تھذيب
تھذيب (انگريزي: Civilizations).تهذيب ڇا آهي؟ تهذيب تحفظ ۽ ثقافت، تنظيم ۽ آزادي جو ميلاپ آهي. اخلاق ۽ قانون ذريعي تحفظ حاصل ٿئي ٿو. پئدا وار ۽ ان جي ڏيتي ليتي سان مالي تحفظ ملي ٿو. علم هلت چلت ۾ سڌاري ۽ فن جي واڌاري جي تشهير جي وسيلن سان ثقافت جي تخليق ٿئي ٿي. انهن کي گڏي تهذيب چئجي ٿو.[1].ھڪ سماجي گروهه جيڪو ڪنهن جڳھ تي پوک ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي زندگي گذاري ٿو ۽ اتي زندگي جا تمام شعبا رهن ٿا جيڪي هڪ سماج ۾ عام طور تي هوندا آهن ۽ تهذيب ان گروهه جو ورثو هوندي آهي. سماج يا تهذيبي گروهه جيڪو ڪنهن مقام تي پوک ڪندي رهندو آهي ۽ پنهنجي زندگي گذاريندو آهي۔ ۽ ان گذارڻ واري زندگي ۾ اهي تمام شعبا رهندا آهن، جيڪي هڪ سماج ۾ عام طور سان مِلندا (موجود) آهن ۽ اها تهذيب ان گروهه جو ورثو هوندو آهي.
هڪ قوم اندر هزارين ورهين جي تاريخي تسلسل، محنت ۽ مشقت، جدوجهد ۽ جاکوڙ کانپوءِ پرايل تجربي ۽ ڄاڻ جي بنياد تي ڪلچر (تهذيب) پرورش وٺندي آهي. جيڪا ان قوم جي طرز زندگي ۽ طرز فڪر جي احساس جو جوهر هوندي آهي. تهذيب تي جاگرافيائي وطن جي طبعي ماحول، پيداواري وسيلن ۽ پيداواري لاڳاپن جو وڏو اثر ٿيندو آهي. انسان پنهنجي حالتن کي تبديل ڪرڻ، انهن کي سهل بنائڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي. جيڪي ڪجهه تخليق ڪيو آهي ۽ ان تخليق ۾ سماجي ترقي جي رفتار سان جيڪا واڌ ڪئي آهي، سندس اها حاصلات تهذيب جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي.
تهذيب (Tahzeeb) جي دائري ۾ هڪ قوم جون رسمون، رواج، لباس، رهڻي ڪهڻي، ادب ۽ فن، راڳ رنگ، مصوري ۽ سنگتراشي جا اسم اچي وڃن ٿا. اهي ئي خاصيتون هڪ قوم کي ٻي قوم کان الڳ ڪن ٿيون ۽ پنهنجي الڳ قومي وجود جو احساس ڏيارين ٿيون. ان سڄي بحث جو تت اسان يوري گنڪوفسڪي جن هنن لفظن ۾ ڏيون ٿا ته: “تهذيب انهن مڙني حاصلاتن جو مجموعو آهي، جنهن کي انسانيت پنهنجي تاريخي اوسر جي دوران تخليق ڪيو آهي.” [2]
تهذيب جي لغوي معنيٰ آهي ”اصلاح“، ”تربيت“ ۽ ”شائستگي“. اصطلاحي معنيٰ ۾ تهذيب مخصوص زمان ۽ مڪان ۾ ڪنهن قوم يا گروهه جي زبان، لطيف فنن، قومي روايتن، رسمن، رواجن، رهڻي ڪهڻي، عادت اطوارن، ڌنڌن، ڪرتن جو مجموعو آهي، جيڪو ان گروهه يا قوم کي مهذب بنائي ٿو. سنڌو تهذيب (Indus Civilization) مان مراد سنڌي قوم جي طرز زندگي آهي. جيڪا منظم معاشري جي جوڙجڪ ۾ خاص عرصي کان ترقي ڪندي رهي آهي.[3]
تھذيبن جو زوال
[سنواريو]انهن مان معاشيات بنيادي اسم آهي. ماڻهوءَ کان اڳ ماحول موجود هوندو آهي ۽ جيتوڻيڪ ماڻهو ماحول کي ايترو ئي بدلائيندو آهي جيترو ماحول هن کي بدلائيندو آهي پر ماحول جي اهميت ان ڪري آهي جو اهو پهريان موجود هوندو آهي. آبهوا زمين جي زرخيزيءَ کي گهٽائيندي ۽ وڌائيندي آهي. مينهن گهٽ پوي ته تهذيب آهستي آهستي ختم ٿي ويندي آهي جيئن شام ۽ بابل يا انهن کان اڳ جي تهذيبن سان ٿيو. مينهن جي کوٽ جي ڪري تباهه ٿيندڙ اهڙين تهذيبن جا آثار اينڊريوز Andrews منگوليان ۾ کوٽي ڪڍيا[1].
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]نُڪتا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ ڪتاب: قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ: رڪ سنڌي آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
وڪيميڊيا العام ۾ تھذيب سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |