حوالو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

حوالو انگريزيءَ ۾ (Reference) جي معنيٰ آهي ’نسبت‘، ’تعلق‘ يا ’واسطو‘ ۽ ’لاڳاپي جي شاهدي‘ وغيره. ڪابه نئين تحقيق، اڳ ٿيل تحقيقن جي مدد سان پيش ڪئي ويندي آهي، تنهن ڪري پنهنجي ڳالهه جي پٺڀرائي ۽ شاهدي حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن سان اختلاف راءِ ظاهر ڪرڻ ۽ ڪنهن جي تحقيق ۾ اصلاح يا واڌاري خاطر، تحقيقي مقالي ۾ ٻين محققن جي تحقيق جا حوالا (Reference) پڻ ڄاڻايا ويندا آهن.

تحقيق[سنواريو]

تحقيقي مقالي ۾ ڌاريو مواد حوالي طور ڏيڻ کانپوءِ تحقيق جي اصول مطابق محقق تي اهو لازم هوندو آهي ته هو ڪوٽيشن بابت مڪمل معلومات پيش ڪري ته هن اهو حوالو ڪهڙي ذريعي تان حاصل ڪيو. حوالو ڪنهن محقق جي لفظن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيل مواد کي چئبو آهي ۽ ان کي ڪامائن جي نشانين (Quotation marks/Inverted Commas) سان ظاهر ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن مواد پنهنجن لفظن ۾ لکبو ته اهي نشانيون نه لڳائبيون آهن ۽ ان کي ڪوٽيشن نه چئبو. اهڙي مواد ۽ ڪوٽيشن بابت مڪمل معلومات کي خاص ترتيب سان پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن کي حوالو (Reference) چيو ويندو آهي ۽ حوالي کي مناسب جاءِ تي رکڻ/ ڏيڻ کي انگريزيءَ ۾ Citation چئبو آهي. تحقيقي حوالي ۾ حوالا ٽن هنڌن تي لکي سگھجن ٿا:

  • (1) هر صفحي جي هيٺ حاشيي يا فُٽ نوٽ ۾.
  • (2) مقالي جي آخر ۾.
  • (3) جديد ترين طريقو اهو آهي ته جملي جي آخر ۾ ڏنگين سان حوالو ڏنو ويندو آهي.

حوالي جي جڳه[سنواريو]

جڏهن مقالا/ ڪتاب ٽائيپ رائيٽرز تي ڇپجندا هئا ته پهرئين طريقي کي عام طور استعمال ڪيو ويندو هو. ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ ٻئي طريقي کي وڌيڪ هٿي ملي ۽ هاڻي حوالا گھڻو ڪري مقالي جي آخر ۾ ئي ڏنا ويندا آهن ۽ مقالي ۾ جتي ڪوٽيشن ڏنل هوندو آهي، اتي ترتيب سان نمبر لڳايا ويندا آهن. ڪي محقق نئين ۽ جديد طريقي موجب هر ڪوٽيشن جي پڄاڻيءَ تي نمبر لڳائڻ بجاءِ ليکڪ جو نالو يا ڪتاب جو عنوان ۽ اشاعت جو سن ۽ صفحو نمبر وغيره اشاري طور لکندا آهن ۽ انهن جي مڪمل معلومات وري مقالي جي آخر ۾ ڪتابيات يا ببليوگرافيءَ ۾ لکندا آهن.

طريقو[سنواريو]

تحقيقي ماهرن جي هڪ راءِ آهي ته ڪوٽيشن جي پڇاڙيءَ ۾ ترتيب سان نمبر ڏئي، آخر ۾ حوالن جي مڪمل معلومات ڏيڻ وارو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو طريقو سادو ۽ آسان آهي، جڏهن ته مغرب ۾ هاڻ ٽيون طريقو وڌيڪ رائج آهي. حوالي ڏيڻ جا طريقا: علمي تحقيق جو دائرو جيترو وسيع آهي، اوترو ئي ورهايل به آهي. اها ورهاست علم جي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق جي نمونن ۽ ضرورتن جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي. ٿوري گھڻي فرق سان مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق جون فني ۽ فڪري گھرجون هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿيون. مختلف شعبن ۾ حوالا ڏيڻ جا هونئن ته ڪيترائي طريقا آهن، پر عام طور سڄي دنيا ۾ حوالن ڏيڻ جا ٽي طريقا وڌيڪ اهم آهن جيڪي هيٺيان آهن:

  • (1) AMA (American Medical Association): حوالي ڏيڻ جي هن طريقي کي آمريڪا جي طبي ڊاڪٽرن جي تنظيم 1960ع ۾ متعارف ڪرايو. حوالي ڏيڻ جو هيءُ طريقو طب ۽ سائنس سميت ٻين علمن ۾ ٿيندڙ تحقيقي مقالن اندر حوالا ڏيڻ خاطر استعمال ڪيو ويندو آهي.
  • (2) (American Psychological Association) APA: ’آمريڪن سائڪولاجيڪل ائسوسيئيشن‘. هيءُ طريقو آمريڪا جي نفسيادانن متعارف ڪرايو. هن طريقي جو دائرو سماجي علمن جھڙوڪ: نفسيات، عمرانيات، سماجيات، سياسيات ۽ معاشيات وغيره جي شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق تائين پکڙيل آهي.
  • (3) MLA (Modern Language Association): MLA ’ماڊرن لئنگئيج ائسوسيئيشن‘ حوالن ڏيڻ جو هيءُ طريقو ٻولي ۽ ادب متعلق ٿيندڙ تحقيق سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ کانسواءِ لطيف فنن (Fine Arts) جي ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق لاءِ به هن طريقي کي استعمال ڪيو ويندو آهي. MLA واري طريقي کي جاري ٿيندي ڪيئي ڏهاڪا گذري چُڪا آهن. تازو ماڊرن لئنگئيج ائسوسيئيشن هن طريقي ۾ تبديليون ڪري ان متعلق ڪتاب شايع ڪيو آهي.

تحقيقي مقالن ۾ حوالي ڏيڻ جا مٿي ڄاڻايل ٽئي طريقا جيتوڻيڪ نهايت اهم آهن، پر موجوده وقت ۾ بين الاقوامي سطح تي تحقيق ڪرڻ لاءِ MLA وارو طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو. جنهن موجب حوالا ڏيڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. تحقيقي مقالي ۾ ڪوٽيشن طور کنيل مواد لازمي طور اصلي ٻوليءَ ۾ ڏنو ويندو آهي. تحقيقي مقالي ۾ ڪوبه حوالو هيٺينءَ معلوماتي ترتيب سان لکيو ويندو:

  • (1) ليکڪ جو نالو
  • (2) ڪتاب جو نالو
  • (3) ڪتاب ۾ شامل مضمون/ مقالي جو عنوان
  • (4) اخبار/ رسالي/ مخزن جو نالو
  • (5) جلد/ شمارو
  • (6) ڇپجڻ جو هنڌ
  • (7) ڇپائيندڙ ادارو/ پبلشر
  • (8) تاريخ/ سال
  • (9) ڪا ٻي معلومات
  • (10) صفحي جو نمبر.

حوالي ۾ مصنف جي ذات هميشه نالي جي اڳيان ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن سندس ڪو لقب آهي ته اهو آخر ۾ لکبو.[1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012