سنڌ جا تعلقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جو صوبي سنڌ انتظامي لحاظ کان 29 ضلعن ۾ تقسيم آھي۔ ان ۾ ڪراچي ڊويزن جا 6 ضلعا پڻ شامل آھن. جيڪي ناظمن واري بلدياتي نظام متعارف ڪرائڻ وقت پنج ھئا ۽ اھي ھڪ شھري حڪومت ۾ تبديل ڪيا ويا ھئا. 2011 م انھن کي بحال ڪيو ويو ۽ 2013 م ڇھون ضلعو ڪورنگي پڻ قائم ڪيو ويو. سنڌ ماضيءَ ۾ برٽش انڊيا واري دؤر ۾ بمبئي پريزيڊنسي م شامل ڪئي وئي هئي جنھن ڪري سنڌ ۾ بمبئي جو روينيو ڪوڊ لاڳو ٿيو ھو جنھن ۾ ضلعي تقسيم جن سب ڊويزنن ۾ ۾ ڪئي وئي ھئي انھن کي تعلقو سڏيو ويندو هو. تعلقن واري تقسيم انڊيا جي ٻين مختلف رياستن ۾ پڻ ھئي. پر ساڳئي وقت برٽش انڊيا م ڪجهه رياستن م ان تقسيم کي تحصيل جو نالو ڏنو ويو ھو. پاڪستان ٺھڻ بعد بہ سنڌ م بمبئي وارو روينيو ڪوڊ جاري رھيو جنھن کي بعد م سنڌ روينيو ڪوڊ ۾ تبديل ڪيو ويو ء اھڙي طرح تعلقي ۽ ديھن وارو نظام سنڌ ۾ برقرار رھيو ۽ اڃان تائين جاري آهي. پاڪستان جي ٻين صوبن م صورتحال برٽش انڊيا واري دؤر کان وٺي مختلف رھي. انھن م تعلقي ۽ ديھن وارو نظام نہ ھيو ۽ انھن م شروع کان ئي ضلعي تقسيم تحصيلن ۽ موزن جي نالن سان ٿيل ھئي جنھن ڪري پنجاب ، خيبرپختونخوا ء بلوچستان م تحصيلي نظام قائم آهي. پاڪستان ۾ رڳو سنڌ م تعلقا ۽ باقي پاڪستان ۾ تحصيلون آھن

مجموعي طور تي سنڌ ۾ 138 تعلقا  آھن۔ ھيٺ سنڌ جي تمام ضلعن ۽ انھن جا تعلقا ڏنل آھن:

شمار ضلعو تعلقن جو تعداد تعلقا ضلعي صدر مقام
1 حيدرآباد

4

حيدرآباد
2 ٽنڊو محمد خان

3

ٽنڊو محمد خان
3 ٽنڊوالھيار

3

ٽنڊوالهيار
4 مٽياري

3

مٽياري
5 بدين

5

بدين
6 دادو

4

دادو
7 ڄامشورو

4

ڄامشورو
8 گھوٽڪي

5

ميرپور ماٿيلو
9 جيڪب آباد

3

جيڪب آباد
10 ڪشمور

3

ڪنڌ ڪوٽ
11 ٺٽو 4 ٺٽو
12 سجاول 5
13 خيرپور

8

]خيرپور
14 لاڙڪاڻو

5

لاڙڪاڻو
15 قمبر شھدادڪوٽ

7

قمبر
16 ميرپورخاص

7

ميرپور خاص
17 نوشهرو فيروز

6

نوشھرو فيروز
18 شھيد بينظير آباد

5

نوابشاھ شھر
19 سانگھڙ

6

سانگھڙ
20 شڪارپور

4

شڪارپور
21 سکر

5

سکر
22 ٿرپارڪر

4

مٺي
23 عمرڪوٽ

4

عمرڪوٽ
24 ڪراچي ويسٽ 7
25 ڪراچي سائوٿ 5
26 ڪراچي سينٽرل 5
27 ملير 6
28 ڪورنگي 4
29 ڪراچي ايسٽ 4

حوالا[سنواريو]

  1. "پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو[مئل ڳنڍڻو]" (اردو ۾)، روزنامہ جنگ، 9 مارچ 2010ع. 

لاڳاپيل مضمون[سنواريو]