سنڌ جا تعلقا
پاڪستان جو صوبي سنڌ انتظامي لحاظ کان 29 ضلعن ۾ تقسيم آھي۔ ان ۾ ڪراچي ڊويزن جا 6 ضلعا پڻ شامل آھن. جيڪي ناظمن واري بلدياتي نظام متعارف ڪرائڻ وقت پنج ھئا ۽ اھي ھڪ شھري حڪومت ۾ تبديل ڪيا ويا ھئا. 2011 م انھن کي بحال ڪيو ويو ۽ 2013 م ڇھون ضلعو ڪورنگي پڻ قائم ڪيو ويو. سنڌ ماضيءَ ۾ برٽش انڊيا واري دؤر ۾ بمبئي پريزيڊنسي م شامل ڪئي وئي هئي جنھن ڪري سنڌ ۾ بمبئي جو روينيو ڪوڊ لاڳو ٿيو ھو جنھن ۾ ضلعي تقسيم جن سب ڊويزنن ۾ ۾ ڪئي وئي ھئي انھن کي تعلقو سڏيو ويندو هو. تعلقن واري تقسيم انڊيا جي ٻين مختلف رياستن ۾ پڻ ھئي. پر ساڳئي وقت برٽش انڊيا م ڪجهه رياستن م ان تقسيم کي تحصيل جو نالو ڏنو ويو ھو. پاڪستان ٺھڻ بعد بہ سنڌ م بمبئي وارو روينيو ڪوڊ جاري رھيو جنھن کي بعد م سنڌ روينيو ڪوڊ ۾ تبديل ڪيو ويو ء اھڙي طرح تعلقي ۽ ديھن وارو نظام سنڌ ۾ برقرار رھيو ۽ اڃان تائين جاري آهي. پاڪستان جي ٻين صوبن م صورتحال برٽش انڊيا واري دؤر کان وٺي مختلف رھي. انھن م تعلقي ۽ ديھن وارو نظام نہ ھيو ۽ انھن م شروع کان ئي ضلعي تقسيم تحصيلن ۽ موزن جي نالن سان ٿيل ھئي جنھن ڪري پنجاب ، خيبرپختونخوا ء بلوچستان م تحصيلي نظام قائم آهي. پاڪستان ۾ رڳو سنڌ م تعلقا ۽ باقي پاڪستان ۾ تحصيلون آھن
مجموعي طور تي سنڌ ۾ 138 تعلقا آھن۔ ھيٺ سنڌ جي تمام ضلعن ۽ انھن جا تعلقا ڏنل آھن:
| شمار | ضلعو | تعلقن جو تعداد | تعلقا | ضلعي صدر مقام |
|---|---|---|---|---|
| 1 | حيدرآباد |
4 |
حيدرآباد | |
| 2 | ٽنڊو محمد خان |
3 |
ٽنڊو محمد خان | |
| 3 | ٽنڊوالھيار |
3 |
ٽنڊوالهيار | |
| 4 | مٽياري |
3 |
مٽياري | |
| 5 | بدين |
5 |
بدين | |
| 6 | دادو |
4 |
دادو | |
| 7 | ڄامشورو |
4 |
ڄامشورو | |
| 8 | گھوٽڪي |
5 |
ميرپور ماٿيلو | |
| 9 | جيڪب آباد |
3 |
جيڪب آباد | |
| 10 | ڪشمور |
3 |
ڪنڌ ڪوٽ | |
| 11 | ٺٽو | 4 | ٺٽو | |
| 12 | سجاول | 5 | ||
| 13 | خيرپور |
8 |
]خيرپور | |
| 14 | لاڙڪاڻو |
5 |
لاڙڪاڻو | |
| 15 | قمبر شھدادڪوٽ |
7 |
قمبر | |
| 16 | ميرپورخاص |
7 |
ميرپور خاص | |
| 17 | نوشهرو فيروز |
6 |
نوشھرو فيروز | |
| 18 | شھيد بينظير آباد |
5 |
نوابشاھ شھر | |
| 19 | سانگھڙ |
6 |
سانگھڙ | |
| 20 | شڪارپور |
4 |
شڪارپور | |
| 21 | سکر |
5 |
سکر | |
| 22 | ٿرپارڪر |
4 |
مٺي | |
| 23 | عمرڪوٽ |
4 |
عمرڪوٽ | |
| 24 | ڪراچي ويسٽ | 7 | ||
| 25 | ڪراچي سائوٿ | 5 | ||
| 26 | ڪراچي سينٽرل | 5 | ||
| 27 | ملير | 6 | ||
| 28 | ڪورنگي | 4 | ||
| 29 | ڪراچي ايسٽ | 4 |
لاڳاپيل مضمون
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو[مئل ڳنڍڻو]" (اردو ۾)، روزنامہ جنگ، 9 مارچ 2010ع.