مواد ڏانھن هلو

اطلاعات کاتو سنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اطلاعات کاتو سنڌ: صوبائي حڪومت سنڌ جو کاتو، جنهن جو مک مقصد حڪومت جي معمول وارين سرگرمين جا بهتر ۽ بامقصد تفصيل اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تائين رسائڻ ۽ صحافين کي هر مسئلي بابت آگاهي ڏيڻ آهي. اطلاعات کاتي ۾ هيٺيان شعبا قائم ڪيل آهن. 1. پريس انفارميشن شعبو: هي شعبو خبرن جا تفصيل ۽ وضاحت ناما ۽ ٻيو مواد صحافين کي ڏيڻ کان علاوه پريس ڪانفرنسن جو انعقاد پڻ ڪندو آهي، جنهن ۾ واسطيدار وزير يا آفيسر صحافين کي هر مسئلي جي وضاحت پيش ڪندو آهي. هن شعبي معرفت ئي گورنر، وزير، سيڪريٽري يا ٻين آفيسرن جي کليل ڪچهرين جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. -ان- کان علاوه هي شعبو اهم سرڪاري سرگرمين جون -تصويرون- ۽ ويڊيو رڪارڊنگ وغيره پڻ فراهم ڪندو آهي. 2. پبليڪيشن شعبو: ماهوار بنياد تي هن شعبي طرفان اردو زبان ۾ ”اظهار“ ۽ سنڌي زبان ۾ ”پيغام“ نالي رسالو -جاري- ڪيو ويندو آهي. -ان- جو آغاز 1993ع ۾ ٿيو پر ڪجهه عرصو غير فعال رهڻ بعد ٻيهر مئي 1999ع کان اهي رسالا -جاري- ڪيا وڃن ٿا، -جن- ۾ سياسي، علمي ۽ ادبي معلومات جو مواد شامل هوندو آهي. 3. اشتهارن جو شعبو: هن شعبي معرفت اخبارن ۽ ٽي.وي وغيره کي سرڪاري کاتن جا اشتهار ۽ نوٽيس وغيره مهيا ڪيا ويندا. 4. فلم شعبو: هي شعبو نهايت سرگرم رهي ٿو، جنهن ذريعي گورنر، وڏي وزير ۽ ٻين وزيرن جي پروگرامن جي ريڪارڊنگ کان علاوه اهم مسئلن ۽ موضوعن تي ڊاڪيومينٽري وغيره تيار ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پي. ٽي. وي ۽ سرڪاري ريڊئي -تان- نشر ڪيا ويندا آهن. -ان- کان سواءِ اطلاعات کاتي ۾ -تحقيق- ۽ تربيت جا شعبا پڻ قائم ڪيل آهن. هن وقت اطلاعات کاتي سنڌ جي وزارت محترمه شازيه مري کي ڏنل آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]