي. اڳيان پوئتي وڃڻ لاءِ يا پويان اڳتي اچڻ لاءِ ڳليءَ تي هلبو آهي. ملاح ونجهه ڳليءَ تي هلي جهلائيندا آهن. ڳلي ڄڻ ته ٻيڙيءَ جو رستو آهي .

توڏي: شيکلي جي مور کان هيٺ ڪاٺ جي پٽي هڻندا آهن، جنهن جو مطلب هوندو آهي ته رسا ڇڪڻ تي هيٺ نه سِرِڪن . شيکلي جي چوٽيءَ کي مُور چوندا آهن. مور جي هيٺان ٻه کپا ڪيل ڳرنال لڳل هوندا آهن، -جن- ۾ روڌ يعني ڦيٿا پيل هوندا آهن. ٻن روڌن جي وچ واري ڪِليءَ کي مصري چوندا آهن. روڌن تي بسلو چڙهيل هوندو آهي. هڪ ‘پوٺي‘، هڪ ’ڪڇي‘ ڏي ٻڌبو آهي ۽ ٻيو ٻئي ڪڇي جي پاسي ٻڌبو آهي. اڳيان ڇاٻاهي ٻڌل هوندي اٿس. ڇاٻاهيءَ ۾ ٻن ٽن ۽ چِئنِ روڌن واريون ڪُپيون لڳل هونديون آهن. شيکلو ڪپيءَ تي ڇاٻاهيءَ ۾ ساهي آسانيءَ سان اڀو ڪري سگهبو آهي. شيکلي کي ٻنهي پاسن کان تاليا پيل هوندا آهن. تالين جي مٿئين حصي ۾ لوهي تار به ڪم آڻيندا آهن، جنهن کي ڪاري ڏاس يا رنگين سُٽَ سان جڙيندا آهن. ان کي ’جود‘ مڙهڻ چوندا آهن. هيٺئين حصي ۾ ڪُپيءَ سان هڪ روڌي، ٻه روڌي يا ٽه روڌي ڪُپيءَ تي رسا چاڙهي، اڌير تي لڳل ڪولابن ۾ تالين جا ڪڙا لڳائي، تاليا ساهي ڇڏيندا آهن. پوٺي مٽائڻ تي تاليا شيکلي کي جهلي بيهندا آهن، تاليا گويا پوٺن جي جهل آهن. تالين جا چند قسم آهن. چوٽيءَ وارا تاليا ۽ ڀانڊاري تاليا .

چوٽيءَ وارو تاليو: هي رسن جو تاليو، مورِ هيٺان وجهندا آهن .

اڏي وارا چوٽ: اهي رسا، جن جا ڪڙا اڏي ۾ هڻبا آهن، تن کي اڏي وارا چوٽ چئبو آهي .

ڀنڊاري تاليا: هي تاليا، هِڪُ، هڪ اڌير ۾ ۽ ٻيو ٻيءَ اڌير ۾ لڳندو آهي. هن جي هيٺئين پاسي پڻ رسا ڪپيءَ سان ڇڪبا آهن .

آڏ يا آلات چاڙهڻ: شيکلي کي اُڀي بيهاڻ کان پوءِ آلات کڻي ٻيڙيءَ جي اندرئين پاسي رکندا آهن. آڏ کي وچ تي سلو ٻڌندا آهن، جيڪو ٻن رسن جو هوندو آهي. سلي جو هر هڪ پاند، شيکلي جي ڳرنالن يا ڳلن مان روڌن مٿان چاڙهبو آهي .

ڇڪ: ڇڪ ڪُپيءَ سان هوندي آهي. ڪپيءَ جي زور تي آڏ يا آلات مٿي کڻندا آهن. آڏ يا آلات مٿي کڻڻ يا ڪو ڳرو بار ٻيڙيءَ ۾ چاڙهڻ لاءِ گڏجي زور لڳائڻ وقت هڪ ماڻهو لوڪ گيت وانگر سُر يا ترنم سان آلاپ ڪندو آهي ۽ ٻيا ’هيسايا‘ چوندي گڏجي زور لڳائيندا ۽ آڏ يا بار مٿي کڻندا آهن. ان ترنمي آلاپ کي ملاح ’جواب‘ چوندا آهن .

سيلنگ: ڪپيءَ جي زور تي جڏهن ڪو ڳرو بار کڻي ٻيڙيءَ ۾ لاهبو آهي ته ان کي ’سيلنگ‘ تي بار کڻڻ چوندا آهن. سيلنگ تي بار کڻڻ جو مطلب ٿيندو بار ماڻهوءَ جي کڻڻ کان وڌيڪ يا وڏي وزن وارو آهي. بار ڳرو هوندو آهي ته پوءِ ڪپي استعمال ڪبي آهي .

آلات ۾ ڪم ايندڙ رسا: (1) سلو، (2) ڏانڊاڙ ٿلهو، (3) ڏانڊاڙ سنهو، (4) مرڪ، (5) پيڇَي، (6) گهوگهو، (7) گهوڙو، (8) چوٽ .

ٿلهو ڏانڊاڙ: هي ڏانڊاڙ آلات جي هيٺئين پاسي يعني مُنڍ ۾ ٻڌبو آهي. ڪُپيءَ ۾ ڪم آڻڻ واري ٿلهي رسي کي ٿلهو ڏانڊاڙ چئبو آهي. ڏانڊاڙ جو ڪم آهي آلات جهلڻ، آلات کي ڦيرائڻ وقت ڏانڊاڙ کي هيڏي هوڏي ڦيرائبو آهي .

سنهو ڏانڊاڙ: هن ڏانڊاڙ جو به ساڳيو ڪم آهي. -ٿلهو- ۽ سنهو ڏانڊاڙ ٻئي ڇڪي ڇڏبا آهن ۽ ضرورت مطابق انهن کي ڍرو ڪري يا ساهي ڇڏبو آهي. اها ضرورت واءَ جي مٽجڻ ڪري محسوس ٿيندي آهي .

مرڪ: مرڪ هڪ روڌي ڪُپيءَ سان آڏ جي پوئين حصي ۾ ٻڌل هوندي آهي، جنهن لاءِ تخت ۾ وچ تي تخت جي ٻنهي پاسي تي ٽي ڪولابا لڳل هوندا آهن. مرڪ کان سواءِ ٻيو رسو، آڏ ۾ ٻڌبو آهي، جڏهن ته تيز واءُ لڳندو آهي ته ملاحن کي گمان ٿيندو آهي ته متان مرڪ ٽٽي پوي، ان ڪري ٻيو رسو مضبوطيءَ لاءِ ٻڌندا آهن، جنهن کي ’پيڇي‘ چئبو آهي .

گهوگهو: واءَ جي مٽجڻ ڪري آڏ، آٽ هڻندي يعني ڦرندي آهي، ان ڪري آڏ ۾ رسو، گهوگهي وانگر شيکلي ۾ ٻڌبو آهي، ان ڪري ملاح ان کي ’گهوگهو‘ چوندا آهن .

گهوڙو: دامڻ جي وچ تي رسو ڇڪي ٻڌندا آهن ته جيئن سڙهه آٽ نه هڻي، ان کي گهوڙو چوندا آهن .

چوٽ: شيکلي جي مور ۾ مُهري جي ڪولابي ۾ هڪ رسو ٻڌبو آهي، جنهن کي چوٽ متيلو به چوندا آهن .

آڏ يا آلات جا گوش: آلات يا آڏ پوئتي سنهي ٿيندي ويندي آهي، جنهن کي ڊگهي بنائڻ لاءِ ان سان گوش نپيندا آهن. اڃا به ڊگهي ڪرڻ لاءِ کوٽ به چاڙهبي آهي. آڏ تي گوشن مٿان رسي جون ٻنڌيون چاڙهيندا آهن. جن جي مٿان بوران جي ڪپڙي جون ٽپرون چاڙهيندا آهن .

نپُ: ٻن ڪاٺين يا ٻن ڦرهن کي نپَ ڏيڻ لاءِ ٻنهي پاسن کي کپ ڏئي هڪ ٻئي جي مٿان رکي هڪجهڙا جوڙا ملائبا ۽ پوءِ ڪِلُ يا ڪِيرُ هڻي بند ڪبا آهن .

گوش: آڏ جي اڳيان پويان چاڙهيل ڪاٺ جي ٽڪرن کي گوش چئبو آهي، آڏ جي پوئين چڙهيل گوش کي ’کوٽي‘ چوندا آهن .

سڙهه: ٻيڙين جي سڙهن کي سُڪيءَ تي ٺاهيندا آهن، بندر جي تڙن تي پهرين زمين تي سَڙهه ٺاهڻ جي رٿا تيار ڪندا آهن، جنهن ۾ سڙهه جو نقشو تيار ڪري ڪِليُون هڻندا آهن. پوءِ ٿلهو ڪپڙو، جنهن کي بوران جو ڪپڙو چوندا آهن، انهيءَ جي بر يعني ڪپڙي جي ويڪر هڪ پاٽ شمار ڪندا آهن ۽ ان جي ڊيگهه رٿا جي حساب سان ’رڱو هڻندڙ‘ سڙهه ٺاهيندڙ جهليندو آهي. ڪٿي ڊگها پاٽ رکبا آهن، ڪٿي قدري ننڍا پاٽ جهلبا آهن، سڙهه جي چوڌاري رسيءَ جا ويڙهه ڏبا آهن .

ننڍا پاٽ يا پاسن وارا پاٽ: ننڍن پاٽن کي ملاح ’ڦڙڪا‘ چوندا آهن. ويڙهن سان سبيل سڙهه مضبوط رهندو آهي. پاٽن کي هڪ ٻئي سان سُئيءَ سان ٽوپو ڏئي تيار ڪبو آهي ۽ ويڙهن کي اڳڙين سان مٿان ويڙهبو آهي. ويڙهه پڻ پاٽن جي بچيل پاندن سان سبيا ويندا آهن. سڙهه ۾ دامڻ جو رسو ٻڌبو آهي. مونڍي وٽ ڪارو ڏاس جو ٻورو کولي اڌ پاٽ کان به ننڍو پاٽن وانگر سبي ڇڏيندا آهن. سڙهه جو مونڍو به ڪپيءَ تي هوندو آهي، جنهن سان سڙهه کي تِڻي ۽ ڍرو ڪري سگهبو آهي. دامڻ کي گهڻي ساهڻ لاءِ سَجهه لڳائيندا آهن. سَجههَ گهڻي ڀاڱي اُتمڻيءَ ۾ لڳائيندا آهن .

سَجھهَ: ٻن ڪُپين سان دامڻ ڇڪڻ لاءِ سَجهه جو هڪ ڪڙو جتي دامڻ سڙهه ۾ ٻڌل هوندو آهي، ان ۾ وجهندا آهن. ستمڻيءَ ۾ سجهه گهٽ استعمال ٿيندي آهي، باقي اُتمڻيءَ ۾ سَجههَ سان سڙهه کي ساهبو آهي، ته جيئن واءُ جهلي سگهي .

سُتمڻي: آڏ، شيکلي جي اڳيان ساڄي پاسي هوندي آهي. سڙهه تالين ۽ پوٺين کان ڇٽل ۽ آزاد هوندو آهي ته ان کي سُتمڻي چوندا آهن .

اُتمڻي: سڙهه تالين ۽ پوٺين جي مٿان پيل هوندو آهي ته ان کي اُتمڻي چوندا آهن. اتمڻيءَ ۾ آڏ شيکلي مٿان ڦري ايندي آهي .

منجهه ورائڻ: هنديءَ ۾ منجهه، آڏ يا آلات کي چوندا آهن، آڏ کي اڀو ڪري هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڦيرائيندا آهن. آڏ کي اُڀو اُن ڪري ڪندا آهن ته جيئن مُور ۽ بانبٽيءَ ۾نه ڦاسي. آڏ سان گڏ سڙهه به مٽجي ٻئي پاسي ايندي آهي. هڪ جوان تڪڙو دامڻ کڻي هڪ ڳليءَ يا ڳڙهه سان ڊوڙي ٻي ڳلي ڏئي پوئينءَ ڦتيءَ جي منيءَ ۾ وڃي ور وجهندو آهي. اهو آڏ جو بدلائڻ واءُ جي مٽجڻ سان ٿيندو آهي. واءُ جيڪڏهن ساڳيو هوندو آهي، پر درياهه جي وَرَ جو طرف بدلبو آهي ته منجهه مٽائڻ جي ضرورت پوندي آهي .

ٻيڙيءَ جو سڙهه: ٻيڙيءَ جو سڙهه ڏهن پاٽن کان ويهن پاٽن جو ٿيندو آهي. محفل (ٻيڙي) ۽ گرڙ (بتيلي) ۾ مٿي به پاٽ هوندا آهن، ڇو جو اهي وڏيون ٻيڙيون آهن .

سڙهه جي پَڻڪَ: سڙهه جي پوئين حصي کي پَڻَڪ چئبو آهي .

سڙهه جا ساڪا: سڙهه کي بند ڪرڻ لاءِ ڪاهينءَ جا ساڪا ٿيندا آهن. ڪاهين، ڪانهن جي ڪچن تيلن کي ڪٽي ان کي هٿ سان وٽ ڏئي تيار ڪندا آهن. وَر ڪچو رکبو آهي، جيئن سَٽَ لڳڻ سان ساڪا سڀ ٽٽي پون ۽ سڙهه کلي پوي. ساڪن هڻڻ وقت ڏانڊاڙ ساهَي آلات کي اُڀو رکبو آهي، جيئن سڙهه جو ڪپڙو آلات جي ويجهو ايندو آهي، ٽن کان ستن تائين همراهه آڏ تي چڙهيل هوندا آهن. اُهي هڪ ٻئي جي مٿان آڏ تي چڙهيا بيٺا هوندا آهن. الله توهار ٿي ته هڪ هٿ ۽ هڪ ٽنگ سان سڙهه کي ڇڪي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندا آهن. پوءِ سڀ ڪپڙي يعني سڙهه جي هيٺان ايندا آهن. ان بعد ساڪا يعني، نوڙيءَ جا ٽڪرا اڳ ۾ ڪَٽي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ويندا آهن. تکي واءَ يا طوفان جي حالت ۾ سڙهه کي وٺڻ لاءِ (ملاح سڙهه ٻڌڻ کي ’سڙهه وٺڻ‘ چوندا آهن)، وڌيڪ ماڻهو آلات تي چاڙهبا آهن ته جيئن سڙهه جلد وٺي سگهجي. سڙهه جي هيٺان ڦريل جوانن کان جيڪڏهن سڙهه ڇڏائي ويو ته پوءِ اهي هيٺ ڪرندا ويندا آهن. ان ڪري کري يا تکي واءَ ۾ آڏ جو هڪ ٻه ڇَڪي کولي سڙهه کي بند هڻندا آهن. ڇڪيون مضبوط ڪاٻار جون ٿينديون آهن ۽ اهي ساڪن وانگر ٽٽنديون نه آهن .

ڇَڪيون: سڙهه جي مٿئين پاسي ويڙهن م فوٽ ڏيڍ فاصلي تي ڪاٻارجي رسيءَ جا اڪثر ٽڪرا ٻڌي، پوءِ انهن کي آلات سان ٻڌبو آهي، جن کي ٻيڙيائت ’ڇڪيون‘ سڏيندا آهن. ڇڪين سان آلات يا آڏ ۾ سڙهه ٻڌبوآهي. مينهن يا طوفان ۾ سڙهه ڇوڙي، اُن جي مٿان پکو هڻندا آهن، جيئن سڙهه ڀڄي نه سگهي. سڙهه کي کنجيءَ مٿان پکو هڻي رکندا آهن. پکي جي لام کنجيءَ جي ڦالڪي يا ڇت کان مٿي هوندي آهي. پکي جون ڇڙهون يا ٿوڻيون به ٻيڙيءَ ۾ رکيل هونديون آهن ۽ رڳو هنگامي حالت ۾ ڪڍي ڪم آڻبيون آهن. برسات ۾ پکا آڳيلي پاڇيلي دالان ۽ کنجيءَ تي آڏيءَ ۽ شاکي اڏيءَ جي وچ ۾ (جيڪو ٻيڙيءَ جي ترجو حصو آهي) هوندا آهن. ان کي ٻيڙِيءَ جو لَڪُ چوندا آهن. لَڪ ۾ بار وجهبو آهي، ٻيڙيءَ جي لَڪ ۾ پَسُن ڍڪڻ لاءِ ڪاٺ جا ڍڪ هوندا آهن، جن کي تُوتَڪَ چئبو آهي. آڏي ۽ ڇاٻاهيءَ واري آڏيءَ جي وچ تي بچيل حصي ۾ به بار ڀريندا آهن، يا سامان رکبو آهي، ان جي مٿان آڏي جي سنوت ۾ دالان جو توتڪ هوندو آهي. توتڪ جي هيٺان پسن جي مٿان به توتڪ پيل هوندا آهن. توتڪن جي ڪري پَسُن ۾ گند ڪچرو نه پوندو آهي. توتڪ مٿي به کلي سگهندا آهن. جن کي مٿي ڳليءَ تي کولي، ٻاهران ڇنڊي، پوءِ ساڳيءَ جاءِ تي رکبو آهي . ٻيڙن جا رسا، شيکلي، آڏ ۽ سڙهه جي رسن کان سواءِ ٻيا به هوندا آهن، جن کي جدا جدا نالن سان سڏبو آهي، جهڙوڪ:

ڇيريون: ٻيڙيءَ کي ٻڌڻ لاءِ جيڪو رسو ڪم آڻبو آهي، ان کي پڳهه چئبو آهي. پڳهه واري رسي کي ’ڇيري‘ به چوندا آهن. ڇيري ڪاٻار جو -ٿلهو- وٽيل رسو هوندو آهي .

چئن جي ڇيري: اُها ڇيري جنهن ۾ ٿلهو لوهه جو زنجير يا چئن (Chain) ٻڌل هوندي آهي، -ان- کي اڇلائڻ کان اڳي ڇيريءَ ۾ ٻڌي مضبوط ڪري، پوءِ درياهه ۾ اڇليندا آهن .

ناتاريءَ واري ڇيري: ناتاريءَ جي ڪڙي ۾ ٿلهو رسو ٻڌي، جڏهن ناتاريءَ کي درياهه ۾ اڇليندا آهن، ته ان رسي کي ناتاريءَ جي ڇيري چئبو آهي .

رَس: اهو رسو شيکلي جي مور ۾ ٻڌبو آهي، هي رس واءَ نه لڳڻ يا ونجهه نه لڳڻ ڪري همراهه ڪناري تي کڻي ويندا آهن ۽ ان سان ٻيڙيءَ کي اڳتي ڇڪيندا آهن. رَس جي منڍ ۾ چيلهه ۾ وجهڻ لاءِ رسي کي ٻٽو ڪندا آهن، جنهن کي ’مونڍو‘ چوندا آهن. مونڍو معنيٰ وارو ان کان پوءِ ان رس ۾ ڪاٺ جا گهڙيل ڳيٽيءَ جيڏا ٽڪر پيل هوندا آهن، جن کي سهُيلا چوندا آهن. انهن سهيلن ۾ بلٽ نما رسا هوندا آهن، جن کي ’ڪڙاها‘ چوندا آهن. منڍ ڇڪڻ واري کي ’مونڍائي‘ چوندا آهن. مونڍائيءَ جي پويان سهيلن ۾ ڪڙاها وجهي همراهه يا جوان رس ڇڪيندا آهن،جن جي زور ڏيڻ سان ٻيڙي اڳتي وڌندي آهي .

ونجهه: ٻيڙيءَ جا ملاح هڪ ڪلهي ۾ ونجهه ڏئي ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪيندا آهن. جوان ونجهه ٻيڙيءَ جي ٻنهي ڳلين سان جهلائيندا آهن. ونجهه درياهه جي هيٺين مٽيءَ ۾ رنڊائي ڪلهي جو زور ڏيندا آهن، جنهن کي ونجهه جهلائڻ چوندا آهن .

آڳيلي اوڀر: مهرن جي سراڙن کان پوئتي ٻيڙيءَ جا اوڀرهوندا آهن. جن مان اڳئين کي آڳيلي اوڀر چئبو آهي ۽ پوئين کي پاڇيلي اوڀر چئبو آهي. ٻيڙي پتڻ ڪنهن مقرر تڙ تي ڪندي آهي، يعني هن ڀَر جا ماڻهو، مال ۽ سامان کڻي هُن ڀر پهچائڻ ۽ هُن ڀر جو مال ۽ سامان هِن ڀر پهچائڻ کي پتڻ چوندا آهن. پتڻ جي ٻيڙيءَ کي واڙا نه هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ اُٺ ۽ ڍڳا پڻ چڙهندا آهن. واڙن جي ڪري اٺ، گهوڙا، ڏاند ۽ مينهون نه چڙهي سگهنديون آهن .

ٻيڙيءَ جا واڙا: ٻنهي ڳلين يا ڳَڙهن جي ٻاهرئين پاسي واڙو چڙهندو آهي، جنهن جو مطلب هي ٿيندو ته بار سبب جڏهن ٻيڙيءَ جا ڪڇا پاڻيءَ ۾ هيٺ ٿي ويندا آهن ته لهر جي پاڻيءَ اٿلڻ جي بچاءَ کان ’واڙا‘ چاڙهبا آهن. واڙي جي ڦرهي ٿولهه ۾ ڏيڍ ٻه انچ هوندي آهي. واڙي جي ويڪر ڏيڍ فوٽ کان ٽن فوٽن تائين ۽ ڊيگهه ٻارهن هٿن کان ويهن هٿن تائين به ٿيندي آهي .[1]

حوالا

[سنواريو]