راجا سامبس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

راجا سامبس(انگريزي: Raja Saambas ) (يوناني ٻوليءَ ۾ اچاريل) سنڌ تي انهن ڏينهن ۾ سنديمن نالي شھر جي حڪمراني ڪندو هو ،جڏهن سڪندر مقدوني پوري دنيا کي فتح ڪرڻ خاطر سنڌ تي ڪاهي آيو. راجا سامبس سندس دليري سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ 327 ق-م ۾ وطن لاء وڙهندي قربان ٿي ويو ۔

سڪندر يوناني، هڪ وڏي جنگ ۾ دارا کي شڪست ڏيئي، وچ ايشيا ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ھندوستان ڏانھن مُڙيو، اُن وقت سنڌ جي مختلف علائقن تي ڌار ڌار راجا حڪومت ڪندا ھئا. ھاڻوڪي ٺٽي واري علائقي تي راجا سامبس حڪومت ڪندو ھو.

سڪندر جي لشڪر ۾ ايراني، يوناني ۽ وچ ايشيا جا سپاھي ھئا. سن 327 ق- م ۾ يوناني فاتح ڪابل ۽ سوات مان ٿيندو، پنجاب ۾ داخل ٿيو، جتي ھن راجا پورس کي شڪست ڏني، پوءِ سنڌو نديءَ جي ذريعي ملتان پھچي، ھن ملتان جي مالي راجا کي شڪست ڏني. اڳتي ايندي ھن سانگلا شھر ۾ مقامي ماڻھن جي سخت مقابلي ۽ مزاحمت جو منھن ڏٺو. سانگلا شھر جا ستر ھزار ماڻھو سڪندر يونانيءَ جي فوجن ھٿان مارجي ويا. ايڇ ٽي لئمبرڪ مطابق راجا سامبس ھڪ مقامي سردار ۽ اولھ سنڌ جي سنڌوندي جي ڀرسان يا ڏکڻ سنڌ جي ڪنھن علائقي جو حاڪم ھيو[1] ان جي سڪندراعظم جي اچڻ کان اڳ راجا ميوسيڪانس (يوناني ٻوليءَ ۾ اچاريل) نالي ڏکڻ سنڌ جي راجا سان لڙائي ھلندڙ ھئي. ايڇ ٽي لئمبرڪ وڌيڪ لکي ٿو تہ:ائين نظر اچي رهيو آهي ته سڪندر اڳيئي سنڌ ۾ ميوسيڪانس جي ملڪي طاقت جي خلاف توازن برقرار رکڻ لاءِ، سردار سامبَس کي ”جابلو هندستانين“ يعني اولهه سنڌ جي ٽڪرين ۾ رهندڙ قبيلن جو وائيسراءِ مقرر ڪيو هو. اهو سردار اڳي ئي ميوسيڪانَس سان جنگ ۾ يا هن جي خلاف بغاوت ۾ مصروف هو، ۽ شايد سڪندر جي آڏو پنهنجي فرمانبرداريءَ يا حمايت جي اظهار ڪرڻ لاءِ سندس خدمت ۾ ان وقت وڃي حاضر ٿيو هو، جڏهن ميوسيڪانس اڃا بادشاهه کان ڪناره ڪشي ڪري رهيو هو. پر سامبس کي هاڻي انهيءَ ڳالهه تي سخت چڙ لڳي، جو سندس انهيءَ رقيب ۽ دشمن کي معافي ڏيئي، هن تي ايڏي نوازش ڪئي ويئي هئي، ۽ ان چڙ ۾ هو فرار ٿي ويو.[1].راجا آڪسيڪانس جي شڪست کان پوء سڪندر اعظم فرار ٿيل راجا سامبس جي علائقي ڏانهن پيش قدمي ڪئي.رستي تي شهرن پٺيان شهر، مقابلي کان سواءِ پيش پوندا ويا- ”سڀني هندستانين جون دليون سڪندر ۽ سندس فوجن جي ڪامياب يلغارن کان خوف ۽ هراس وچان ايتريقدر ڪمزور ۽ نستيون ٿي ويون هيون.“ دراصل اها نستائي گمراهه ڪندڙ هئي، جلد ئي اها ڳالهه ظاهر ٿي ته سنڌ ۾ هڪ اهڙي خفيه طاقت موجود هئي، جيڪا ڌارين جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي دلين ۾اٽل ارادو پيدا ڪري پئي سگهي، اها قوت برهمڻن جو اثر هو. اها حقيقت ان وقت ظاهر ڪانه ٿي، جڏهن سڪندر سامبَس جي دارالحڪومت سِنديمَن جي دورازن وٽ اچي پهتو: دروازا کوليا ويا، ۽ سردار جي ڪٽنب جا ڀاتي پنهنجي هٿن ۾ هن جا خزانا کڻي، اچي ٻاهر بيٺا، ”جن جي قيمت جو هنن حساب لڳائي ڇڏيو هو“، ۽ تن سان گڏ هن جا هاٿي به ڪاهي آيا. هنن ائين به اچي چيو ته سامبس مخالفت يا بغاوت جي خيال سان فرار ڪونه ٿي ويو آهي، پر هن خوف ۾ اچي ائين ڪيو آهي؛ هن کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته سندس دشمن، ميوسيڪانس، جي بادشاهه وٽ سرخرو ئي ٿي آهي، تڏهن ان ۾ هن کي پنهنجي لاءِ نهايت ئي خراب نتيجو ڏسڻ ۾آيو . ايڇ ٽي لئمبرڪ مطابق سامبس جي خلاف ڪيل ڪاررواين لاءِ مؤرخ ڪرٽيئس جي بيان جي ڀيٽ ۾ مؤرخ ايرين جو بيان وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي. ايڇ ٽي لئمبرڪ وڌيڪ لکي ٿو تہ: اها ڳالهه واجبي ۽ معقول به هئي، پر انهيءَ وچ ۾ ڇا ٿيو، جو سامبَس جي علائقي ۾ برهمڻن جو هڪ شهر ظاهر ظهور حمله آور جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪمرڪشي بيهي رهيو. سڪندر فوراً انهي شهر تي هڪ ڀرپور حملو ڪيو، ۽ ان جي سڀني برهمڻن کي مارائي ڇڏيو، جو انهن کي ئي هن سندس خلاف انهيءَ اٿاريل بغاوت جو سبب سمجهيو.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو