محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

20 جون 712 عيسوي 712ع ۾ سنڌ تي عربن آخري حملو ڪيو[1][2] جنھن ۾ کين مقامي مخبرن جي سھائتا ملي ھئي[3]. سنڌ تي ھن ڀيري واري حملي جو جواز اھو ڏنو ويندو آھي تہ سامونڊري ڌاڙيل (بحري قزاق) پاران سيلون (سري لنڪا) کان ايندڙ عرب جھاز کي ڦريو ھيو، اُھي سامونڊري ڌاڙيل جيڪي سنڌ بلوچستان جي علائقن ۾ ھوندا ھيا تن کي باوارج (بوراج) سڏيندا ھيا.[4] سنڌ تي عربن جو اڳيون ۽ ھي ڪاھ اسلام پکيڙڻ لاءِ نہ پر معاشي ڦرلٽ، مال غنيمت ۽ عرب سامراجيت کي وَڌائڻ جي لاءِ ڪئي وئي ھئي.[5][6]

محمد بن قاسم سنڌ تي حملي لاءِ سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيو تڏهن سڀ کان پهرين محمد بن قاسم ديبل تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪئي[7].

جنگ جو ميدان[سنواريو]

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان) ڪتاب مطابق عربن ۽ سنڌي فوج جي وچ ۾ جنگ اروڙ بدران راؤڙ ۾ لڳي[8][9]. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. ان ڪتاب ۾ اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو ويو آھي.[8]


چچ نامي ۾ ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم (Muhammad bin Qasim) خدا تعاليٰ جو نالو وٺي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪافر پڻ بيهي ويا ۽ ڇتي جنگ لڳي. ترارين جي ٽڪرائجڻ کان هوا ۾ باهه جا شعلا اڏامڻ لڳا. نيزا ۽ حربا هڪٻئي سان ٽڪرائيندا رهيا. نيٺ هٿيار ڀڄي پيا، ۽ جوان هڪٻئي سان ڪشتيءَ ۾ ڳنڍجي ويا. صبح صادق اڀرڻ کان وٺي شام جي گذرڻ تائين ڏاڍا ڪافر قتل ٿيا. راجا ڏاهر، راجڪمارن جي باقي هڪ هزار سوارن سان وڃي بچيو هو ته سج زرد ٿي ويو.

ڏاهر جي ڪـُـسجڻ جي خبر[سنواريو]

هنن ٻوٽن جي باغبانن ۽ هنن قيمتي ذخيرن جي مصنفن، راوين کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: راجا ڏاهر، خميس جي ڏينهن، ڏهين رمضان المبارڪ، سن ٽيانوي ۾، راوڙ جي قلعي وٽ سج لهڻ وقت قتل ٿيو. ابوالحسن روايت ڪئي ابوالليث هنديءَ کان، جنهن پنهنجي پيءُ کان (ٻڌل) ڳالهه ڪئي ته: جڏهن اسلامي لشڪر حملو ڪيو ۽ گهڻا ڪافر قتل ٿي ويا، تڏهن اوچتو کاٻي طرف کان گوڙ ۽ هـُـل بلند ٿيو. ڏاهر انهن کي پنهنجو لشڪر سمجهي (1) نعرو هنيو ”نسي من نسي من“ يعني ته: ”مان هتي آهيان. مون ڏانهن اچو!“(1)

زالن جا آواز ظاهر ٿيڻ[سنواريو]

پوءِ انهن (زالن) چيو ته: ”اي راءِ! اسان اوهان جون زالون آهيون، جيڪي عرب لشڪر هٿان [181] گرفتار ٿي قيد ٿيون آهيون.“ راجا ڏاهر (Raja Dahir) چيو: ”اڃا مان زندهه آهيان. توهان کي ڪنهن گرفتار ڪيو آهي؟“ (اهو حال ڏسي،) ڏاهر اسلامي لشڪر تي هاٿي هڪليو. (هوڏانهن) محمد بن قاسم، نفط اندازن کي چيو ته: ”هاڻي هيءَ وقت توهان جو آهي.“ هڪ سـِـڌي هٿ وارو نفط انداز هو، جنهن ٻولائي نفط جو تير راجا ڏاهر جي پالڪيءَ تي هنيو ۽ پالڪيءَ کي باهه لڳي ويئي.

ڏاهر جو پوئتي ورڻ[سنواريو]

اتي ڏاهر فيلبان کي چيو ته: ”هاٿي موٽاءِ، ڇاڪاڻ ته اڃ لڳي اٿس.“ هوڏانهن پالڪيءَ کي به باهه لڳي چڪي هئي، تنهن ڪري هاٿي فيلبان جي وس ۾ نه آيو ۽ پاڻ کي وڃي پاڻيءَ ۾ سٽيائين. فيلبان گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه به نه ٿي سگهيو، هاٿي ڪين موٽيو، ۽ فيلبان ۽ ڏاهر کي وڃي تار پاڻيءَ ۾ سـَـٽيائين. ڪافرن مان ڪي ساڻس گڏ پاڻيءَ ۾ گهڙي پيا ۽ ڪي پاڻيءَ جي ڪناري تي بيهي رهيا. ايتري ۾ عرب سوار به اچي پهتا، جن کان ڪافر ڀڄي ويا. هاٿي پاڻي پـِـي، موٽي قلعي ۾ وڃڻ گهريو. مسلمان تير اندازن تير کوليا ۽ هوا مان تير مينهن وانگيان وسڻ لڳا. هڪ عرب، جنهن جو هٿ سڌو هو، تنهن تير ڪشي ڏاهر جي دل تي هنيو، جنهن جي لڳڻ کان هو هاٿيءَ جي مٿان پالڪيءَ ۾ منهن ڀر ڪـِـري پيو. هاٿي پاڻيءَ مان نڪري حملو ڪيو. ۽ باقي بچيل ڪافرن کي پيرن هيٺ لتاڙڻ لڳو، جنهن ڪري هو مڙيئي ٽڙي پکڙي ويا. ڏاهر هاٿيءَ تان لهي هڪ عرب سان مقابلو ڪيو. بهادر عرب سندس مٿي تي ترار هڻي، سندس سسي ڪلهن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسلامي لشڪر ڪافرن سان [182] جنبي ويو، ۽ کين ماريندا وڃي راوڙ جي قلعي وٽ پهتا. هيڏانهن جيڪي برهمڻ پاڻيءَ ۾ لڪا هئا، تن جڏهن ڏٺو ته جتي ڏاهر کي قتل ڪيو ويو هو، اها جاءِ خالي پيئي آهي، سو پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري، ڏاهر کي گپ هيٺان لڪائي ڇڏيائون. ايتري ۾ سفيد هاٿي ڪافرن جي لشڪر ڏانهن منهن ڪيو، ۽ هو اهڙو ته پئي ڀڳا جو سندن ڪو نالو نشان ئي ڪونه رهيو.

ڳالهه ٿا ڪن ته قابل بن هاشم (1) ڏاهر لعنتي ۽ ڪافرن جي مارجڻ واري ڏينهن سورهن زخم کاڌا ۽ حملو ڪندو ۽ هي رجز چوندو رهيو:

اَلاَ فـَـاصبـَـحـَـانـِـي قـَـبــــــلَ وَقعـَـة دَاهـَـرِ وَ قبل مـَـنـَـايا (2) قـَـــــد غـــــدَونَ بـَـواکـِـرِ وَ قـَـبلَ غـَـدِ يـَـا لـَـهفَ نـَـفسـِـي عليٰ غـَـدِ اِذا مـَـا غـَـدَا صـَـحبـِـي و لـَـــــستُ بـِـبـَـاکـِـرِ

دوستو! ڏاهر جي جنگ کان اڳ ڀري ڏيو مونکي جـام، ڏيــو پيالو مـــــوت کـــان اڳ، جــــو ٿـــــو اڄ ڏسجي تـيار، دوســتــو ســڀ مــوجــود هــونـــدا مئي جي محفل ۾ سڀان، پر ڪجو، نــــا ڀـــائــرو! مــــــــــــون لـــئـه سڀاڻي، انتظار.

چون ٿا ته جڏهن (ڏاهر) مئو تڏهن ڪافرن سندس بدن تان هٿيار لاهڻ گهريا پر لاهي نه سگهيا، ۽ اتيئي گپ هيٺ دفن ڪيائونس.

