عيسيٰ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

حصرت عيسيٰ (Jesus Christ) جي حوالي سان مختلف مذهبن ۾ مختلف روايتون قائم آهن. اسلام مطابق هُو الله جو هڪ سچو نبي هو ۽ هُو مريم جي پيٽ مان بيت الحم ۾ پيدا ٿيو. مسلمان سمجھن ٿا ته الله يهودين جي اصلاح لاءِ موڪليو عيسيٰ (عيسا) کي نبي ڪري موڪيلو هو. عيسيٰ جا خاص 12 ساٿي يا مريد هئا، جيڪي حواري سڏائيندا هئا.

هڪ مذهبي جشن جي موقعي تي هن جا حواري يروشلم ويا ان وقت رومي حڪومت فيصلو ڪيو ته هي باغي آهي، پوءِ کيس گرفتار ڪري رومي حاڪم پبلاطس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کيس صليب تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو. مسلمانن جي پاڪ ڪتاب قرآن مطابق نه هن کي قتل ڪيو ويو هو ۽ نه ڦاسي ڏني ويئي بلڪه دشمنن کي شڪ ۾ وڌو ويو آهي.

قرآن مقدس ۾ حضرت مسيح ۽ ان جي پوئلڳن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا آيو آهي، قرآن جي ان حصي جو اڀياس ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته حضرت مسيح ؑ جي زندگيءَ ۾ هڪ اهم خاص مثال ملي ٿو. ان مثال جو لاڳاپو تحريڪ سان آهي. اسلامي تحريڪ يا خدا پرستيءَ واري دعوت کي ڪهڙيءَ ريت هلايو وڃي ۽ مختلف عنصرن سان ڪهڙيءَ ريت مقابلو ڪجي. ان جو هڪ خاص نمونو حضرت مسيح ۽ ان جي پوئلڳن وٽ ملي ٿو.

قرآن شريف ۾ مسلمانن کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡۤا اَنۡصَارَ اللّٰہِ کَمَا قَالَ عِیۡسَی ابۡنُ مَرۡیَمَ لِلۡحَوَارِیّٖنَ مَنۡ اَنۡصَارِیۡۤ اِلَی اللّٰہِ ؕ قَالَ الۡحَوَارِیُّوۡنَ نَحۡنُ اَنۡصَارُ اللّٰہِ فَاٰمَنَتۡ طَّآئِفَۃٌ مِّنۡۢ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ وَ کَفَرَتۡ طَّآئِفَۃٌ ۚ فَاَیَّدۡنَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا عَلٰی عَدُوِّہِمۡ فَاَصۡبَحُوۡا ظٰہِرِیۡنَ (الصف: 16)

”اي ايمان وارو! الله جي دين جا مددگار ٿيو. جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجي حوارين کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير آهن؟ انهن حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون. پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت ايمان آندو ۽ هڪ جماعت ڪافر ٿي، پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني، پوءِ اهي غالب ٿيا.“

قرآن جي هن آيت سڳوريءَ ۾ فَاَیَّدۡنَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا عَلٰی عَدُوِّہِمۡ ۔ جا لفظ تمام گهڻي ڌيان ۽ غور جي قابل آهن.


هن آيت ۾ قوت (Strength) مان ڪهڙو مطلب آهي. ۽ دشمنن تي غلبو حاصل ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي. اهو نهايت اهم سوال آهي. مسيحيت کي پنهنجي شروعاتي دور ۾ فلسطين جي يهودين طرفان سخت قسم جي دشمنيِءَ سان واسطو آيو، ايتري قدر جو اهي حضرت مسيح ؑ کي قتل ڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويا. تاريخ ۾ ان جو ڪو ثبوت ناهي ته حضرت مسيح ؑ جي پوئلڳن انهن جي مقابلي ۾ جنگي هٿيار استعمال ڪيا هجن ۽ انهن جي ذريعي هنن پنهنجي دشمنن تي سوڀ ماڻي ورتي هجي. اهڙيءَ حالت ۾ آخر اها ڪهڙي قوت هئي، جيڪا انهن جي لاءِ پنهنجي دشمنن جي مٿان فتح ۽ غلبي جو سبب بڻجي.

ان جو جواب قرآن ۾ اهو ملي ٿو ته الله تعاليٰ مسيح ؑ جي پيروي ڪندڙن منجهه خاص طور تي هڪ اخلاقي ۽ روحاني صفت پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا مادي هٿيارن کان سواءِ جنگ کٽڻ جي صلاحيت رکندي هئي. قرآن مجيد حضرت مسيح ؑ ۽ سندس ساٿين جو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي ته:


وَ جَعَلۡنَا فِیۡ قُلُوۡبِ الَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُ رَاۡفَۃً وَّ رَحۡمَۃً ؕ (الحديد: 27)

