بنو اميه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بنو اميه خلافت جو جھنڊو


اصل ۾ حضرت عثمان رضه جي شهادت کان پوِءِ حضرت عثمان رضه جي قصاص جو معاملو روز پڪڙي ويو. امير ماويا جيڪو حضرت عثمان جو مائٽ هو ۽ شام جو گورنر هو، ان حضرت عثمان رضه جي قاتلن جي گرفتاريءَ جي گُهر حضرت علي رضه کان ڪئي، جيڪو حضرت عثمان جي شهادت کانپوءِ خليفو ٿيو هو. بيبي عاعشه به حضرت عثمان جي قتل جي قصاص جي گُهر ڪئي. حضور صلعم جا صحابه سڳورا به بيبي عاعشه جو ساٿ ڏيڻ لڳا ۽ حضرت علي رضه ۽ بيبي عاعشه جي وچ ۾ جنگ ٿي، جنهن کي جنگ جمل سان ياد ڪيو وڃي ٿو. بيبي عاعشه جڏهن اُٽ تي ويٺي ته ان جون ٽنگون تلوار سان ڪٽي ڇڏيون ويو ۽ بيبي عاعشه جو پاکڙو ڪري پيو، جنهن تي اها ويٺي هئي. بيبي عاعشه کي باندي ڪري يا ڪن روايتن جي مطابق رنجيرن ۾ جڪڙي حضرت علي جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. حضرت عثمان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي امير ماويه بغاوت ڪري ڇڏي ۽ دمشق ۾ پنهنجي خلافت جو اعلان ڪري ڇڏيو. تنهن تي حضرت علي رضه لشڪر وٺي امير معاويه سان جنگ لاءِ روانو ٿيو ۽ امير ماويه ۽ حضرت علي رضه جي وچ ۾ جنگ ٿي، جنهن ۾ روايتن مطابق ٻنهي طرف جا لڳ ڀڳ نوي هزار مسلمان شهيد ٿيا. ان جنگ کي جنگ صفين جي نالي ياد ڪيو وڃي ٿو.

مسلمانن جي هڪ ٻئي گورهه، جنهن کي خارجي چيو وڃي ٿو فتوا ڏني ته امير معاويه ۽ حضرت علي رضه ٻئي ڪافر ۽ مرتد آهن ۽ مسلمانن جا قاتل آهن، تنهنڪري ٻئي واجب القتل آهن ۽ ان گروهه طرفان ٻنهي کي قتل ڪرڻ لاءِ جٿا مقرر ڪيا ويا ۽ صبح جي نماز جو وقت مقرر ڪيو ويو. انهن طرفان حضرت علي رضه شهيد ڪري ڇڏيو ويو. ٻئي دمشق ۾ امير معاويه مسيت ۾ نماز لاءِ نه آيو هو، تنهنڪري اهو بچي ويو.

حضرت علي جي شهادت کانپوءِ امام حسن اڳيان هلي خلافت جي حق تان هٿ کڻي ويو ۽ امير معاويه بيت المال مان حضرت امام حسن ۽ حسين جو وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو، جيڪواهي وٺندو رهيا ۽ حضرت امام حسن ڪيترائي ڀيرا پنهنجو وظيفو وڌائڻ جي گُهر به ڪئي. امير معاويه پنهنجي پُٽ حافظ يزيد کي خلافت جو جانشين مقرر ڪيو ۽ حافظ يزيد، امير معاويه جي لاڏاڻي کان پوءِ خليفو ٿي ويو. جيستائين حضرت امام حسن حيات هو، تيستائين وظيفو وٺندو رهيو.

حضرت امان حسن رضه جي رحلت کانپوءِ ڪوفو، جيڪو حضرت علي عليه السلام جي خلافت جي گادي جو هنڌ هئو، اتان جي شهرين خطَ لکي مديني پاڪ ڏانهن حضرت امان حسين عليه السلام کي اُماڻيا. مديني پاڪ جي شهرين حضرت امام حسين کي روڪيو ته ڪوفي وارن تي اعتبار نه ڪري، ڇو جو انهن اوهان جي والد حضرت علي عليه السلام کي به شهيد ڪيو هو. حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ويڳي ڀاءُ حضرت عقيل رضه کي ڪوفي ڏانهن اُماڻيو ته اهو ڪوفين جو حال ڄاڻي کيس احوال ٻڌائي. حضرت مسلم بن عقيل جي ڪوفي وارن ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي ۽ ان حضرٽ امام حسين کي خط لکيو ته حالتون ٺيڪ آهن، اوهان اچو. ياد رهي ته مديني وارن امام حسين جو صحيح نموني سان ساٿ نه ڏنو هو، ان ڪري حضرت امام حسين مدينو ڇڏي مڪي پاڪ هليو ويو هو. حضرت مسلم بن عقيل جا خط ملڻ کانپوءِ حضرت امام حسين روانو ٿيو ته ڪوفي ۾ اها ڳالهه پکڙجي وئي ته امام عليه السلام اچي رهيو آهي. ان وقت ڪوفي جو گورنر ابن ذياد هو، جيڪو پهريان حضرت علي رضه جي فوج جو ڪمانڊر به رهي چڪو هو. پر هاڻي يزيد جي طرفان ڪوفي جو گورنر هو ته ڪوفي جي شهرين تي سختي شروع ڪئي، تنهنڪري ڪوفي وارا حضرت مسلم بن عقيل کان ڦِري ويا. حضرت مسلم بن عقيل، حضرت امام حسين رضه کي خط لکيو ته ڪوفي وارا اسان کان ڦِري ويا آهن، تنهنڪري اوهان هتي نه اچو، پر حضرت امام حسين عليه السلام اڳ ۾ روانو ٿي چڪو هو. حضرت مسلم بن عقيل هڪ گهر ۾ پناهه ورتي پر ڪوفي وارن ابن زياد کي ان باري ۾ اطلاع ڏئي ڇڏيو ۽ حضرت مسلم بن عقيل کي شهيد ڪري ڇڏيو ويو.

حضرت امام حسين رضه کي جڏهن حضرت عقيل جي شهادت جي ڄاڻ ملي ته ڪوفي وڃڻ جي بدران ٻيو رستو ورتو ۽ فرات نديءَ جي هڪ شاخ جي ويجهو هڪ غير آباد ميدان ۾ پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا ۽ رات جو حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪير واپس وڃڻ چاهي ته ضرور واپس وڃي. جيڪي ماڻهو هئا رات جي اونڌاهه اهي سڀئي هليا ويا ۽ صبح جو رڳو ستر ڄڻا وڃي بچيا. ابن زياد کي ڄاڻ ملي ته حضرت امام حسين درياءِ فرات جي ڪناري تي اچي خيما کوڙيا آهن ته ان پنهنجي لشڪر سان حضرت امام حسين عليه السلام جي خيمن جو گهيراءُ ڪري ورتو. پوءِ ان مقام تي هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن کي دنيا ڪرب و بلا يعني ڏک ۽ الم جو نالو ڏنو. جنهن کي دنيا يوم عاشور جي نالي سان ملهائي ٿي. حضرت امام حسين عليه السلام امن ۽ صبر پيڪر هو. هن جنگ ۾ حضرت امام حسين دشمن تي نه ڪو وار ڪيو ۽ نه ئي ان سان وڙهيو. ڪجهه روايتن ۾ اهو به آهي ته پاڻ امن خاطر يزيد سان ملڻ لاءِ چيو ۽ ڪن روايتن ۾ آهي امام عليه السلام، ابن زياد کي چيو ته اهو سنڌ يا سيوستان وڃڻ ٿو چاهي.

امام حسين عليه السلام جي شهادت کانپوءِ به يزيدي نظام هلندو رهيو. اتان کان ئي حقيقت معنا ۾ بنو اميه جي خلافت جي شروعات هئي. حضرت علي عليه السلام کانپوءِ خلافت جون واڳون امير معاويه جي هٿ ۾ آيون. جنهن تحت عرب خليفن جي خاندان 661ع کان 750ع تائين حڪومت ڪئي. معاويه کانپوءِ سندس پٽ يزيد خلافت سنڀالي ۽ حڪومت سنڀاليندي ئي حضرت امام حسين عليه السلام کي سندس عزيزن ۽ دوستن سميت ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ڪرائي، سندن فرزند امام زين العابدين عليه السلام ۽ پاڪ بيبين کي قيد ڪرايائين. يزيد کان پوءِ سندس پٽ معاويه ثاني تخت تي ويٺو. جيڪو رڳو ٽي مهينا خليفو رهيو. ان کانپوءِ عبدالملڪ ايڪيهه سال، وليد ڏهه سال ۽ ان کانپوءِ سليمان بن عبدالملڪ ۽ پوءِ عمر بن عبدالعزيز، پوءِ يزيد ثاني، هاشم بن عبدالملڪ، وليد بن يزيد، يزيد ثالث ۽ ابراهيم بن وليد حڪمران ٿيا. بنو اميه جو آخري خليفو مروان بن محمد ٿيو، جنهن 132ھ (750ع) تائين خلافت ڪئي. اهڙي طرح بنو اميه جي نوي ورهين جي حڪمرانيءَ دؤر ۾ ڪل چوڏهن خليفا ٿي گذريا. بنو اميه جي عهد کانپوءِ 132ھ (750ع)۾ بنو عباس (عباسيه) گهراڻي جو دؤر حڪومت شروع ٿيو. بنو عباس جي گهراڻي 656ھ (1258ع) تائين حڪومت ڪئي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. "بنو اميه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-11-14.