سسئي پنهون جو داستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
وڪيفاءِ ھن صفحي کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي. (نومبر 2018)
ڀنڀور قلعي جو فضائي منظر

راجا دلو راءِ جي زماني ۾ نانيا (نايون) نالي ھڪ ٻانڀڻ پنهنجي (منڌرنالي) گھر واريءَ [1] سان گڏ ڀانڀر واھ جي ڀر تي رھندو ھو [2]. جيڪي ٻئي اولاد لاءِ سڪايل ھئا. نيٺ پيريءَ ۾ کين ھڪ سهڻي نياڻي ڄائي جا سونھن ۾ چوڏھينءَ جي چنڊ کي بہ شه ڏيئي ويئي. پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو تہ سندس انگ ڪنھن مسلمان سان اڙيل آھي. سو نائونءَ ۽ سندس ناري منڌر پاڻ کي اھڙيءَ بدناميءَ کان بچائڻ لاءِ، ان خوبصورت نياڻيءَ کي وڏي افسوس سان هڪ صندوق (پيتيءَ) ۾ بند ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اِها صندوق درياھ جي لھرن ۾ لڙھندي، قضا سان اچي ڀنڀور جي ڀرسان ڪناري تي نڪتي. اُن وقت ڀنڀور شھر ۾ محمد نالي ھڪ ڌوٻي رھندو ھو، جنھن کي ”لالا“ جي نالي سان بہ سڏيندا ھئا. محمد ڌوٻي چڱيءَ پونجيءَ (پيسن) وارو ماڻهو ھو ۽ سندس ھٿ ھيٺ پنج سئو ڪاريگر ڪم ڪندا ھئا، پر ويچاري کي اولاد نصيب ۾ ڪونہ ھو. جڏھن ڪاريگرن جي نظر ان پيتيءَ تي پئي، تہ ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي پنھنجي استاد وٽ کڻي آيا. جنهن صندوق کي کولو تہ منجھس ھڪ سدا سھڻي ٻارڙي سُتل هئي، جنهن کي صندوق مان ڪڍي پنھجي گود لاتائين ۽ مٿس سسئي (ششي) نالو رکيائين.[3]

سندس زال سسئيءَ کي گھڻي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳي، گاذر جون اکيون بہ سسئيءَ کي ڏسيو پيون ٺرنديون ھيون، ھن سندس سک ۽ آرام لاءِ ھڪ عاليشان محلات اڏائي ان جي چوڌاري ھڪ وڏو باغ رکايو هو، جنهن ۾ هُوءَ پنھنجي سيليھن سان گڏجي وقت گزاريندي هئي.

ان زماني ۾ ڪيچ ۽ مڪران جا واپاري قافلا ڀنڀور جي شھر مان لنگھي، ٺٽي ۽ ٻين شهرن ڏانھن ايندا ويندا ھئا ۽ سسئيءَ جي سونھن جون ھاڪون ٻڌندا وتندا ھئا. نيٺ ڪن وڃي اھا خبر ڪيچ جي حاڪم آريءَ ڄام جي پٽ پنھونءَ کي سڻائي. ٻڌڻ شرط پنھونءَ جي دل ديواني ٿي پئي ۽ ھڪدم واپاريءَ جو ويس ڪري، ھڪ وڏو قافلو سنڀرائي، مشڪ ۽ عنبر جي انبار سان اچي ڀنڀور ۾ وارد ٿيو. کٿوريءَ ۽ خوشبوءِ سان سارو شھر واسجي ويو. سسئيءَ کي جڏھن اھڙي سرھي ساٿ جي اچڻ جي خبر پئي تڏھن عطر سودڻ (خريد ڪرڻ) جي ارادي سان سھيلين سميت پنھونءَ جي منزل تي وئي. سسئيءَ جي صورت ڏسي، پنھونءَ جو ھينئڙو ھيڪاري ھٿن مان ڇنائي ويو. ھوڏانھن وري سسئيءَ کي بہ پنھونءَ جي پيشاني پسڻ شرط پريت جو پيچ پئجي ويو.

نيٺ سسئيءَ پنھنجي اندر جو آواز ھڪ سکيءَ (سهيليءَ) سان اوري کيس منٿ ڪئي تہ ”ڪا تجويز ويڙاھي ابي کي ريھي ريبي، منھنجون پنھونءَ سان سڱ ڪراءِ.“ سھيليءَ وڃي ڌوٻيءَ سان ڳالھ ڪئي ۽ پنھونءَ جي شرافت ۽ دولتمنديءَ جي ساراھ ڪئي. پر ڌوٻيءَ انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”ھڪڙو تہ پنھون پرديسي آھي ۽ ٻيو تہ اسان جي ذات جو بہ نہ آھي“. پر سکيءَ کيس پڪ ڏني تہ پنھون پڻ ذات جو گاذر آھي ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن ويساھ نٿو اچيئي تہ کيس آزمائي ڏس“. کٽيءَ اھا ڳالھ قبول ڪئي. پوءِ پنھونءَ کي گھرائي آزمائش وٺڻ لاءِ ھن کي چيائين تہ ”ھڪ کيپ ڌوئي اچ“. پنھونءَ جا نازڪ ھٿ ڦرھي تي ڪپڙن سٽيندي لڦون ٿي پيا. نيٺ ڪپڙن کي ڌوئي اچي کٽيءَ جي گھر نڪتو. اهڙيءَ ريت ڌوٻي کي تسلي ٿي جنھن کيس سسئيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليو. آخر وڏي ڌُوم ڌام سان ٻنھي جي شادي ملھائي وئي. شاديءَ کان پوءِ پنھون بہ وطن وڃڻ جو خيال لاھي، ڌوٻڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. پنھونءَ جو ڀاءُ چنرو، جيڪو ڪيچ کان ساڻس گڏ آيو ھو، سو سندس انھيءَ روش تي گھڻو ئي ڪاوڙيو پر جڏھن ڏٺائين تہ ڪو چار ڪونھي تڏھن ساري ڳالھ وڃي آري ڄام جي اڳيان پيش ڪيائين. آري ڄام جو پنو ئي لھي ويو ۽ پنهنجي دادلي پٽ جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو۽ ھڪ قاصد جي ھٿان پنھونءَ کي چوائي مڪائين تہ ”جيڪڏھن ھڪدم اچي حاضر نہ ٿيندين تہ منھنجو جيئڻ محال آھي“. جڏھن قاصد ڀنڀور ۾ پھچي پنهونءَ کي آري ڄام جو پيغام پهچايو، پر پنھون پوئتي ھلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. نيٺ قاصد نا اميد ٿي موٽي وڃي آري ڄام کي سمورو احوال ٻڌايو. تنهن کان پوءِ آري ڄام پنهنجي پٽ کي ساريندي اھڙو تہ ڪمزور ۽ ضعيف ٿي ويو جو سندس ساھ ڇٽي وڃڻ جو امڪان ھو. پيءُ کي اھڙي جوکائتي حال ۾ ڏسي سندس ٽن پٽن چنري، ھوتيءَ ۽ نوتيءَ کيس آٿت ڏيئي چيو تہ ”بابا سائين! اوهان پريشان نہ اسان ڪو حيلو وسيلو ڪري پنھونءَ کي ساڻ وٺي اچي ٿا توھان وٽ رسايون.“ پوءِ ٽيئي خان اٺن تي سوار ٿي سگھوئي اچي ڀنڀور پھتا. سسئيءَ ۽ پنھونءَ کين گھڻو آڌر ڀاءُ ڏنو ۽ پاڻ وٽ مھمان ڪري سندن گھڻي خاطرداري ڪيائون. وچ جي خبر نہ رھين تہ ڪا ھنن جي من ۾ مدي آھي. ڪيترا ڏينھن سندن اچڻ جي خوشيءَ ۾ جلسا ۽ جشن ڪيائون. ھڪ رات جو ڳچ ويرم (گهڻي دير) تائين مجلس ۾ مشغول رھيا. سسئيءَ ويچاريءَ کي پنھونءَ جي اوسيئڙي ۾ پلنگ تي جاڳندي جاڳندي ننڊ کڻي وئي. ھوڏانھن وري ڀائرن پنھونءَ کي غافل ڏسي کيس شراب جا پٽ پياريندا رهيا، تان جو نشي ۾ اھڙو الوٽ ٿي ويو جو پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نہ رھيس. آڌيءَ رات کان پوءِ سندس ڀائر اٺ گنگائي کيس بي خبريءَ جي حالت ۾ کڻي ساڻيھ (پنهنجي مُلڪ) ڏانھن سٽيندا ويا.