محمد بن قاسم جو پڙهو ڏيارڻ[سنواريو]

پوءِ محمد بن قاسم نظر ڪئي ته حـُـبيـَـش بن اخي عامـِـر بن عبدالقيس کي ڏٺائين جو سندس سامهون بيٺو هو. چيائينس ته: ”اي اخي عامر بن عبدالقيس جا پٽ! عامرين کي(1) پڙهو [183] ڏيئي چئو ته راجا ڏاهر غائب آهي، متان ڪنهن ڪنڊ مان نڪري حملو ڪري، (تنهن ڪري) هوشيار رهجو.“ حبيش چيو ته: ”امير! منهنجي دل شاهدي ٿي ڏيئي ته ڏاهر ڪسي ويو.“ محمد بن قاسم فڪر ۾ رهيو، ۽ هر هڪ کان ٿي پڇيائين ته: ”ڏاهر جي ڪا خبر اٿيئي، جو هو گم آهي.“ نيٺ هڪ برهمڻ آيو ۽ امان گهري چيائين ته: ”اي امير عادل! مون کي، منهنجن تابعدارن ۽ فرزندن کي امان ڏي ته مان توکي ڏاهر ڏيکاريان، جو ڪـُـسي ويو آهي.“ (انهيءَ تي) اعتماد جوڳا ساٿي ويا ۽ وڃي هن کي گپ جي هيٺان ڪڍيائون: اڃا تائين منجهائنس عطر ۽ مشڪ جي خوشبوءِ پئي آئي. سندس سسي لاهي، هٿيار بدن کان ڌار ڪري، محمد بن قاسم وٽ آندائون. محمد بن قاسم چيو ته: ”اهڙو ڪو ماڻهو آهي جو هن کي سڃاڻي؟“ نيٺ سندس حڪم تي انهن ٻن ٻانهـِـينِ کي آندائون جيڪي پالڪيءَ ۾ ساڻس گڏ هيون، ۽ گرفتار ٿيون هيون. هنن سر سڃاتو، (جنهن تي) انهيءَ برهمڻ جي وڏن، تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن مان ٽي سؤ ماڻهو آزاد ڪيائين. محمد بن قاسم ڏاهر جي سسي ڏسي خدا تعاليٰ عـَـزَاسمـة جي تعريف ڪئي، ۽ شڪرانا بجا آڻڻ خاطر ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين. جنگ ۾ جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا هئا، تن سڀنيءَ کي خونخوار ترار جو کاڄ بنائڻ جو حڪم ڏنائين. باقي ڪاريگرن ۽ واپارين جي ٽولي کي امان ڏيئي اصلوڪين جاين تي رهايائين.

(روايت:) عـَـمرَو بن مـُـعـِـيرَه ڪـِـلابـِـيءَ کان روايت ڪن ٿا ته: جنهن وقت حـَـجاج جي سامهون لشڪر ٺاهي بيهاريو هئائون، تنهن وقت حجاج بن يوسف صفن اڳيان اچي هر هڪ صف کي ڏڍ ڏيئي رهيو هو. ائين ڪندي اچي عـَـمرَو بن خالد وٽ پهتو. چيائينس: ”اي عـَـمرَو! محمد بن قاسم ۽ (سندس) همراهن جي شاهديءَ سان ٻڌاءِ ته تون ڪافرن سان ڪهڙو ڪم ڪندين؟“ (وڌيڪ) چيائينس: ”توکان ڪو ٺيڪ ڪم به ٿيندو يانه“ (1)؟ [184] پوءِ راوي چيو ته: ”(عـَـمرَو) جنهن ڏينهن ڏاهر سان سامهون ٿيو،(تنهن ڏينهن) محمد بن قاسم کي شاهد ڪري، هاٿيءَ کي ڌڪ هنيائين، ۽ ڏاهر جو سر پڻ هن ئي ٻه اڌ ڪيو.“ هو (عـَـمرَو) جڏهن عراق موٽي ويو، ۽ ڏاهر جي سسي حجاج جي خدمت ۾ پيش ڪيائين، تڏهن چيائين: ”امير عادل شال باقي رهي! سندس حڪومت سدائين غالب رهي! امير محمد بن قاسم کي مون تي گواهه ڪيو هـو“ (حجاج) چيو ته: ”ظاهر ڪر (ڏسان) ته تو ڇا ڪيو هوندو؟“ اتي عـَـمرَو هيءُ شعر چيو:

اَلخَيلُ تَشهـَـــــدُ يـُــــــــومَ دَاهـَـــــرَ وَالقـَنـَـا وَ مـُـحـَـمـَـدُ بنُ القـَـاسـِـــــمِ بـــنِ مـُـحـَـــمـَـد. اِني فـَـرجَتُ الجَمعَ غـــــــــــيـــرَ مـَــــــعــــَـرَدِ حـَـتيٰ عـَـلـَـوتُ عـَـظـِـيــمـَــهـُـم بِمـُـهــنـَــد. فـَترَ کقـُـتہ تـَـــــــحــــــتِ العـَـجَاج مـُـجَدَ لا مـُتَعـَـفـِـرَ الـخَديــــــنِ عـَـَّــــــيرَ مـُــوَسـَـد. ]شاهد آ ابن قاسم، گــــهـــوڙا ۽ نـــيـــزا پڻ ڏاهر جي جنگ ۾ مـــــــون ڏيکاري بهادري. بيڌڙڪ ڪافرن کــــي ڪــيو هو مون ڇڙوڇڙ، سرسي ڪري ڪپي هئي مون راجا سندي سري. مون ئي دسي انهيءَ کـــــــــي هــــو ليٽايو ڌوڙ ۾، ويئي هئي منهن مٿي تي انهيءَ جي مٽي وري.

ابو محمد هنديءَ کان روايت ٿا ڪن (جو هن چيو) ته، ابو مسهر عابي(1) کان ٻڌم، جنهن هند وارن کان روايت ڪئي ته: جڏهن ڏاهر جي قتل کان پوءِ ڏاهر جي زال لاڏي (2) گرفتار ٿي، تڏهن محمد بن قاسم انهن (جنگي قيدين) مان لاڏيءَ کي خريد ڪرڻ گهريو. هن حقيقت جو خط حجاج ڏانهن لکي کانئس اجازت گهريائين. حجاج هيءَ حقيقت خليفي وليد جي خدمت ۾ عرض ڪري، لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جي فرمان جي خواهش ڏيکاري. دارالخلافت کان لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو، جنهن کان پوءِ محمد بن قاسم هن کي خريد ڪري پنهنجي زال بنايو.(1) [185]

ڏاهر جي زال لاڏيءَ جي خبر ٻڌائڻ ته هوءَ ڪيئن گرفتار ٿي[سنواريو]

ڳالهه ٿا ڪن ته: عـَـقـِـيل بن عـَـمرَو روايت ڪئي ته: جڏهن لاڏي اُم ولد ٿي(2) تڏهن محمد بن قاسم کانئس پڇيو: تون ڪيئن ڏاهر جي پوئلڳن سان گڏ گرفتار ٿينءَ؟ ۽ ڏاهر کان ڪهڙي سبب ڌار ٿينءَ؟ لاڏيءَ جواب ڏنو ته: جڏهن اسلامي لشڪر راجا ڏاهر جي سامهون ٿيو، تڏهن هن هر هڪ زال جي مٿان سخت نگران ڇڏي چيو ته جيڪڏهن اسلامي لشڪر غالب ٿئي ۽ ڪافر شڪست کائين ته هنن زالن کي ڪهي ڇڏجو، متان مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿين. پوءِ انهيءَ (نگران) چوبدار، راڻيءَ لاڏيءَ ڏانهن ڏسي پئي چيو ته ”تنهنجي منهن جو بشرو اهڙو کليل آهي جو (معلوم ٿو ٿئي ته) تنهنجي دل عرب جي بادشاهه ڏانهن مائل آهي، ۽ تون ضرور انهيءَ جي راڻيءَ ٿيندينءَ.“ آخر جڏهن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا، تڏهن هر هڪ نگران سندس حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪـُــٺو. ]اهو حال ڏسي[ مون پاڻ کي اٺ تان هيٺ ڦٽو ڪيو، ۽ وڃي جنگ جي ]ميدان جي[ وچ ۾ پيس. منهنجو نگران منهنجي ڪهڻ جو خيال ڇڏي وٺي ڀڳو. پوءِ مسلمانن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ امير محمد بن قاسم مون کي خريد ڪري پنهنجي نڪاح ۾ آندو. (آسماني فتح ۽ ڪافرن جي مغلوب ٿيڻ جي خبر:) سنڌ جا مشائخ خبرون ٿا ڪن ته، جڏهن آسماني مدد ۽ خدائي تائيد عربن جي حال جي موافق ٿي، ۽ ڪافر ڀڄي ويا، تڏهن محمد بن قاسم انهيءَ احوال جي فتح جو خط حجاج بن يوسف ڏانهن لکي موڪليو. [186]

محمد بن قاسم جو حجاج ڏانهن ڏاهر جي ڪسڻ ۽ حڪومت تي قبضي ڪرڻ جو فتحنامو لکڻ[سنواريو]

”محمد بن قاسم بي انداز خدمتن ۽ گهڻن سلامن کان پوءِ عراق ۽ هند جي امير حجاج بن يوسف جي راءِ اڳيان عرض ٿو ڪري ته: بادشاهه (الله) سـُـبحـَـانـَـة وَ تـَـعـَـاليٰ وَتـَـقـَـدسـَـت اَسمـَـائـَــة ( جو پاڪ ۽ سر بلند آهي ۽ سندس نالا پاڪ آهن) پنهنجي عام فضل ۽ سڳوري لطف سان، ٻنهي طرفن کان دلير جنگي جوانن ۽ دلير بهادرن جي پاڻ کي آبدار ترارين تان قربان ڪرڻ کان پوءِ، اسلامي لشڪر ڪافرن کي، جنهن ۾ مست هاٿي ۽ هٿيارن ۾ ٻڏل ڪافر سوار هئا، شڪست کاڌل ۽ ذليل ڪيو. هنن جا هاٿي، گهوڙا، سامان، ڪپڙا، ٻانها ۽ چوپايو مال سمورا اسان جي قبضي ۾ آيا، جن جو پنجون حصو دارالخلافت جي خزاني جي حوالي ڪيو ويو. الله تعاليٰ جي ڪرم مان اها اميد آهي ته جيئن هن ڪم جي ابتدا ٺيڪ ٿي آهي، تيئن هند ۽ سنڌ جا سارا ملڪ اسان جي اقتدار ۽ حڪومت هيٺ ايندا ۽ حوالي ٿيندا. اِنشـاءا للهُ العـَـزِيزُ.

ڏاهر جو سر عراق ڏانهن موڪلڻ[سنواريو]

پوءِ محمد بن قاسم, ڏاهر جو سـِـرُ، صـَـارِم بن اَبـِـي صـَـارِم جي حوالي ڪري، ]ساڻس گڏ[ بني قيس قبيلي مان اَبوقـَـيس مقرر ڪيائين. ]تنهن کان سواءِ[ ذَڪوان بن عـَـلوان البڪري، يزيد بن مـُـجالد(1) هـَـمداني، زياد بن الحـَـوارِي الـعـَـتـِـڪـِـي(2) ۽ ٻيا پڻ هڪٻئي جا ساٿي بنائي روانا ڪيائين [187] (خط ۾) سندن ساراهه کولي بيان ڪيائين، ۽ چيائين ته: ”هي فتح هنن جي قوت، دٻدٻي، امداد ۽ همراهي سان ٿي آهي.“ هند ]يعني سنڌ[ جي جن رئيسن لڙائيءَ ۾ خوشي ڏيکاري هئي، تن جا سر پڻ عراق موڪليا ويا، ۽ خط ۾ ناليوار داخل ڪيا ويا.

(1) فارسي ڇاپي جي متن ۾ عبارت هن طرح ڏنل آهي: ”نعره بزد که من منب آئيد، من اينجا ام“ مگر پ: توڙي ن جي عبارتن ۾ ڏاهر جي اصلي لفظن جو اضافو ٿيل آهي. پ: ”نعره بزد، نسي من نسي يعني من اينجا ام“، ن: ”نعره بزد که نسي من نسي من آيند من اينجا ام“. اسان ڏاهر جا پنهنجا لفظ ن مطابق ”نسي من نسي من“ طور ڏنا آهن.(ن-ب) (1) هن نالي جي پڙهڻي پ مطابق آهي. فارسي ڇاپي ۾ ٻين نسخن مطابق ”قابل بن هاشم“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. مگر عربن ۾ قايل نالو بنسبت قابل جي، وڌيڪ قياس ويجهو آهي. ڀانئجي ٿو ته اصل ۾ صحيح عبارت شايد ”قايل من بني هاشم“ هجي. والله اعلم.(ن-ب)

(2) فارسي ڇاپي ۾ ”قبل المنايا“ آهي مگر وزن جي خيال کان ”قبل منايا“ صحيح آهي. (ن-ب)

(1) اصل عبارت ”عامريان را“ يعني بنو عامر قبيلي وارن کي، ر، م جي پڙهڻي ”ياران را“ (يعني يارن کي) آهي. (ن-ب) (1) هتي اصل متن جي عبارت ۾ ڏاڍو مونجهارو آهي. اصل فارسي عبارت هن طرح آهي. ”گفت اي عـَـمرو! من قاسم و ياران را گواه ميکنم تا بکفارچه کار خواهي کرد؟ گفت: از تو عمل درست آيد يا نه؟“ اسان جي خيال ۾ ٻيءَ ”گفت“ کان اڳ ”ديگر“ لفظ هئڻ گهرجي جو شايد ڪاتب کان ڇڏجي ويل ٿو ڏسجي. ديگر نه هجڻ ڪري ائين پيو معلوم ٿئي ته اهو پويون ”گفت“ ڄڻ عمرو جو جواب آهي. حالانڪ ائين نه آهي، اهو به حجاج بن يوسف جو قول آهي. (مترجم) (1) پ: تسقر عابي، ن: اي شتعي عابي، ب: شتعي عابي، ر، م تسقر عالي، س: مشتعر عالي، ڪ: مشعفرعابي، ڏنل پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي ۽ محض قياسي آهي. ”عابي“ شايد ”غساني“ جي تصحيف هجي. فلتامل. (ن-ب) (2) اصل پڙهڻي هت توڙي اڳتي هر جڳهه تي ”لادي“ آهي، جنهن کي اسان سنڌي نالي جي اصليت جي لحاظ سان هر جاءِ تي ”لاڏي“ ڪري لکيو آهي. (ن-ب)

(1) هيءَ روايت ضعيف آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [185]. (ن-ب)

(2) شرعي اصطلاح ۾ ”اُم ولد“ انهيءَ ٻانهيءَ کي چئبو آهي جنهن مان سردار کي ڪو ٻار پيدا ٿئي. هتي ”اُم ولد ٿي“ مان مراد ته ”محمد بن قاسم جي نڪاح ۾ آئي“. (مترجم)

(1) پ: ”مخالف“ ٻين جملي نسخن ۾ ”مخالد“ جا پڙهڻي فارسي ڇاپي ۾ به اختيار ڪيل آهي. مگر ”مخالد“ حقيقت ۾ ”مجالد“ جي تصحيف آهي، جنهن ڪري اسان متن ۾ ”مجالد“ لکيو آهي. بشڪريه عبدالعزيز الميمني. (ن - ب)

(2) اصل ۾ ”العبدي“، جو غالباً صحيح نه آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [188].(ن-ب) [10] [11]

عربن جا دنيا جي ملڪن تي ڪيل حملا[سنواريو]

حضرت محمد صلعم جي برقعو مٽڻ سان ئي عربن دنيا تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا. حضرت عمر جي دؤر ( 13 هجري 624ع کان 24ھ 645ع) تائين ايران، سيستان، مصر، شام، اردن، يمن، عراق، افغانستان ۽ مڪران تي قبضو ڪري چڪا هئا. ديبل تي ٻيڙين ذريعي حملو ڪيو ويو، جنگ ۾ “مغيره بن ابي العاص” قتل ٿي ويو. حضرت عمر سنڌ جي صورتحال ڄاڻڻ کان پوءِ سنڌ تي حملو ڪرڻ کان روڪو ڇو ته جيڪا کيس ڄاڻ ملي انهن مطابق سنڌ ڏکيو محاذ هيو.

حضرت عثمان (24 هجري 645ع کان 35 هجري 655ع) کي به اها ڄاڻ ملي ته سنڌ هڪ ڏکيو محاذ آهي ان ڪري هن سنڌ تي حملي کان روڪيو. هن جي دؤر حڪومت ۾ اسڪندريه، آرمينيا، آذر بائيجان، طرابلس، تيونس، قبرص، مراڪش ۽ بلتستان تائين جا علائقا قبضي هيٺ آندا ويا، اسپين تي به حملو ڪيو ويو.

حضرت علي ابن ابي طالب (Ali ibn Abi Talib) جي خلافت (35 هجري 656ع کان 40 هجري 661ع) عربن ۾ اندروني ڇڪتاڻ جي ڪري يا سندن پاليسي اهڙي هئي جو ڪٿي به ڪاهه نظر نٿي اچي، شاغر بن ذعر” جيڪو مڪران ۾ هيو انهيءَ پٻ جبل جي علائقي تي حملو ڪيو، پر ڪيڪانان وارن سان مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ واپس موٽي ويو.

معاويا بن ابو صفيان (Muawiya ibn Sufyan) جي خلافت جي دور (41 هجري 661ع کان 59 هجري 669ع) ۾ بحر روم ۾ ٻن ٻيٽن روڊس ۽ ارڊاد تي قبضو ڪيو ويو. معاويه جي دؤر ۾ سنڌ تي ٻن طرفن کان حملا ڪيا ويا. هڪ ڪابل (Kabul) ۽ قنڌار (Kandahar) واري پاسي کان ۽ ٻيو پراڻي رستي سان. خيبر کان پهريون حملو 44ھ ۾ مهلب بن ابي صغر ڪيو. ڪيڪانان مان ڦرلٽ ڪري واپس موٽي ويو. ٻيو حملو عبدالله بن سوار عبدي ڪيو، ڪيڪانان مان گهوڙا ۽ ٻي ڦرلٽ ڪري معاويه جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. ٻيهر هن حملو ڪيو ۽ سنڌين هن کي ڪيڪانان ۾ قتل ڪيو. پوءِ سنان بن ابي سنان هزلي مڪران تي ٻيهر قبضو ڪيو. هن جي جاءِ تي راشد بن عمر ازدي مقرر ٿيو. هن ڪيڪانان تي حملو ڪيو ۽ ميد قبيلي هٿان مارجي ويو. هن کان پوءِ سنان بن سلمه مقرر ٿيو، هي ٻڌا جي علائقي ۾ سنڌين هٿان مارجي ويو. جڏهن زياد جي پٽ عباد قنڌار تي قبضو ڪيو ته هن قنڌار کان منذر بن جارود کي سنڌ تي حملي لاءِ موڪليو, جنهن ڪيڪانان ۾ ڦرلٽ ڪئي. هي پورالي ندي واري علائقي ۾ بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. هن جي جاءِ تي حڪم بن منذر کي مقرر ڪيو ويو. معاويه (Muawiyah) جي دؤر ۾ 55ھ ۾ سمرقند ۽ بخارا تي قبضو ڪيو ويو، اتر آفريڪا جا ڪيئي علائقا قبضي هيٺ آندا ويا، قسطنطنيه تي زوردار حملو ڪيو ويو.

يزيد ابن معاويا ابي سوفيان (Yazid ibn Muawiya ibn Abi Sufyan) جي حڪومت جي دؤر (سنه 60 هجري 680ع کان 64 هجري 683ع) ۾ عربَ اندروني ڇڪتاڻ ۾ رهيا. يزيد، امام حسين (Imam Hussain) ۽ ان جي ساٿين کي شهيد ڪرايو. مديني تي ڪاهه ڪئي وئي، ٽن ڏينهن تائين مديني ۾ قتل عام ڪيو ويو ۽ ڦرلٽ ڪئي وئي. ان کان پوءِ حضرت زبير تي مڪي ۾ ڪاهه ڪئي وئي، حضرت زبير حرم ۾ پناهه ورتي، يزيدي لشڪر منجيقن سان ڪعبة الله تي حملو ڪيو ۽ ڪعبة الله کي ڪافي نقصان پهتو. يزيد جي وقت ۾ ترڪمانستان تي حملو ڪيو ويو ۽ 5 ڪروڙ رقم ڦرلٽ ڪئي وئي. يزيد جي وقت ۾ اتر آفريڪا تي ڪاهيو ويو. چچ نامي موجب 61ھ ۾ منذر بن جارود کي سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.

عبدالملڪ بن مروان (65 هجري 686ع کان 86 هجري 707ع) جي خلافت جي دور ۾ حجاج بن يوسف (Al-Hajaj ibn Yusuf) عراق (Iraq) جو گورنر هيو انهيءَ ابن زبير کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪعبة الله تي ڪاهه ڪرائي وئي. حضرت اِبن زبير جو لاش ڦاهي تي ٽنگرايو ويو. عبدالملڪ بن مروان (Abd al-Malik bin Marwan) جي ئي دؤر ۾ حجاج بن يوسف اسلم ڪلابي کي مڪران تي حملي لاءِ موڪليو، جنهن کي عبدالله بن عبدالرحيم ۽ محمد بن معاويا علافي قتل ڪري مڪران تي قبضو ڪيو.