”۽ جن سندن تابعداري ڪئي، تن جي دلين ۾ اسان نرمي ۽ مهرباني رکي.“


انهيءَ آيت سڳوريءَ ۾ مسيحءَ جي پوئلڳن جي لاءِ جنهن مهر، ٻاجهه ۽ رحمت جو ذڪر آهي، اهو پيرويءَ کان پوءِ جو واقعو آهي. نڪي پيرويءَ کان اڳ جو. يعني ان جو مطلب اهو ناهي ته، ماڻهو پهريان کان ئي مهرباني ۽ رحمت ساڻ ڪري پيدا ٿيا هئا، بلڪه ان جو مطلب هيءُ آهي ته حضرت مسيحءَ جي ذريعي انهن کي جيڪو دين سيکاريو ويو هو. ان، منجهن اهو جذبو پيدا ڪيو. ٻين لفظن ۾ هيءُ ته فلسطين ۾ جڏهن کين يهودين جي دشمنيءَ وارين ڪاررواين جو معاملو آڏو آيو ته، ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ انهن کي ٽڪراءُ جي تعليم ڏيڻ بدران اها تعليم ڏني وئي ته ٻاجهه، مهرباني ۽ رحمت سان ان جو مقابلو ڪريو. اها ئي ڳالهه خود انجيل مان به معلوم ٿئي ٿي. (لوقا ـ باب: 6)

ان تي ويچارڻ سان ڄاڻ پوي ٿي ته حضرت مسيحءَ جي پوئلڳن کي جيڪا طاقت ڏني وئي، اها مهرباني ۽ رحمت جي طاقت هئي، انهيءَ امن واري هٿيار جي ذريعي اهي پنهنجي دشمنن تي اهڙيءَ ريت غالب ٿيا جو، جيڪي ماڻهو اڳ سندن دشمن هئا، اهي دوست بڻجي، سندن صف ۾ شامل ٿي ويا. اهڙيءَ ريت انهن جي عددي قوت ايتري وڌي وئي جو، خود اها ئي عددي اڳڀرائي انهن جو غلبي جي ذريعو بڻجي وئي.

ان سلسلي ۾ حضرت مسيح ؑ پنهنجي پوئلڳن کي جيڪا تعليم ڏني هئي، اها انجيل پاڪ ۾ تفصيل سان موجود آهي. ان جا ڪجهه حصا هتي نقل ڪجن ٿا. مان توهان کي چوان ٿو ته پنهنجي دشمنن سان محبت رکو. جيڪي توهان سان دشمني رکن، انهن جو ڀلو ڪريو. جيڪي توهان تي ڦٽڪار ڪن، انهن جي لاءِ برڪت گهرو. جيڪي توهان جي تذليل ڪن، انهن جي لاءِ دعا گهرو. جيڪي توهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻن ته اوهان ٻيو ڳل به انهن ڏانهن ڦيريو ۽ جيڪي توهان جو لباس لٽن، انهن کي قميص کڻڻ کان به نه روڪيو. (لوقا ـ باب: 6)

يهودين فريسين يسوعءَ کان پڇيو ته ڇا قيصر کي جزيو ڏيڻ گهرجي يا نه. يسوع ؑ جواب ڏنو ته جيڪو قيصر جو آهي، قيصر کي ۽ جيڪو خدا جو آهي، اهو خدا کي ادا ڪريو. (متي ـ باب : 22)

اسان کي خبر آهي ته حضرت مسيح ۽ سندس پيروڪارن کي فلسطين ۾ پهرين ڏينهن کان ئي سخت مخالفت ۽ دشمنيءَ سان منهن ڏيڻو پيو. انهن جا اهي دشمن، يهودي هئا، جيڪي ان وقت ان علائقي ۾ سگهاري حيثيت رکندڙ هئا. انهن پنهنجي ان دشمنيءَ وارين ڪاررواين ۾ اتان جي رومي حڪمرانن کي به پنهنجو طرفدار بڻائي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ حضرت مسيح ۽ سندس پيروڪارن جي لاءِ اتي تمام گهڻو اڻوڻندڙ ماحول جڙي پيو.

هاڻ هڪ حل اهو هو ته حضرت مسيحءَ جا پيروڪار نفرت، تشدد ۽ ٽڪراءَ جي رستي تي هلن. اهي شهادت جون جذباتي تقريرون ڪري مسيحن کي وڙهڻ ۽ مرڻ جي لاءِ راضي ڪن، پر ان سخت ماحول ۾ به حضرت مسيح ؑ انهن کي محبت جو پيغام ڏنو. هن چيو ته توهان پنهنجي دشمنن سان نفرت نه ڪيو بلڪي ساڻن محبت وارو سلوڪ ڪيو.

”دشمن سان محبت ڪيو.“ جو مطلب اهو آهي ته توهان دشمن جا خير گهرندڙ ٿيو. دعوت جو بنياد اهائي خيرخواهي آهي. دعوت سچ پچ ته انساني محبت جو اظهار آهي. حضرت مسيح جڏهن دشمن سان محبت ڪرڻ تي زور ڀريو ته، ان جو مطلب هيءُ هو ته توهان ماڻهو سڀني انسانن سان خيرخواهي ڪريو. ايتري قدر جو پنهنجي دشمنن سان به. توهان هر ماڻهو جي هدايت جا طلبگار بڻجو. چاهي اهو توهان جو سڄڻ هجي يا مخالف. چاهي اهو توهان جي آوڏو هجي يا توهان کان پري.