پوئينءَ رات جو جان (جڏهن) سسئيءَ جي اک کلي تہ ڏٺائين پنھون پلنگ تي آهي ئي ڪونہ. سو حيرت ۾ پئجي ھيڏان ھوڏانھن نهاريائين تہ اوطاقون ۽ اوتارا سڀ سڃا ٿيا پيا آھن. معلوم ڪيائين تہ ڏير کيس ويساھي پنھونءَ کي زوريءَ ڀڄائي وٺي ويا آھن، پوءِ وٺي گھوڙا گھوڙا ڪيائين جنھن تي ھن جا مائٽ ۽ پاڙيسري اچي مِڙيا. پر ھن ڪنھن جي ڪين مَڃي ۽ ويس وڳا ڦٽا ڪري، ڪلھي ڦاٽل ڪنجرو وجھي، اڪيلي اٺن جا پير کڻندي، پنھونءَ جي پٺيان ڪاھيندي ويئي. چاليھن ڪوھن جي پنڌ بعد اچي پٻ جبل جي ويجھو پھتي تہ اڃ ۽ ٿڪ سبب ماندي ٿي ڪري پيئي ۽ ڇڙھيون ھڻڻ لڳي. قدرت خدا جي جو انھيءَ ھنڌان ھڪ صاف پاڻيءَ جو چشمو [4] ڀڙڪو ڏيئي ڦٽي نڪتو. تحفة الڪرام وارو چوي ٿو تہ ”مون معتبر ماڻھن کان ٻڌو آھي تہ اھو چشمو اڃا تائين جاري آھي ۽ ڪڏھن بہ سڪي نٿو. ساڳيو تحفة الڪرام جو راوي هڪ ٻي روايت ڪندي لکي ٿو ت تحفة الڪرام سسئيءَ وٽ مينديءَ جي وڻ جي هڪ ٽاري هئي جيڪا دستور موجب پرڻي رات ھٿ ۾ ڪري ستي ھئي، اُها اِن سفر ۾ ساڻس ھمراھ ھئي جنهن کي هن انھيءَ چشمي جي ڀر تي زمين ۾ ٽنبيو هو، جنهن مان ھڪ سرسبز مينديءَ جو وڻ اڀري پيو هو. جيڪو اڃا تائين سندس نشانيءَ طور موجود آھي.

بهرحال سسئي اُتي ٿوري ساعت آرام ڪري، وري اڳتي وڃڻ لڳي ۽ پٻ جبل وارو مشھور لڪ ”پٻوڻي ناڪو“ لنگھي اچي ھاڙي جبل جي پاڙ وٽ ڦوڙنديءَ جي ڀر ۾ پھتي. پر اُڃ سبب اڳتي وڃي نہ سگھي. نھايت نااميد ٿي پوئتي ھٽي ۽ ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي ماباڙ نَئي (ندي) جي ويجھو رَسي. ھاڻ واھيري جي ويل اچي ٿي ھئي. پريان پھاڙ [5] تي ھڪ ايل پنھوار جي جھوپڙي ڏسي وڌي وڃي کانئس پنهونءَ بابت پڇيائين. سسئيءَ جي سھڻيءَ صورت ڏسي ايل پنھوار جي دل ھرکي وئي ۽ ڏانھنس بڇڙي نظر ڪرڻ لڳو. سسئيءَ پاڻ کي جوکي ۾ ڏسي پنھونءَ جي سار ۾ زار و قطار روئڻ لڳي، سندس سوز وارين صدائن ڏونگر بہ ڏاري وڌو پر ھن ڪٺور تي ڪوبہ اثر نہ ٿيو. نيٺ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چارو نہ ڏسي، ايل پنھوار کي پاڻ وٽان ٽارڻ جي بھاني سان آزي ڪري چيائينس تہ ”آءٌ ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل آھيان، ڀلائي ڪري پھريائين ڪو کير چڪو پيارينم.“ ايل پنھوار خوش ٿي ڌڻ ڏانھن ڊوڙيو تہ سسئيءَ ٻئي ھٿ کڻي رب تعاليٰ کي سوال ڪندي چيو تہ:اي ستار! مون بي وسيليءَ جو وسليو ٿيءُ. ھن اڃا دعا مس پوري ڪئي تہ پھاڙ ڦاٽي پيو ۽ هوءَ ان اندر گھڙي پيئي. تنهن کانپوءِ جبل ٻيهر ڳنڍجي هڪ ٿي ويو. پر سسئيءَ جي چُنيءَ (پوتيءَ) جو پاند ٻاھر رھجي ويو. ايل پنھوار جڏھن کير ڏھي پوئتي موٽيو تڏھن ھي رنگ ڏسي تپرس (تعجب) ۾ پيو ۽ الاھي قدرت جو اھڙو اھڃاڻ پسي توبہ تائب ٿيو. پوءِ انھيءَ ھنڌ ھڪ پٿرن جو ميڙ ڪري قبر جو لوڙھ ٺاھي ڇڏيائين [6]

ٻئي پاسي رستي تي جڏھن پنھون نشي جي خمار مان سجاڳ ٿيو تڏھن پاڻ کي اٺ تي جڪڙيل ڏسي ڏاڍا جڪ کاڌائين. ڀائرن کي ڀڄي وڃڻ لاءِ گھڻو ئي واجھايائين پر ھنن سان پڄي نہ سگھيو. نيٺ ڀائرن آڻي سندس ٻانھن آري ڄام جي حوالي ڪئي. پر پنھون سسئيءَ جي وڇوڙي ۾ اھڙو تہ ڳرندو ۽ سڙندو ويو جو پڻس کي سندس مرڻ جو خوف ٿي پيو. لاچار کيس رخصت ڏنائين تہ ڀنڀور موٽي سسئيءَ کي بہ ساڻ وٺي اچي. پوءِ ھو سٽيندو ڀنڀور ڏانھن راھي ٿيو. جڏھن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگھائو ٿيو تہ سندس روح کي ھڪ ازغيبي اڌمو آيو. اھڙي رڻ پٽ ۾ تازي لوڙھ مان چنيءَ پاند ٻاھر نڪتل ڏسي دل ۾ سنسو پيدا ٿيس تہ نڄاڻا ھيءَ سسئيءَ جي قبر آھي. اتفاقا اُھو ايل پنھوار بہ اتي اچي سھيڙيو جنھن سڄي ماجرا کيس بيان ڪري سڻائي. پنهون اِهو ٻڌندي شرط، اٺ تان لھي پيو ۽ قبر جي ڀر ۾ زار و قطار روئي خدا جي در وينتي (عرض) ڪرڻ لڳو تہ ”اي وڇوڙين کي ملائيندڙ سچا ڌڻي! مونکي پنھنجي محبوب سان ملائي.“ سندس عرض اگھاڻو. وري بہ جبل ڦاٽي پيو ۽ پنھون به وڃي پھميشه لاءِ پھنجي پرينءَ وٽ پهتو. [7]

سسئي[سنواريو]

سسئي شاهه لطيف جي سورمي، سسئي پنهون قصي جي مرڪزي ڪردار، جنهن کي شاهه لطيف تڪليفن ۾ جدوجهد جي تمثيلي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. سسيءَ جو اصل شهر ڀنڀور هو. پنهون جي تلاش ۾ ڪيچ مڪران جو رخ ڪيو ۽ رستي ۾ دم ڏنائين. شاهه سائين سسئيءَ تي سڄا سارا پنج سر چيا آهن: ”سسئي آبري“، ”معذوري“، ”ديسي“، ”ڪوهياري“ ۽ ”حسيني“. سڀني سرن ۾ سسئيءَ جي ڏاکڙن ۽ ولايت جو احوال آهي. سر سسئي لاءِ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي ته ”شاهه صاحب هن سر ۾ سچي سڪ جو وستار ڪيو آهي. نينهن جي تک، مهراڻ جي تک کان وڌيڪ جبري آهي. سچو طالب هميشه عشق جي عميق ۾ ٻڏل آهي. انهيءَ ڪري هن لاءِ ظاهري مهراڻ سڪي پٽي ٿيو پوي.“[8]

حوالا[سنواريو]

  1. {تحفة الاڪرام ۾ نايي ٻانڀڻ جي زال جو نالو سڌو لکيل آهي، ڪِن سنڌي سگهڙن ان جو نالو سِتر ڄاڻايو آهي}
  2. {ـ ڊاڪٽرهوتڇند مولچند گربخشاڻيءَ پنهنجي ڪتاب روح رهاڻ ۾ ڀانڀر واھ لکيو آهي ۽ تحفة الاڪرام جي فارسي نسخي ۾ ان جو نالو بانبره (يعني ٻانڀڻياه / منصورہ) ٻڌايو ويو آهي.}
  3. {ـ سسئي اصل ۾ سنسڪرت لفظ ششي آهي جنهنجي سنڌي معنيٰ آهي چنڊ .}
  4. {اھو چشمو اڄ ڏينھن تائين قائم آھي. لس ٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي يا لڪ جي ڀر ۾ آھي ۽ ’سسئيءَ وارو چودو‘ ڪري چوندا اٿس.}
  5. {اھو پھاڙ ماباڙ نيءِ جي پيٽ ۾ آھي. جڏھن لٺ يا لڪڻ سان ٺوڪبو اٿس، تڏھن منجھانئس اھڙو آواز نڪرندو آھي جھڙو ڪنھن ڪنجھي جي برتن وڄائڻ مان. چوندا آھن تہ اھو آواز سسئيءَ جي درد وارين دانھن جو پڙاڏو آھي. انھيءَ پھاڙ کي ’سسئيءَ وارو وٽو‘ سڏيندا آھن.}
  6. {اھو چشمو اڄ ڏينھن تائين قائم آھي. لس ٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي يا لڪ جي ڀر ۾ آھي ۽ ’سسئيءَ وارو چودو‘ ڪري چوندا اٿس.}
  7. {سهيڙيندڙ: لياقت بن محب علي شاھ بخاري درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون، ملير، ڪراچي (ڊاڪٽر هوتڇند مولچند گربخشاڻيءَ جي ڪتاب روح رهاڻ ۽ تحفة الاڪرام تان مدد ورتل)}
  8. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي