مواد ڏانھن هلو

ملاکڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ ٻار ملاکڙي جي مقابلي دوران

ملاکڙو (انگريزي: Malakhra؛ اردو: ملاکھڑا) پاڪستان جي صوبي، سنڌ ۾ رائج ڪُشتي (Wrestling) جو هڪ قديم سنڌي روپ آهي، جيڪو 5000 سالن کان پراڻو آهي، جن کي "ملھه" پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. مقابلو ٻنهي پهلوانن جي مخالف جي ڪمر تي هڪ موڙيل ڪپڙو ٻڌڻ سان شروع ٿئي ٿو، پوءِ هر هڪ مخالف جي ڪمر تي ڪپڙو جهلي کيس زمين تي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ملاکڙو سنڌ، پاڪستان ۾ مردن جي پسنديده راندين مان هڪ آهي. ملاکڙو ميچ عام طور تي موڪلن ۽ جمعي تي منعقد ڪيا ويندا آهن ۽ سڀني ميلن ۽ تهوارن جي خاصيت آهن. امير جاگيردار ۽ بااثر ماڻهو مشهور "ملهه" (پهلوان) جي سرپرستي ڪندا آهن ۽ انهن لاءِ ميچ منعقد ڪندا آهن. پاڪستان جي صوبي، سنڌ ۾ اهو هڪ صوبائي راند آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ هڪ ملاکڙو (ڪشتي) ڪارنر قائم ڪيو. سيوهڻ شريف ۾ لعل شهباز قلندر جي عرس تي هر سال هڪ روايتي ڪُشتي ميچ کيڏيو ويندو آهي. سنڌ ملهه ايسوسيئيشن پاران صوبائي راڄڌاني، ڪراچي ۾ ملاکڙي لاء هڪ اسٽيڊيم ٺاهڻ جو تجويز ڏنو آهي.

ملاکڙو عام ڪُشتين کان مختلف ۽ جدا آھي ھن کي سنڌي ڪُشتي يا ملھ پڻ چون ٿا. اڄ بہ ايران، افغانستان، ترڪي، چيڪ جمهوريا، سلوواڪيا، روس، ھنگري ۽ جاپان ۾ ملھ وڙھي وڃي ٿي. وچ ايشيا ۾ ھن راند کي "ڪوريش" چيو وڃي ٿو. جاپاني ڪُشتي "سومو" سان بہ ھن جي گھاٽي ھڪجھڙائي آھي. فني طور تي فرق ايترو آھي تہ بلوچستان ۽ افغانستان جي ملھه ۾ ساڄي ڪلھي سان زور لڳايو ويندو آھي ۽ سنڌ جي ملھه ۾ کاٻي ڪلھي تي زور آزمائي ٿيندي آھي. وچ ايشيا جي "ڪوريش"۾ سنڌ جي "سندري"جي بجاءِ چمڙي جو پٽو ٻڌي ڪري داءُ لڳائڻ جي لاءِ ھٿ وڌا ويندا آھن. "سندرو" ان ڪپڙي کي چيو ويندو آھي جيڪو هڪ ملھ (پهلوان) ملاکڙي جي دوران چيلھ جي چوڌاري ٻڌو ويندو آھي. سنڌي ڪُشتي ملھ جي تاريخ ۾ مشھور پھلوان بکر شيدي، غلام سرور جتوئي، جمعو شيدي، سڊل مڪراني، سيد سمن شاھه، ڪريم بخش شيدي، شير شيدي، سائين داد ٿر، نبّن جمالي، حاجي خشڪ، نواز علي رند، دادو شيدي، ارباب گاهو، نور محمد مڪراڻي، علي محمد ڪوريجو، احمد مري، غلام قادر لغاري، الله جوڙيو سمّون وغيره مشھور ملھه پھلوان رھي چڪا آھن.[1]

تفصيل

[سنواريو]

ملاکڙو سنڌ ۾ ڪُشتي جو هڪ قديم سنڌي روپ آهي. جيڪو 5000 سالن کان پراڻو آهي. مقابلو ٻنهي پهلوانن جي مخالف جي ڪمر تي هڪ موڙيل ڪپڙو ٻڌڻ سان شروع ٿئي ٿو. پوءِ هر هڪ مخالف جي ڪمر تي ڪپڙو جهلي کيس زمين تي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ملاکڙو سنڌ، پاڪستان ۾ مردن جي پسنديده راندين مان هڪ آهي. ملاکڙو ميچ عام طور تي موڪلن ۽ جمعي تي منعقد ڪيا ويندا آهن ۽ سڀني ميلن ۽ تہوارن جي خاصيت آهن. امير جاگيردار ۽ بااثر ماڻهو مشهور مالھو (پهلوان) کي برقرار رکندا آهن ۽ انهن لاءِ ميچ منعقد ڪندا آهن. پاڪستان جي سنڌ علائقي ۾. اهو صوبائي راند آهي.

سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ هڪ ملاکڙو (ڪشتي) ڪارنر قائم ڪيو. سيوهڻ شريف ۾ لعل شهباز قلندر جي عرس تي هر سال هڪ روايتي ڪُشتي ميچ کيڏيو ويندو آهي. ملاکڙو اسٽيڊيم ڪراچي ۾ سنڌ مالھو ايسوسيئيشن پاران تجويز ڪيو ويو آهي.

Malakhro is an ancient Sindhi form of wrestling in Sindh, which dates back 5000 years.[2] The match begins with both wrestlers tying a twisted cloth around the opponent's waist. Each one then holds onto the opponent's waist cloth and tries to throw him to the ground. Malakhra is one of the favorite sports among males in Sindh, Pakistan. Malakhara matches are generally held on holidays and Fridays and are a feature of all fairs and festivals. Rich feudal lords and influential persons maintain famous Malhoo (wrestlers) and organize matches for them. In the Pakistani region of Sindh, it is the provincial sport.

University of Sindh set up a Malakhro (wrestling) corner in the Institute of Sindhology.[3] A traditional wrestling match is played anuuallu at the Urs of Lal Shahbaz Qalandar at Sehwan Sharif.[4] Malakhiro stadium is proposed by Sindh Malh Association in Karachi.[5]

a model of Malakhiro at ISJ
سنڌالاجي ۾ ملھ جو ماڊل Malh model at ISJ

برطانوي راڄ ۾ ملھه

[سنواريو]

رچرڊ برٽن برٽش دؤر ۾ سنڌ ۾ ملھ جي راند تي تبصرو ڪندي لکيو آهي تہ:"هتي هندستان جيان ورزشي آکاڙا ڪونه آهن. تنهن هوندي به ماڻهن کي ملهه جو ڏاڍو شوق آهي. پر هينئر وڏا ملهه اڪثر آفريڪا جا شيدي آهن. جن جا ابا ڏاڏا هن ملڪ ۾ آيا هئا. هو مضبوط جوان آهن. سندن ڏورا ٿلها ۽ هڏ ڪاٺ طاقت وارو هوندو آهي. پر، هنن جو قد پورو پنو هوندو آهي ۽ سندن پير ڦريل، ٽنگون مُڙيل ۽ پنيون ڏنگيون هونديون آهن. هنن کي گوشت، گيهه ۽ کير جي خوراڪ تي هيرايو ويندو آهي ۽ بادي کاڌي ۽ شراب ۽ تماڪ جي منع هوندي آهي. هنن کي هندستان جي ڪشتي بازن جيان ماني کارائي، ٿُلهو ڪونه ڪيو ويندو آهي. هو جڏهن ميدان ۾ نڪري نروار ٿيندا آهن، تڏهن ڏسڻ وٽان هوندا آهن. هو آڙيون ۽ بند استادن کان سکندا آهن. ملهه وقت هو پٽڪو، ڪائنچ ۽ سندرو ٻڌندا آهن. هندستان جيان هتي دشمن کي پُٺي تي ڪيرائڻ ضروري نه آهي. هنن جو گوڏو زمين تي لڳو ته ملهه هارائيندو آهي. ٻن ملهن مانپوئين ملهه جنهن ماري، سو راند کٽيندو آهي. انهن مقابلن وقت ماڻهن ۾ ڏاڍو جوش هوندو آهي، تنهنڪري بعضي فسادُ ۽ خونريزي به ٿيندي آهي. سنڌي پنهنجي پاڙيسرين يعني ايرانين ۽ هندن کان ڪشتي جي هنر ۽ فن ۾ گهٽ آهن، ۽ ساڳئي وقت هو ايشيا جي ٻين قومن جيان ڪسرت ڪرڻ تي پڻ هريل نه آهن. هنن کي ڪمان ڪشڻ، ڏنڊ پچائڻ ۽ مدگر ڦيرائڻ ڪونه ايندو آهي. ملهه، اڪثر ڪري هيٺئين نموني جي مشق پچائيندا آهن: ڊوڙڻ، ٺينگ ڏيڻ، هڪ ڄنگهه تي ٽپڻ، ميل يعني پٿر جي پڃري کڻڻ، ٻانهن جي ڪارائي يا ڏوري تي ڪاٺيون ڀڃڻ، مُٺ کولڻ، ٻانهن مروڙڻ، هٿ جهلڻ ۽ لٺ ڇڏائڻ. ٻيا عام ڪسرت جا نمونا هي هئا: (1) ”مُٺين جو زور“ يعني مُٺ زمين تي رکي ننڍو يا وڏو ماڻهو کڻڻ، (2) چنبو وٺڻ: يعني آڱريون آڱرين ۾ اٽڪائي، هٿ ڇڏائڻ، (3) پير تي اُٿڻ: يعني زمين تي جهُڪي ويهي، هڪ ٽنگ مٿي ڪري ٻيءَ تي آهستي آهستي اُٿڻ، جو آسان ڪم نه آهي. (4) ڪک کڻڻ: يعني جهُڪي ويهي، ٻئي هٿ پٺيان ڪري، چپن سان اڳيان زمين تان ڪک کڻڻ..[6]

