احمد شاھ بريلوي
سيد احمد شاھ بريلوي | |
---|---|
سيد احمد شھيد جي بالاڪوٽ ۾ قبر | |
پيدائش | احمد شاھ 29 نومبر 1786 رائيبريلي, يونائيٽيڊ پراونسز آف اوڌ اينڊ آگرا (موجوده:اتر پرديش) |
وفات | 6 مئي 1831 (عمر 44 سال) بالا ڪوٽ, مانسھرہ |
وفات جو ڪارڻ | سکن سان جنگ دؤران زخمي ٿي وفات ڪري ويو |
قوميت | برٽش انڊين |
شھرت جو ڪارڻ | سکن خلاف جھاد |
جيون ساٿي | زھرہ |
'فوجي زندگي' |
سيد احمد شھيد :معروف مجاهد ۽ صوفي بزرگ احمد شاهه بريلوي، 6 صفر 1201ھ/ 28 نومبر 1786ع تي اوڌ جي ڳوٺ رائي بريلي ۾ پيدا ٿيو[1].
احوال زندگي
[سنواريو]سندس وڏو ڏاڏو سيد قطب الدين شاهه، التمش جي دؤر ۾ هندستان ۾ آيو ۽ شيخ الاسلام جو عهدو حاصل ڪيو هئائين[1]. سيد احمد شروعاتي تعليم گھر ۾ حاصل ڪئي. ننڍپڻ ۾ بندوق ۽ تير هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. ٿورو وڏو ٿيڻ بعد مخلوقِ خدا جي خدمت ڪرڻ شروع ڪيائين. سترهن سالن جي عمر ۾ ملازمت لاءِ پهرين لکنؤ ۽ پوءِ دهليءَ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ پهتو، جنهن کيس شاهه عبدالقادر ڏانهن موڪليو[1]. جتي پاڻ عربي ۽ فارسي جا ڪتاب پڙهيائين[1]. 1808ع ۾ سيد احمد واپس بريليءَ پهتو ۽ اتي ئي ”زهره“ نالي عورت سان شادي ڪيائين[1]. انهيءَ زماني ۾ امير الدوله نواب ٽونڪ وٽ ملازمت ڪيائين.[1] رائيبريلي کان دھلي لڏڻ بعد ھن شاھ ولي الله جي پٽ سان گڏ تعليم حاصل ڪئي[2]. 1811 کان 1818 تائين ھن وچ انڊيا جي ھڪ مسلمان حاڪم جي فوج ملازمت ڪئي[2].
جھاد
[سنواريو]1810ع ۾ جڏهن امير خان انگريزن سان معاهدو ڪيو ته هن امير خان کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي اڪبري مسجد ۾ رهيو ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين[1]. اتي شاهه اسماعيل سندس هٿ تي بيعت ڪئي، انهيءَ زماني ۾ جهاد جي تبليغ شروع ڪيائين. سهارن پور، گنگوهه، مظفر نگر، ديوبند، ڪانڌلا، سلون، الهه آباد، بنارس، سلطان پور، ڪانپور، لکنؤ ۽ ٻين شهرن جو سفر مسلمانن جي عقيدي ۽ عمل جي اصلاح ۽ منجهن جهاد جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيائين[1].1822[2] يا 1821ع[1] ۾ 400 ساٿين سان گڏ حج تي روانو ٿيو ۽ 28 شعبان 1239ھ/28 اپريل 1824ع تي ساٿين سميت حج جو فريضو ادا ڪري واپس وطن پهتو[1]. حج تان واپسيءَ بعد سيد احمد بريلوي جهاد جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو ۽ جڏهن مجاهدن جي هڪ جماعت تيار ٿي، تڏهن 7 جمادي الثاني 1241ھ/ 17 جنوري 1826ع کان هندستان کي ’دارالحراب‘ جو نالو ڏئي ڪالپي، گواليار، ٽونڪ، اجمير، پالي، امرڪوٽ، حيدرآباد (سنڌ)، راڻيپور، شڪارپور، بولان، ڪوئٽا، غزني، ڪابل، جلال آباد جي رستي پشاورپهتو[1]. سنڌ مان گذرڻ دوران هن پير صبغته الله شاهه اول سان راڻيپور ۾ ملاقات ٿي، جتي پير صاحب نه رڳو هن سان پنهنجا 500 سرفروش گڏي ڏنا، پر سندس حرن کي پاڻ وٽ پناهه بہ ڏني. اهي سنڌي سرفروش بالاڪوٽ واري معرڪي ۾ بهادريءَ سان وڙهيا هئا[1]. پشاور پهچڻ بعد عام ماڻهن ۽ حاڪمن کي اسلام جي دعوت ڏنائين. ايتري قدر جو 1826ع ۾ پنجاب جي حاڪم رنجيت سنگهه کي شرعي پيغام موڪليائين ته بهتر ٿيندو ته هو اسلام قبول ڪري[1]. ان ڳالھ تي رنجيت سنگھ پنهنجي ڀاءُ ٻڌ سنگھ کي ڏهن هزارن جي لشڪر سان سيد احمد شهيد سان مقابلي لاءِ موڪليو. 20 جمادي الاول 1242ھ/ 1826ع تي 900 مجاهدن رات جو سکن تي حملو ڪيو. هن معرڪي ۾ 700 سِک ۽ 82 مجاهد مارجي ويا ۽ سکن جو لشڪر اڪوڙا مان ڀڄي شيدو ۾ وڃي پناهه ورتي[1]. 1827ع تي سيد احمد شاهه جي ڪوششن سان 80 هزار مجاهد گڏ ٿيا[1]. سکن سازش وسيلي يار محمد خان ۽ ٻين کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو، يار محمد خان سيد احمد کي زهر ڏياريو[1]. هي اهو وقت هو جڏهن سکن سان شيدو جي ڏکڻ-الهندي ۾ جنگ شروع ٿيڻ واري هئي. سيد احمد بچي تہ ويو پر هي جنگ شڪست جو باعث بڻجي وئي[1]. عين فتح ياب ٿيڻ وقت يار محمد خان جنگ جي ميدان مان ڀڄي نڪتو، جنهنڪري کٽيل جنگ شڪست ۾ تبديل ٿي ويئي. ان بعد سک ۽ پشاور جا سردار سيد احمد جي ساٿين جا دشمن ٿي پيا. جنگ دوران يار محمد خان ماريو ويو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ڳجهيءَ سازشن هيٺ سيد احمد جا 150 ساٿي ماريا ويا[1]. 17 اپريل 1831ع تي سيد احمد بريلوي سچون کان بالاڪوٽ روانو ٿيو. جتي شاهه اسماعيل سندس شاندار استقبال ڪيو[1]. 24 ذوالقعد تي بالاڪوٽ ۽ مٽي ڪوٽ جي وچ تي سيد احمد ۽ شير سنگھ جي جنگ شروع ٿي. سيد صاحب ساٿين سميت وڏي جذبي سان جنگ وڙهندو رهيو. جنگ وڙهندي پاڻ مٽي ڪوٽ جي واھ ۾ ڪري شهيد ٿي ويو. سيد احمد شهيد جي مزار بالاڪوٽ ۾ موجود آهي.[1]
ڪجهه تاريخي حقيقتون
[سنواريو]پاڪستان جي حڪومتي سرپرستي واري تاريخ ۾ جيڪڏهن سيد احمد شھيد جي 1831 واري جھادي تحريڪ کي جيڪڏهن ڏسبو ته مورخ تحريڪ جي ناڪامي لاءِپٺاڻ قبيلن ۽ ان جي سردارن کي اھو چئي ذميدار قرار ڏين ٿاتہ انھن غداري ڪئي ۽ مجاھدين جو ساٿ نه ڏنو جيڪو سيد احمد شاھ جي شڪست جو سبب بڻيو[3]. ڊاڪٽر مبارڪ علي ان جو تجزيو ڪندي لکيو آهي تہ:"جڏهن ان تحريڪ کي علائقائي نظر سان ڏٺو ويندو آهي ته آھي سوال پيدا ٿيندا آهن تہ اھي قبيلن جي مشوري ۽ رضامندي کان بغير اتي آيا ۽ پنھنجي حڪومت قائم ڪري قبيلن کي پنھنجي اطاعت لاءِ مجبور ڪيو ان لاء پٺاڻن جي بغاوت جائز ھئي ڇوتہ انھن مجاھدن اتي اچي انھن قبيلن جي خودمختياري تي حملو ڪيو ھو[3]. سيد احمد شاھ شيعن پاران امامن کي وڏو مقام ڏيڻ جي عمل ، مزارن تي پرستش وارين رسمن، ھندن جي سماجي ۽ مذھبي رسمن ۾ مسلمانن جي شرڪت جو سخت مخالفت ھو[2]. سندس حامين کيس پنھنجي دؤر جو مجدد ۽ ڪن کيس بشارت ڪيل مھدي سڏيو پر سندس مخالفن کيس وھابي سڏيو پر ھن پاڻ ڪڏھن اھڙي ڪابہ دعوا ڪانہ ڪئي ھئي[2]. درحقيقت ھي وھابي تحريڪ جي باني محمد ابن عبدالوھاب کان وڌيڪ شاھ ولي الله دھلي واري جي پيروي ڪندڙ ھيو[2]. سيد احمد شاھ بريلوي جي تحريڪ احمد رضا بريلوي جي 1880 واري ڏھاڪي ۾ ھلايل بريلوي تحريڪ کان مختلف ھئي. ان سيد احمد شاھ بريلوي جي اصلاحي خيالن جي مخالفت ڪئي ۽ ان جي ابتڙ انھن صوفي بزرگن جي محنت ۽ انھن جي مزارن تي عقيدت سان حاضرين جي حمايت ڪئي[2].
ڪتاب
[سنواريو]سيد احمد شهيد مسلمانن جي هدايت لاءِ ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا. جن مان ڪجهه جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا[1]:
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 بريلوي احمد شاھ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 92,93
- ↑ 3.0 3.1 اردو کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز،لاہور صہ28-