مواد ڏانھن هلو

راجا سامبس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راجا سامبس(انگريزي: Sambus ) (يوناني ٻوليءَ ۾ اچاريل).راجا سامبس قديم سنڌ جي انهن مقامي حڪمرانن مان هو، جن جو ذڪر سڪندر مقدونيءَ جي هندستاني مهمن جي حوالي سان يوناني تاريخي ذريعن ۾ ملي ٿو. يوناني مؤرخن هن کي Sambus يا Samboos جهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي. جديد تحقيق موجب، سامبس سنڌونديءَ جي هيٺئين علائقي (Lower Indus region) يا اولھ سنڌ جي ٽڪرين سان لاڳاپيل ڪنهن سياسي وحدت جو حڪمران هو، جڏهن ته سندس صحيح دارالحڪومت بابت مؤرخن ۾ اختلاف موجود آهي[1].

سياسي ۽ تاريخي پسمنظر

[سنواريو]

سڪندر جي لشڪر ۾ ايراني، يوناني ۽ وچ ايشيا جا سپاھي ھئا. سن 327 ق- م ۾ يوناني فاتح ڪابل ۽ سوات مان ٿيندو، پنجاب ۾ گھڙيو، جتي ھن راجا پورس کي شڪست ڏني، پوءِ سنڌو نديءَ جي ذريعي ملتان پھچي، ھن ملتان جي مالي راجا کي شڪست ڏني. اڳتي ايندي ھن سانگلا شھر ۾ مقامي ماڻھن جي سخت مقابلي ۽ مزاحمت جو منھن ڏٺو. سانگلا شھر جا ستر ھزار ماڻھو سڪندر يونانيءَ جي فوجن ھٿان مارجي ويا. ايڇ ٽي لئمبرڪ مطابق راجا سامبس ھڪ مقامي سردار ۽ اولھ سنڌ جي سنڌوندي جي ڀرسان يا ڏکڻ سنڌ جي ڪنھن علائقي جو حاڪم ھيو ۽ ان جو راجا ميوسيڪانس (Musi­canus) سان سياسي ۽ فوجي تڪرار به هلندڙ هو[1].

سامبس ۽ سڪندر جا لاڳاپا

[سنواريو]

ايڇ. ٽي. لئمبرڪ مطابق، امڪان آهي ته سڪندر شروعاتي مرحلي ۾ سامبس کي ميوسيڪانس جي وڌندڙ طاقت کي متوازن ڪرڻ لاءِ اولھ سنڌ جي ٽڪرين ۾ رهندڙ قبيلن تي اثر رکندڙ مقامي سردار طور قبول ڪيو هجي. سامبس شايد ان وقت سڪندر آڏو فرمانبرداري يا پٺڀرائي جو اظهار ڪيو، جڏهن ميوسيڪانس اڃا مڪمل طور مطيع نه ٿيو هو[1].

بغاوت، فرار ۽ فوجي ڪارروايون

[سنواريو]

جڏهن سڪندر ميوسيڪانس کي معافي ڏئي ٻيهر اقتدار ۾ بحال ڪيو، تڏهن سامبس کي سياسي نقصان جو انديشو ٿيو. يوناني ذريعن موجب، سامبس ان صورتحال کان پوءِ فرار ٿي ويو، جنهن کي سڪندر بغاوت سمجهي سامبس جي علائقي ڏانهن فوجي پيشقدمي ڪئي. ڪيترائي شهر بغير مزاحمت جي يوناني فوجن حوالي ٿيا[1][2] سڪندر سامبَس جي دارالحڪومت سِنديمَن جي دورازن وٽ اچي پهتو: دروازا کوليا ويا، ۽ سردار جي ڪٽنب جا ڀاتي پنهنجي هٿن ۾ هن جا خزانا کڻي، اچي ٻاهر بيٺا، ”جن جي قيمت جو هنن حساب لڳائي ڇڏيو هو“، ۽ تن سان گڏ هن جا هاٿي به ڪاهي آيا[1].

برهمڻ شهر جي مزاحمت

[سنواريو]

لئمبرڪ نشاندهي ڪري ٿو ته مقامي ماٺ عارضي هئي. جلد ئي سامبس جي علائقي ۾ برهمڻن جي اثر هيٺ هڪ شهر کليل طرح سڪندر جي فوجن جي مقابلي لاءِ بيٺو. يوناني مؤرخ ايرين (Arrian) جي بيان موجب، جنهن کي لئمبرڪ، ڪرٽيئس روفس (Curtius Rufus) جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀروسي جوڳو قرار ڏئي ٿو، سڪندر ان شهر تي سخت حملو ڪيو ۽ برهمڻ اڳواڻن کي قتل ڪرايو، ڇاڪاڻ⁠ ته هن انهن کي سامبس جي بغاوت جو محرڪ سمجھيو[1][3].

انجام ۽ موت

[سنواريو]

يوناني روايتن موجب، سامبس آخرڪار سڪندر جي قبضي ۾ آيو يا سندس حڪم سان قتل ڪرايو ويو. سامبس جي موت جو وقت عام طور 327 ق.م کان 323 ق.م جي وچ واري عرصي سان ڄاڻايو وڃي ٿو. مقامي سنڌي ذريعن ۾ هن دور جي تفصيلي تاريخ محفوظ نه رهي آهي، تنهنڪري سامبس بابت بنيادي ڄاڻ گهڻي قدر يوناني مؤرخن تان ورتل آهي[1].

تاريخي اهميت ۽ نئين تشريح

[سنواريو]

تحقيقي تاريخنويسيءَ ۾ (جهڙوڪ لئمبرڪ) سامبس کي هڪ مقامي سردار ۽ علائقائي حڪمران طور ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جي سياسي حيثيت يوناني ماخذن جي روشنيءَ ۾ محتاط انداز سان سمجهي وڃي ٿي. ان جي ابتڙ، سنڌي قومپرست مؤرخ، خاص طور عبدالواحد آريسر، سامبس کي ڌارين يلغارن جي مقابلي ڪندڙ ۽ سنڌي مزاحمت جي علامتي ڪردار طور پيش ڪن ٿا، ۽ کيس وطن لاءِ وڙهندي قربان ٿيندڙ مقامي اڳواڻن ۾ ڳڻين ٿا[4][1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. Arrian: Anabasis of Alexander
  3. Arrian: Anabasis of Alexander
  4. عبدالواحد آريسر؛ سر ۾ سانجھي وير