وليد بن عبدالملڪ جو عرب جي اقتدار تي ويهڻ (86 هجري 705ع کان 96 هجري 713ع) کان پوءِ 86ھ ۾ ترڪمانستان تي قبضو ڪيو ويو، 87ھ ۾ بخارا تي ڪاهيائون ۽ 88ھ ۾ قبضو ڪيائون. 91ھ طارق بن زياد اسپين تي قبضو ڪيو. 91ھ ۾ چين تي حملو ڪيو ويو، خاڪانِ چين عربن سان ٺاهه ڪري حڪومت بچائي. انهيءَ زماني ۾ حجاج بن يوسف عبدالله بن نبهان ديبل تي ڪاهه لاءِ موڪليو، جيڪو مارجي ويو. جيسينا (Jay Seena) جو ساڻن مقابلو ٿيو، ان وقت بديل به خشڪي رستي الڳ ڪاهي آيو، بديل، جيسينا هٿان مارجي ويو ۽ عرب موٽي ويا.

راجا ڏاهر عربن هٿان نه پر سنڌيءَ هٿان قتل ٿيو[سنواريو]

10 رمضان 93ھ، جنگ جو چوٿون ڏينهن محمد بن قاسم جنگ جي اصولن جي ڀڇڪڙي ڪندي سنڌي فوج مٿان پٺئين پاسي کان اوچتو حملو ڪرايو هو ۽ محمد بن قاسم جو سپهه سالار شجاع حبشي هيو، جيڪو جنگ ۾ راجا ڏاهر هٿان مارجي ويو هو. عرب جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئجي وئي هئي، محمد بن قاسم، پيارو پاڻي پياريو بدرآن پاڻي کارايو، پاڻي کارايو چئي، پنهنجن سپهه سالارن کي سڏي رهيو هو. عملي طور عربن کي شڪست اچي چڪي هئي، انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي فوج ۾ موجود ڪنهن غدار وطن راجا ڏاهر کي تير هڻي، قتل ڪيو ٿو محسوس ٿئي، جنهن جي خبر هڪ سنڌي غدار اچي محمد بن قاسم کي ٻڌائي ۽ انعام ورتا ۽ پنهنجي مائٽن لاءِ رعايتون ورتيون. جيڪڏهن جنگ دوران ڪنهن عرب هٿان راجا ڏاهر قتل ٿئي ها ته عرب لشڪر فتح جا نعرا بلند ڪري ها ۽ انهيءَ مهل ئي راجا ڏاهر جو سر ڪپي نيزي تي ٽنگيو وڃي ها.

ٻيو اِهو ته راجا ڏاهر جي قتل جي حوالي سان چچ نامي جون ٽڪراءَ ۾ آهن، جن مان راجا ڏاهر جي ڪنهن به عرب هٿان شهيد ٿيڻ جي پڪي شاهدي نٿي ملي. پنهنجن غداري ڪري محمد بن قاسم جو ساٿ به ڏنو، راجا ڏاهر کي قتل ڪري عربن جي شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪيو.[12] [13] [14]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "محمد بن قاسم سندھ فتح کرنے کے بعد گئے تو گئے کہاں؟" (ur ۾). BBC News اردو. https://www.bbc.com/urdu/pakistan-57839679. 
  2. "سنڌ ۾ عرب دور حڪومت : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-06-23. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2023-06-23. 
  4. "سنڌ تي ٻاهرين قبضي جو داستان؛ تاريخ جي آئيني ۾ قسط 2". www.wichaar.com. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  5. نقوی, صدیق اکبر. "محمد بن قاسم نے سندھ میں اسلام پھیلایا یا دہشت؟". نیا دور (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-06-23. 
  6. "سنڌ تي ٻاهرين قبضي جو داستان؛ تاريخ جي آئيني ۾ قسط 1". www.wichaar.com. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  7. "صعدي بن خريمه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-06-23. 
  8. 8.0 8.1 "راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان) (ٺٽوي ڪاتيار) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  9. Moderator, The Time News. "ڪتاب سنڌ ڪماري (ناول) تي تبصرو". The Time News. حاصل ڪيل 2023-06-23. 
  10. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  11. ڪتاب: چچ نامون، سنڌي ادبي بورڊ
  12. راجا ڏاهر عربن هٿان نه پر هڪ سنڌيءَ هٿان قتل ٿيو!؟ | Affair - افيئر[مئل ڳنڍڻو]
  13. مضمون: راجا ڏاهر عربن هٿان نه پر هڪ سنڌيءَ هٿان قتل ٿيو!؟ ليکڪ: علي نواز ٻُٽُ
  14. تاريخ اسلامي- جلد- 1- 2، (شاهه معين الدين احمد ندوي) چچ نامو (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) تاريخ سنڌ (اعجاز الحق قدسي