عمر بن عبدالله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عمر بن عبدالله
ابوالمنذر
ھباري گھراڻي جو حاڪم
303ھ کان
پيشرو عبدالله بن عمر
جانشين ھباري خاندان جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ سنڌ ۾ غزنوي سلطنت جو گورنر سرھنگ خطيبي مقرر ٿيو
ريجنٽ نالي ماتر عباسي خلافت
پورو نالو
عمر بن عبدالله ھباري
گهراڻو قريش جي بنواسد جي شاخ ھباري
شاھي گھراڻو ھباري گھراڻو
پيءُ عبدالله بن عمر ھباري
مذھب اسلام

.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ابو المنذر ڪنيت رکندڙ عمر بن عبدالله جڏهن 303ھ ۾ سنڌ جي حڪومت سنڀالي ته ان وقت مشهور عرب مؤرخ مسعودي سنڌ گهمڻ آيو، مسعودي هتي هڪ وڏي رئيس حمزه سان ملڻ جو ذڪر به ڪيو آهي. عمر بن عبدالله جي ڏينهن ۾ ملڪ ترقي ڪئي ۽ منصوره جي پکيڙ ۾ واڌارو آيو،هڪ اندازي مطابق تقريباً ٽيهه لک ڳوٺ هئا، جتي ساوڪ ئي ساوڪ پکڙيل هئي. عمر جو هڪ خاص وزيررياح هو ۽ شهر جو قاضي بي اشوارب جي خاندان مان هو. عسڪري اعتبار کان به هي ملڪ سگهه رکندڙ هو، پنج هزار اسي جنگي هاٿي ۽ چاليهه هزار پيادل سپاهي سنڌ جي گورنر وٽ موجود هئا. منصوره جا عام ماڻهو سنڌي ڳالهائيندا هئا جڏهن ته سرڪاري عملدارن جي گفتگو گهڻو ڪري سنڌي ۽ عربي ۾ ٿيندي هئي. واپار جي ڪري ملڪ کي ان وقت وڏو فائدو رسيو ۽ سنڌ جو مال ٻين ملڪن جي منڊين ۾ پهتو، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجو سڪو هلندو هو. عمر بن عبدالله جي زماني ۾ هباري حڪومت جو بغداد سان گهڻو تعلق نه رهيو هو صرف خليفي جو هتي نالو ورتو ويندو هو. هيڏانهن عباسي حڪومت به اندروني طور تي طاهري، ساماني، صفاري ۽ طولوني ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي هئي ۽ مرڪز ڪمزور بڻجي چڪو هو، مقتدر جي دؤر ۾ مصر جي فاطمي حڪومت جو بنياد پيو جيڪا مرڪز کان صفا الڳ ۽ آزاد مذهبي فرقي جي وارث هئي. انهيءَ حڪومت جو باني عبدالله مهدي جو پيءُ محمد الحبيب هيو جيڪو حمص ۾ رهندو هو ۽ حضرت امام صادق رضه جي پٽ اسماعيل جي اولاد مان هو. سندس پوئلڳ جعفر صادق رضه کان پوءِ سندس پٽ اسماعيل جي امامت جا قائل هئا، تنهن ڪري سڀ کان اڳ ماڻهن کي ان طرف راغب ڪيائون ته عنقريب امام مهدي جو ظهور ٿيڻ وارو آهي ۽ هو علوي فاطمي هوندو. فاطمي حڪومت جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ اها تحريڪ تبليغ ذريعي يمن، حجاز، بحرين ۽ خراسان ۾ پکڙي ۽ وڌي ويجهي. 297ھ (10 ــ 909ع) ۾ الحبيب جي پٽ عبدالله جي هٿ تي رقاده ۾ ماڻهن بيعت ڪئي ۽ هن امير المؤمنين مهدي جو لقب اختيار ڪيو. ان کان اڳ عباسي خليفن کان سواءِ ڪنهن به پاڻ کي امير المؤمنين نه چورايو هو. تنهن ڪري فاطمي حڪومت جو بنياد ديني ۽ سياسي لحاظ کان عباسين جي مقابلي ۾ اچڻ هو ۽ اها خالص شيعيت ۽ اسماعيلي فڪر جي پرچارڪ هئي..[1]

سنڌ ۾ اسماعيلين جو پهريون پرچارڪ[سنواريو]

پهرئين فاطمي فرمانروا عبدالله المهدي سڄي دنيا ۾ پنهنجا پوئلڳ شيعت جي تبليغ لاءِ موڪليا. ان طرفان سنڌ ۾ جيڪو پهريون اسماعيلي آيو اهو هيثم نالي شخص هو. تنهن کان پوءِ ڪيترائي ٻيا اسماعيلي هتي موڪليندو رهيو پر پنهنجي ڪوششن ۾ منصوره ڪامياب نه ٿي سگهيو، ها ملتان جي ماڻهن ان تحريڪ کي قبول ڪيو جنهن جو ذڪر ايندڙ صفحن تي ملتان جي مد ۾ ڪنداسين. بهرحال منصوره ۾ هباري خاندان جي حڪومت 401ھ (11 ــ 1010ع) تائين رهي..[2]

سنڌ ۾ ھباري گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }
  2. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }