سنڌي ثقافتي ڏينھن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سنڌي ثقافتي ڏينھن
Saraiki Topi (Sindhi Cap).jpg
سنڌي ٽوپي، سنڌي ثقافت جو مُک جزو
ملهائڻ وارا سنڌي
قسم عوامي
اهميت سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ
تاريخ ڊسمبر جي پھرين آچر
دورانيو 1 ڏينھن
تقرر ساليانو

سنڌي ثقافتي ڏينھن سنڌ ثقافتي ڏهاڙو (سنڌي سڀيتا ڏهاڙو) (انگريزي ٻولي: Sindhi cultural Day) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ماڻهو, دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن،[1][2] جنهن کي ايڪتا جو ڏينھن پڻ چيو وڃي ٿو.[3] سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.

ٻلهڙيجي جي نوجوان حسن پيرزادي ۽ سندس ساٿين 6 ڊسمبر کي سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي ملهائڻ جي ڳالھ ميسيج ۽ اخبار جي هڪ ڪالمي خبر سان ڪئي.[حوالو گھربل]

آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.[4][5]

ان ڏهاڙو تي سنڌ ۾ مختلف ثقافتي سرگرميون ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ صوفياڻي ڪچهري، سُگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرس وغيره شامل آهن.[6]


تاريخ[سنواريو]

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو ۶ ڊسمبر ۲۰۰۹ تي ملهايو ويو،[7] جنهن کانپوءِ هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين هفتي جي آچر ڏينهن تي هي ڏهاڙو سنڌ جا ماڻهو، انڊيا ۾ وسندڙ سنڌي ماڻهو ۽ پرڏيهه ۾ دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن ملهائيندا آهن.[8]

۲۰۰۹[سنواريو]

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو ۶ ڊسمبر ۲۰۰۹ تي ملهايو ويو

۲۰۱۰[سنواريو]

ٻيو 2010

۲۰۱۱[سنواريو]

ٽيون 2011

۲۰۱۲[سنواريو]

چوٿون 2012

۲۰۱۳[سنواريو]

پنجون 2013

۲۰۱۴[سنواريو]

ڇهون 2014

۲۰۱۵[سنواريو]

ستون 2015

۲۰۱۶[سنواريو]

اٺون 2016

۲۰۱۷[سنواريو]

نائون 2017

۲۰۱۸[سنواريو]

ڏهون 2018

۲۰۱۹[سنواريو]

۲۰۱۹ ۾ ان ڏهاڙي کي هڪ سنڌ سڪ ثقافت جي نالي سان ملهايو ويو.[9]

پهرئين ڊسمبر ۲۰۱۹ تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جي موقعي تي دنيا جو سڀ کان ڊگهو ۽ ويڪرو وڏو سنڌي اجرڪ سکر، سنڌ ۾ ۽ ۱۳۰ ميٽر ۽ ۳۰ فُٽ ويڪرو سنڌي اجرڪ حيدرآباد، سنڌ ۾ نمائش ڪئي وئي.[10]

گيلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "سنڌي ثقافتي ڏھاڙو عيد جو ڏينھن". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  2. "2019 December 02 | روزاني سرواڻ". www.dailysarwan.com. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  3. "Culture day celebration | Pakistan Press Foundation (PPF)Pakistan Press Foundation (PPF)". Pakistan Press Foundation (PPF). حاصل ڪيل 2018-11-18. 
  4. "امريڪن قونصل خاني طرفان سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو | امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾" (en-US ۾). امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾. 2015-12-12. https://pk.usembassy.gov/snd/u-s-consulate-celebrates-sindh-cultural-day-snd/. 
  5. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  6. "نئون ديرو ۾ اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان صوفياڻي ڪهچري ڪوٺائي وئي". آن لائين انڊس (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  7. "سنڌي ثقافت ۽ تاريخي ورثي تي ٻڌل قومي ڏڻ". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  8. "ثقافتي ڏهاڙو، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جا ثقافتي رنگ جرڪي پيا". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  9. "Page No.01". kawish.asia. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  10. "Sindh Culture Day celebrated across the province | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. حاصل ڪيل 2019-12-03. 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]


سانچو:سنڌ موضوع