مواد ڏانھن هلو

پاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڻيءَ ڦڙو، عميق پاڻيءَ ۾
گھرن ۾ پاڻيءَ اٻارڻ جي وڊيو.

فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. آڳاٽي وقت کان ڪائنات جي جوڙجڪ ۾ چئن عنصرن مٽي، هوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر مڃيو ويو آهي. سڀني الهامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انهيءَ حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو منو حصو پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي ترقيءَ جو مدار به پاڻيءَ تي آهي. پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب (H2O) آهي. پاڻي سائٽوپلازم جو خاص جزو آهي ۽ هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ پاڻي ضرور شامل هوندو آهي.

پاڻيءَ جو نظام

[سنواريو]

ڪنهن ملڪ جي تهذيب ۽ تمدن جي معيار کي ان جي پاڻيءَ واري نظام مان جاچيو وڃي ٿو. وڏن شهرن لاءِ پاڻي انهن سمورن مقصدن لاءِ مهيا ڪيو ويندو آهي، جيڪي زندگيءَ سان هر وقت لاڳاپيل رهن ٿا. روءِ زمين تي مٺي پاڻيءَ جو ڪل مقدار سمنڊ جي پاڻيءَ واري حصي جي برابر آهي، جيڪو ٽي سؤ ملين ڪعب ميل آهي. شروعاتي زماني ۾ جڏهن انسان تهذيب ۽ تمدني نظام کان واقف نه هو، تڏهن هو پاڻيءَ جي سهوليت لاءِ ندين ۽ چشمن جي ڪنارن تي رهڻ لڳو. اڍائي هزار سال اڳ، رومن پهريان ماڻهو هئا، جن 60 ميل ڊگهي نهر ذريعي روم تائين پاڻي پهچايو. جڏهن ڪنهن ڳوٺ يا وسندي لاءِ پهريون ڀيرو پاڻي پهچائڻ جي اسڪيم ٺاهي ويندي آهي، تڏهن في ڪس پاڻيءَ جو مقدار مقرر ڪرڻ لاءِ انهي آباديءَ جي رهڻي ڪهڻي، گهريلو ۽ عوامي ضرورتن سان گڏ، ڪارخانن جي ضرورت کي به آڏو رکندي گذريل تجربن کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي. هر ماڻهوءَ کي پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ جو دارومدار پاڻيءَ واري جاءِ ۽ جاگرافيائي حالتن تي ٿئي ٿو. ٿڌن ملڪن ۾ 120 ڏينهن کان 250 ڏينهن لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ ڪافي سمجهيو وڃي ٿو. گرم ملڪن ۾ انهيءَ مقدار کي ٻيڻو ٽيڻو ڪرڻو پوي ٿو. پاڻيءَ جو مقدار جيڪو ضايع ٿئي ٿو، ان کي روڪڻ ناممڪن آهي، پر ان تي ڪنهن حد تائين ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

پاڻيءَ جون خاصيتون

[سنواريو]
مادي جي حساب سان پاڻيءَ جون ٽئي حالتون... ٺوس، گئس ۽ نهري حالت ۾
  • (1) پاڻي قدرت طرفان اهڙو تحفو آهي، جنهن کان سواءِ ڪو به جاندار زنده رهي نه ٿو سگهي.
  • (2) انساني جسم، وزن جي لحاظ کان 65 کان 75 سيڪڙو پاڻيءَ تي مدار رکي ٿو.
  • (3) گرم هئڻ جي حالت ۾ پکڙجي ٿو ۽ وڌيڪ جاءِ والاري ٿو ۽ سرديءَ ۾ سُسي ٿو
  • (4) ٻوٽن جي واڌ لاءِ ڪاربان، هائڊروجن ۽ آڪسيجن ضروري آهن، جن جو سڌو يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو پاڻيءَ سان آهي. ساون وڻن ۽ ٻوٽن ۾ 80 کان 90 سيڪڙو پاڻي ٿئي ٿو
  • (5) گندرف، پوٽاشيم، مئگنيشيم، فاسفورس، ڪئلشيم ۽ لوڻ به پاڻيءَ جي ذريعي ٻوٽن تائين پهچي ٿو
  • (6) جانورن جي کير ۾ 87 سيڪڙو پاڻي آهي. روزمره جي جسماني ڪم ڪار ۾ گرميءَ جي درجي کي برقرار رکڻ، هاضمو ڪرڻ ۽ بيڪار مادن کي جسم مان خارج ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي، ڪو به ڳار پاڻيءَ کان سواءِ نٿو ٺهي سگهي، ان ڪري خوراڪ کي هضم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ تمام ضروري آهي. پگهر ۽ پيشاب به پاڻيءَ کان سواءِ نه ٿو ٺهي. پاڻيءَ جو وزن مخصوص گرمي پد سان ڪنهن قدر بدلجي ٿو ۽ 400 (F 390) تي گهڻو ٿئي ٿو. هن جو وزن معمولي پد تي هڪ گرام في مڪعب سينٽي ميٽر ٿئي ٿو.