ملاکڙو جي معنيَ

[سنواريو]

سنڌ ۾ قديم زور آزمائيءَ جو مشهور طريقو آهي ملهه، جنهن ۾ ٻه پهلوان سندرا ڪري هڪ ٻئي سان زور آزمائي ڪندا آهن.جنهن ميدان ۾ ملهه وڙهندا آهن، انهيءَ کي ”ملاکڙو“ چوندا آهن، جيڪو ”ملهه ملاکڙو چوندا آهن، جيڪو ”ملهه آکاڙو“ جو گڏيل مرڪب آهي. ملاکڙو زور آزمائيءَ جي اها روايت آهي، جيڪا هر ميلي جو جز سمجهي ويندي آهي. قديم زماني ۾ يونان، عرب ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به زور آزمائيءَ جا ميلا لڳندا هئا، پر عرب جا اهڙا ميلا مشهور آهن، جن ۾ شاعري به ٿيندي هئي، نسا به ايندا هئا. شهه سواريءَ جا مظاهرا به ٿيندا هئا، ۽ زور آزمائي به ٿيندي هئي. سنڌ جي ملاکڙي کي شايد عرب جي اهڙن ملين سان نسبت هجي.[7]

سنڌالاجي ۾ ملھ جو ماڊل

سنڌ جي ميلن ۾ رواج آهي ته ٻن پهرن کان ڪجهه سج لڙيو ته ملاکڙي واري ميدان تي دهلاري ايندا، ملاکڙو وڄائڻ، پوءِ دهل ۽ شرنايون ٻڌي پري پري کان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا ۽ ويندا پنهنجون جايون وٺندا وهندا. جڏهن ملاکڙو ڀريو،تڏهن پڙ جو سلام ڪري،سندرو اٽڪائي ويهي رهندا. ملاکڙي جي پڙ کي ”يا علي جو ميدان “، سڏين. ان ڪري جتي لاهي ادب سان آڱر زمين سان ڇهي زبان تي رکن، پوءِ سڄي ڪن جي پاپڙي جهلي پوءِ سندرو اٽڪائين. انهيءَ جو مطلب ٿيو ته ”آءٌ تڪبر ۽ غرور کان توبهه ٿو ڪريان. ڪي وري پڙ جو سلام ڪري سندرو زمين سان ڇهي ان کي چمن، پوءِ سندرو اٽڪائي ويهي رهن، پوءِ ملاکڙو شروع ٿيندو. پوءِ هر ڪو پهلوان پنهنجي جوڙ واري پهلوان سان زور آزمائي ڪندو. پهرئين جوڙ وارا پهرئين جوڙ سان،ٻئي وارا ٻئي سان، ٽئي وارا ٽئي جوڙ سان ڇا ڪندا جو پهرين ڪلهن جو فيصلو ڪري، ته ڪهڙي ڪلهي تي ملهه وڙهڻي آهي،پوءِ هڪٻئي جا سندرا وٽي مضبوطيءَ سان چيلهه ۾ ٻڌن پر ٻاريءَ مان اُٿڻ مهل خميس يا پهراڻ، اهڙيءَ رح لاهين، جو پٽڪو نه لهي. جي پهرياڻ يا خميس لاهيندي پٽڪو لٿو ته ان کي بدسوڻي سمجهن. پوءِ سندرا ڪري پاڻي ٻاڻي پي، وڃي ٻاريءَ ۾ دم وٺن، دموٺي پوءِ ايندا ميدان ۾.پوءِ پهريائين اڳيان هٿ وجهن پوءِ پويان. هٿ پوڻ کان پوءِ ملهه شروع ٿي. پوءِ ٻئي پهلوان هڪٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا، زور ۽ انگ کان ڪم وٺندا. ملهه ۾هي انڱ ڪندا آهن: ”جانٺو“ (اندريون ٻهريون) ”وارو“. (کٻيءَ جو سڄيءَ جو) ”اٺ ڏاڻ“”کس“، ”گهمري“، ”ڦندو“، ”گهمائڻ“، “”مهري“ وغيره. انگ ته ”وچين“ به مشهور آهي،پر ڪار ناهي وچين هڻي مارڻ واري کي مزرا ڪونه ڏين ۽ ٽي ملهه ڪرائين. جي ملهه هلندي ڪنهن به پهلوان جو سندري مان هٿ نڪري ويو ته هو ٻئي پهلوان جي پُٺي ٺپريندو، جنهن جو مطلب ٿيو ته ترس. هٿ نڪرڻ کان پوءِ انگو ڪرڻڪار ناهي،پر ڪي پهلوان ته به ڪونه رهن. پوءِ ائين هي پهلوان جون ٻه ملهون ٿين، پر ماريو انهيءَ جنهن پوئين ملهه ماري. ملهه ڪندي جي گوڏو يا تري کُتي ته ملهه ٽي ٿنيدي. ائين پهرين ملهه کانپوءِ جنهن ملهه ماري سو پڙ جو چڪر هڻي انعام وٺندو، جنهن هارايو سو وڃي ٻاريءَ ۾ ويهي رهندو. ائين ساهي پٽي وري ٻي ملهه ڪندا،پوءِ جنهن ٻي ملهه ماري، انهيءَ کان جنهن هارائي انهيءَ جو پلاندي ٿي پلاند وٺندو. وري ماري ويل انهيءَ سان ٻه ملهون ڪندو. ائين ملهون ٿينديون اينديون، ملاکڙو هلندو رهندو، تان جو وڃي سج لهندو، پوءِ ملاکڙي باهڙبو. ائين هر ميلي ۾ ٽي ملاکڙا ضرور ٿين. اڳي ملهه ۾ ”جهلڻ“، ”گورداورو“، ”ٻرڙو“، ”الهه بچايو“، ”مهر“ مشهور پهلوان ٿي گذريا آهن. پوءِ وري ”هنڊل“ ۽ ”هوشو“ وارا سٺا وڙهيا، هاڻ شير مير بحر، گوپانگ، جماندار، يڪي وارا سٺي ملهه ڪن، يڪي ته هڪ ڪشتي واري پهلوان کي به دسي رکيو.

سنڌالاجي ۾ ملاکڙي جو ٺھيل ماڊل

اڳي لاڙي ملهه مشهور هئا، پر هاڻي البت اتر وارا سرس آهن، انگ ۾اڃا به لاڙ چهرو آهي. چوندا آهن ته مينهن ڌاربي ته ٺينهن به کڻبي، سو هنن پهلوانن جي ٺينهن به ڏکي ٿئي! ميلي جو اعلان ٿيو ته ميلي واري وٽ مالهي اچي رهندا. پوءِ جيترا ڏينهن اڳي اڇبن. پوءِ انهن جي مالشن لاءِ تيل، انهن جي کاڌ خوراڪ جا بندوبست به اهڙائي ٿين. اڳي ته ڪي سنڌ جا خاندان ملهن جي تات به ڪندا هئا، پر هاڻي اهو رواج گهٽجي ويو آهي. ملهه ۾ زور کان وڌيڪ انگ جي ضرورت هوندي آهي. انگ ڪرڻ وارو پهلوان ڪرندي ڪرندي بهانگ ڪري، ملهه ماري ويندو آهي. هونءَ ته ڪشتي هڪ ئي دفعي وڙهندا آهن، پر ملهون ٻه ٿين. اهو هن ڪري ته جي پهرين ملهه ۾ پهلوان اتفاق سان ڪري پئي، ته ٻي ملهه ۾ پنهنجي فن جو چڱيءَ طرح سان مظاهرو ڪري سگهي.[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. شخصيت ڊاٽ ڪام آرڪائيو ڪيا ويا 2017-05-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. تان ورتل
  2. "Malakhra lives on, thanks to a mulh-titude of reasons", 3 January 2015۔
  3. "Malakhro corner set up at Institute of Sindhology", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 30 جون 2009, حاصل ڪيل 20 اپريل 2019۔
  4. "MC organises 'Malakhro' wrestling", Daily Times (ٻولي ۾ en-US), 07 مئي 2018, حاصل ڪيل 20 اپريل 2019۔
  5. "New stadium to revive Malakhro", www.thenews.com.pk (ٻولي ۾ انگريزي), 05 آڪٽوبر 2009, حاصل ڪيل 20 اپريل 2019۔
  6. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون  ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  7. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html۔ خالي يا غائب |title= (مدد)}
  8. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html۔ خالي يا غائب |title= (مدد)}