حضرت مسيح جو اهو چوڻ ته: ”جيڪو قيصر جو آهي، قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آهي، خدا کي ڏيو.“ ان جو مطلب هيءُ هو ته وقت جي حڪمران سان سياسي ٽڪراءُ ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ائين نه ٿئي جو توهان جو سڄو وقت ناڪاري ٽڪراءَ ۾ گذري وڃي ۽ غير سياسي ميدان ۾ هاڪاري جدوجهد جا جيڪي امڪان آهن، اهي استعمال ٿيڻ کان رهجي نه وڃن. اهڙيءَ ريت حضرت مسيح ؑ جو اهو چوڻ هو ته، ”جيڪو توهان کان ڪرتو گهري، اوهان ان کي پنهنجو جبو به ڏئي ڇڏيو.“ اها به ڪا بزدليءَ جي تعليم نه هئي. ان جو مطلب هي هو ته ڪنهن سان ڪو جهيڙو ٿي پئي ته، ان کي جلدي ختم ڪريو. پوءِ اهو هڪ طرفي سمجهوتي (Unilateral Adjustment) جي ذريعي ئي ڇو نه هجي. ان پاليسيءَ کي ٿورن لفظن ۾ هن ريت چئي سگهجي ٿو ته مسئلن کان بچو ۽ موقعن کي استعمال ڪريو. ان پاليسيءَ تحت حضرت مسيح ؑ پنهنجي ساٿين کي هجرت جو مشورو ڏنو. يعني اهي ماڻهو فلسطين کان نڪري، ڀرپاسي جي علائقن ڏانهن هليا وڃن ۽ اتي امن ۽ سلامتيءَ سان رهي، ماڻهن جي خدمت ڪن.

ان واقعي جو ذڪر انجيل ۾ هن ريت آيو آهي:

مسيح جا يارهن شاگرد گليل جي ان جبل تي ويا، جيڪو يسوع سندن لاءِ مقرر ڪيو هو. يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته توهان وڃي سڀني قومن کي شاگرد بڻايو ۽ کين تعليم ڏيو ته انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن، جن جو مون توهان کي حڪم ڏنو آهي. (متي ـ باب 28)

حضرت مسيح جي هدايت مطابق انهن جو طريقو هي هو ته سياسي حڪومت سان ڪنهن قسم جو ڪو مهاڏو نه اٽڪائين. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو تڪرار ٿي پوي ته ان کي هڪدم هڪ طرفو ٿي ڪري حل ڪن. اهي ماڻهن سان محبت ۽ خير خواهي واري هلت هلن. ان جو نتيجو هي نڪتو جو مسيحيت تيزيءَ سان ماڻهن ۾ پکڙجڻ لڳي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٿوري وقت ۾ مسيحيت مختلف ملڪن ۾ پکڙجي وئي. مثال طور: روم، يونان، شام، مصر، سوڊان، حبش، اتر آفريڪا، جارجيا، آرمينيا، مالابار ڪوسٽ وغيره. حضرت مسيح کان پوءِ شروعاتي پنجن صدين ۾ مسيحيت جهڙيءَ ريت دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙي، ان جو تفصيل هيٺ ڏنل ڪتابن ۾ ڏسي سگهجي ٿو:


  • (Harnack: Mission and Expansion of Christianity in the first Three Countries (1902
  • (Kenneth Scott Latourette: History of the Expansion of Christianity (1945

ٻه هزار سال اڳ حضرت مسيح جي صليب تي چڙهڻ کان پوءِ مسيحيت لڳاتار پکڙجندي رهي. حضرت مسيحءَ جي تعليم جي مطابق، سندن پوئلڳن جي آڏو رڳو ٻه نڪاتي پروگرام هو. هڪ محبت ۽ ٻيو دعوت. هڪ طرف محبت ۽ امن واري دعوت جي انهيءَ اصول کي گڏ کڻي اهي وڌندا رهيا، ايتريقدر جو اهي يورپ تائين پهتا. ان وقت يورپ جي گهڻي حصي تي. رومي بادشاهت جي سياسي حڪومت هئي. شروعات ۾ انهن کي رومي بادشاهت پاران سخت تڪليفن (Persecution) سان منهن ڏيڻو پيو. پر اهي ٽڪراءُ کان پري رهندي، پنهنجو مشنري ڪم پر امن طور تي ڪندا رهيا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 337ع ۾ خود رومي حڪمران ڪانسٽنٽين پهرين (Constantine-1) مسيحيت کي قبول ڪيو. هيءُ الناس علی دین ملوکھم۔ يعني ”ماڻهو پنهنجي بادشاهه جي دين تي هلن ٿا“ جو زمانو هو. ان ڪري ٿوري ئي وقت ۾ يورپ جي گهڻي آباديءَ مسيحيت کي قبول ڪيو. رومي بادشاهه 337ع ۾ مسيحيت کي قبول ڪيو هو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=307
  2. ڪتاب: انسانيت جي تعمير، مولانا وحيد الدين خان