پاڻيءِ جا طبي فائدا

[سنواريو]

پاڻيءَ جو دوا طور استعمال تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. طبي لحاظ کان درياهه جو پاڻي چڱو ۽ وڻندڙ ٿئي ٿو. کوهه جو پاڻي جلد هضم ٿيندڙ آهي. سٺو پاڻي مينهن جو آهي. صاف پاڻي گهڻو پيئڻ سان پيشاب جاري ٿئي ٿو، سياري ۾ گرم پاڻيءَ سان غسل ڪبو ته مسام کلندا. گهاٽي رت کي صفا ڪندو آهي. روح کي فرحت ۽ تقويت ڏئي ٿو سوڄ گهٽائڻ لاءِ پاڻيءَ جي مسلسل ڌار هڻبي آهي. گهڻي بخار جي صورت ۾ مغز تي ٿڌي پاڻيءَ يا برف جون پٽيون رکيون وينديون آهن. ان سان بخار لهي ويندو آهي. تيل کي گرم پاڻيءَ ۾ ملائي ٻاڦارو ڏنو ويندو آهي ته اهو زڪام ۽ نڙيءَ جي مٿئين حصي جي سوڄ لاءِ نهايت ئي فائديمند آهي. 1200F تي پاڻي رت بند ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٿڌو پاڻي آنڊن ۽ بڪين جي حرڪت کي تيز ڪري ٿو. ڊسٽلڊ واٽر (آٺريل پاڻي) هر قسم جي دوائن جي تيارين ۾ ڪم اچي ٿو. فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. سڀني الهامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انهيءَ حقيقت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو مُنو حصو پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي ترقيءَ جو دارومدار به پاڻيءَ تي ئي آهي. هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ پاڻي ضروري شامل هوندو آهي. دنيا ۾ پاڻيءَ جا جيڪي ذريعا آهن، سي سڀئي قدرتي آهن.

سائنسي ڇيد

[سنواريو]

پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب آهي، جيڪو قدرتي طرح گهڻين شڪلين ۾ اسان تائين پهچي ٿو. برف پاڻيءَ جي خالص شڪل آهي ۽ برسات جو ٻيو نمبر مثال آهي. جابلو چشمن ۽ ڍنڍن جو پاڻي خالص ٿيندو آهي. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ سوڊيم ڪلورائيڊ جي آميزش هوندي آهي. هائڊرولڪس،هائڊرو ڊائنامڪس جو اهو حصو آهي، جيڪو انجنيئريءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلن سان تعلق رکي ٿو. پٽڙن مادن جو علم گهڻو پراڻو آهي، جيئن ته ڪيترائي بنيادي اصول (250 ق.م) ’آرڪمڊيز‘ دريافت ڪيا، پر هيءَ ڳالهه حيرتناڪ آهي، جو ان بعد لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار سالن تائين انهيءَ علم ۾ ڪا خاص ترقي نه ٿي. سلطنت روم ۾ آبپاشي لاءِ جيڪي نهرون ۽ نل تعمير ڪرايا ويا هئا، انهن مان خبر پوي ٿي ته رومن ماڻهن کي بيٺل ۽ متحرڪ/ وهندڙ پاڻيءَ جي ڪيترين ئي خاصيتن جي ڄاڻ هئي. 1585ع اسٽيوينس (Stevens)، آرڪمڊيز واري اصول جي روشنيءَ ۾ اهو معلوم ڪيو ته ڪنهن حوض جي تري ۽ ڀتين تي پاڻيءَ جو ڪيترو دٻاءُ موجود آهي. 1612ع ۾ گئليلو هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هُن، پاڻيءَ جي ترندڙ جسمن تي بحث ڪيو. ڪجهه ڏينهن بعد ٽاري چلي (Toricheli) ان تي بحث ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن سوراخ مان پاڻي سڌو هيٺ ڪري رهيو هجي ته ان جو عمل ڇا ٿيندو؟ پوءِ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري سائنسدان، تجربن ۽ دليلن ذريعي انهيءَ ڪوشش ۾ لڳل رهيا ته متحرڪ پاڻيءَ لاءِ اصول ۽ قانون ڪيئن گهڙجن، انهن ۾ فرانس جا برولي، ڊالم برٽ، ڊارسي ۽ ٻيا، انگلستان (برطانيا) جا رينڪن، فروڊ، اينلڊز ۽ ٿامسن، اٽليءَ جو ونچري ۽ آمريڪا جو فرانسس گهڻو مشهور آهن.

صنعتي ضرورتن لاءِ پاڻيءَ جو ذخيرو.

پاڻيءَ جي طبعي خاصيت

[سنواريو]

خالص پاڻي شفاف ۽ بي بوءِ پٽڙو مادو آهي، ان جو وزن مخصوص گرمي پد سان ڪجهه قدر بدلجي ٿو ۽ 4(39 ف) تي گهڻي کان گهڻو ٿئي ٿو. دٻاءَ جي وڌڻ سان ڄمڻ جو نقطو گهٽجي ٿو ۽ ٽهڪڻ جو درجو وڌي ٿو. هن جو وزن معمولي پد تي هڪ گرام في مڪعب سينٽي ميٽر ٿئي ٿو. پاڻيءَ ۾ معمولي لڳلاڻ (Viscosity) يعني کونئر به ٿئي ٿي، جنهن سان ڪنهن متحرڪ جسم کي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪرڻ جي طاقت گهربل آهي، جتي پاڻيءَ جي وڏي مقدار جو استعمال عمل هيٺ اچي ٿو، اتي پهرين ذخيري ڪرڻ ۽ نيڪال جو انتظام ٿئي ٿو.

پاڻيءَ جا ذريعا

[سنواريو]

پاڻيءَ جي حاصلات جا جيڪي ذريعا آهن، انهن ۾ کوهه، نلڪا، پاڻيءَ جا تلاءَ، ڍنڍون، نديون، چشما ۽ برسات قابل ذڪر آهن. جيڪو پاڻي کوهن ۽ چشمن مان حاصل ڪيو ويندو آهي، ان کي وڏن حوضن ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو، جيئن ڪجهه عرصي لاءِ پاڻيءَ کي ذخيري ڪري رکي سگهجي. پاڻيءَ کي ڇاڻڻ کان اڳ اهو عمل نهايت ضروري آهي. ان جي گنجائش گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن جيتري هئڻ گهرجي. اڻ ڇڻيل پاڻيءَ ۾ ڄميل مادو جيڪو امونيا جو سلفيٽ هوندو آهي، ملايو ويندو آهي، ان کان پوءِ چئن کان ڇهن ڪلاڪن تائين ان کي ڇڏيو ويندو آهي ته جيئن پاڻيءَ جو بيڪار مادو تري ۾ رهجي وڃي.

پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ذخيرا اندوزي

[سنواريو]

هن ۾ پاڻيءَ جو مقدار ۽ ذخيري جو هنڌ غور جوڳا هوندا آهن، جڏهن ته پاڻي (برسات وغيره ذريعي) جي فراهميءَ واري شرح مستقل نه ٿي ٿئي ۽ پاڻيءَ جي استعمال جي رفتار به بدليل ٿئي ٿي. پاڻيءَ جو وهڪرو: پاڻيءَ جي ڌار جا ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ قسم جي حرڪت واضح ۽ مقرر ڪيل ويرن ۾ ٿئي ٿي، يعني ڪنهن خاص هنڌ ۽ وقت تي ان جي طرف ۽ رفتار سان ٿئي ٿي، ان کي مستقيم حرڪت چئجي ٿو ۽ ٻيو قسم اهو، جنهن ۾ حرڪت واضح مقرر ڪيل نه ٿي ٿئي ۽ ڪنهن خاص هنڌ ۽ وقت تي ان طرف رفتار جي اڳڀرائي سوچيل نه ٿي ٿئي، ان کي غير مستقيم حرڪت چئجي ٿو.[1]


تعميراتي ڪم ۾ استعمال

[سنواريو]

تعميراتي ڪمن ۾ صرف پيئڻ لائق پاڻي استعمال ڪرڻ گھرجي. اھڙو پاڻي تيزابيت، لوڻ، کنڊ، چانيھي (Alkali) ۽ ٻين نباتاتي مادن وغيره کان پاڪ ۽ صاف ھئڻ گھرجي. شڪ جي حالت ۾ پاڻيءَ کي تجربيگاھھ (Laboratory) ۾ برطانيھ تشخيص نمبر 3148 (British Specification No. 3148) مطابق چڪاس ڪرائڻ گھرجي..[2] استعمال لائق پاڻيءَ ۾ ٺوس مادن (Solids) جو مقدار ھيٺ ڄاڻايل اندازي کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي:

}

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  2. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو
ٺوس مادا سيڪڙو انداز
نباتاتي (Organic) 0.02
غير نباتاتي (In Organic) 0.30
سلفيٽ (Sulphates) 0.05
کار يا الڪليءَ جا ڪلورائيڊ

(Alkali chlorides)

0.10