رام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
رام چندر
An image collage of Hindu deity Rama.jpg
ھندو مذهب جو وشنو جو ھڪ روپ
سنسڪرت۾ راما
اشريڪ وشنو جو ستون اوتار
مسڪن وئڪونتا, ايوڌياساڪيت
ھٿيار تير ڪمان
ساٿي سيتا
والدين

دسرٿ (پيء)
ڪوشليا (سڳي ماء) [1]
ڪاليڪي(ويڳي ماءُ)


سمترا (ويڳي ماءُ)
ڀاء ڀيڻ

لڇمڻ (ڀاء)
ڀارت (ڀاء)
شتروگھن(ڀاء)


شانتا(وڏي ڀيڻ)
اولاد لاوا (پٽ)
ڪشا (پٽ)
متن رامائڻ
تھوار رام نوامي, وواھ پنچمي, ديپاوالي, دسشيرا


رام ہا راما(انگريزي: Ram) يا (انگريزي: Rama) (/ˈrɑːmə/;[2] ھندو مذهب ۾ سڀ کان وڏو ديوتا آھي ۽ وشنو جو ستون وڏو اوتار ۽ ڪرشن ۽ گوتم ٻڌ وانگر وشنو جو مشھور روپ سمجھيو ويندو آهي. [3][4][5] سندس جنم ايوڌيا ۾ راجا دسرٿ ۽ راڻي ڪوشليا مان ٿيو .

ھندو ڏند ڪٿائي سورمو[سنواريو]

آڳاٽي هندُڪي زماني ۾ اُتر هندستان ۾ ڪئين سورما ۽ جنگي جوڌا ٿي گذريا آهن. ساري ديس ۾ سڀني کان ٻلوان ۽ سورمو راڄ ڪنور رام ٿي گذريو آهي جو دسرٿ، ايوڌيا (جو هاڻي اُتر هندستان ۾ اوڌ جي نالي سان ڪوٺبو آهي) جي راجا جو پٽ هو[6].اُنهيءَ سمي ۾ سڀني کان وڌيڪ سوڀيا واري ڪنيا هئي سيتا جا هڪ ٻئي کتري راجا جي ڌيءَ هئي. پڻس کي هڪ وڏو ڳرو ڌنش (ڪمان) هو، ۽ چيائين ته جيڪو اِهو ڌنش موڙيندو تنهن کي سيتا جي ٻانهن ڏيندس. راجائن هڪ ٻئي پٺيان اُنهيءَ ڀاري ڌنش موڙڻ لاءِ جتن ڪيو، پر ڪو سوڀارو ڪونه ٿيو. پر جڏهين رام آيو تڏهين هو سهنجائي سان هن کي موڙي ويو ۽ ويس موڙيندو تان جو ٺڪاءُ ڏيئي ٻه ٽڪر ٿي پيو. چوڌاري واه واه پئجي ويئي ۽ پوءِ وڏي ڌوم ڌام سان رام ۽ سيتا جو ويانهن ٿيو.[6].3- رام کي پڻس ٻين سڀني پٽن کان گهڻو ڀائيندو هو. جنهن صورت ۾ راجا جو وڏو پٽ هو تنهن صورت ۾ تخت جو وارث پاڻ ئي هو. پر رام کي هڪ ڪٺور دل ماٽيجي ماءُ هئي، جنهن جي مرضي هئي ته منهنجي پٽ کي گادي ملي. ٻڍي راجا کي پرڀائي ريجهائي چيائينس ته رام ۽ ڀاڻس لڪشمن کي ديس نيڪالي ڏيئي ڏکڻ هندستان ڏي بن ۾ موڪل ۽ منهنجي پٽ کي يوُراج مقرر ڪر. رام پنهنجا پيُ جي آگيا انوسار لڪشمن ۽ سيتا سان گڏجي ٻيڙيءَ ۾ ندي لتاڙي دکن جي ٽاڪرو ملڪ ڏي روانو ٿيو. 4- اِتي وڃي رام ڪيترا سال بن ۾ رهيو. ٻيلن ۾ ڪاري رنگ جون ڪي قومون رهنديون هيون جن کي آريه ڪوٺيندا ئي هوا باندرا. اِنهن سان رام دوستيءَ جو رستو رکيو. هڪڙي ڏينهن رام ويو شڪار تي ته سندس پر پٺ راوڻ نالي هڪ پاپي راجا سيتا کي کڻي ويو لنڪا جي ٻيٽ ۾، جن کي هاڻي سيلون ملڪ ڪري ٿا چون.[6].رام سندس پٺيان پيو ۽ سُگر پوُ ٻيلن وارين ڪارين قومن جي حاڪم، پنهنجا سينا پتيءَ (سپه سالار) هنوُمان (جنهن کي هاڻي هندو باندرن جو ديوتا ڪري پوڄين ٿا) سان وڏو ڪٽڪ کيس واهر ڪرڻ ڪاڻ ڏياري موڪليو. راوڻ کي ماري سيتا کي سک سان موٽي وٺي آيا. 5- نيٺ رام، سيتا ۽ لڪشمن سان گڏجي پنهنجي راڄ گديءَ ڏانهن موٽيا. پڻس ته مري ويو هو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جنهن گاديءَ تي وهڻ کان اِنڪار ڪيو هو ۽ ڀاءُ ڪاتر ساري راجائي امانت رکيو ويٺو هو تنهن رام جي موٽڻ شرط کيس ايوڌيا جي راجائيءَ جون واڳون سونپيون. رام اُتي ڪيترا سال ڏاڍي آنند ۾ راڄ ڪيو. اڄ ڏينهن سوڌو هندو کيس ديوتا ڪري پوڄيندا آهن. سندس جيون چرتر (حياتيءَ جو احوال) ڪَوِتا (شعر) جي نموني ۾ هندن جي هڪ وڏو پوتر پستڪ رامايڻ ۾ ڏنو ويو آهي.[6].


رام جا نالا ۽ مطلب[سنواريو]

رام ويدن واري سنسڪرت جو لفظ آهي جنھن جو ذڪر ارٿ ويد ۾ ملي ٿو. مونئر وليمس مطابق ان لفظ جي معني آهي: ڪارو ، اونداهي رنگ وارو يا اوندھ وارو. اھو لفظ راتڙي مان نڪتل آهي جنھن جي معني رات آهي. ٻين ويدن ۾ ساڳي لفظ جي مطلب سھڻو، پرڪشش ۽ پيارو ڏيکاريل آهي.[7][8] ھي لفظ مختلف ھندي ٻولين م نالن جي آخر ۾ پڻ استعمال ٿيندو آهي جن م ان جي معني سھڻو يا وڻندڙ ھوندي آھي[9]. ھن لفظ جو استعمال نالن جي اڳيان پڻ ٿيندو آهي. ھن اوتار جو نالو رام چندر پڻ آهي جنھن جي معني آهي چنڊ وانگر سھڻو. [8]), ھن جا ٻيا نالا، دسرٿي: دسرٿ جو پٽ، رگھوا: سورجونسي خاندان جي رگھو جي اولاد، آھن. [7][10] جاوائي ٻولي ۾ ھن جو نالو رام وجي تامل ۾ رامار، تيلگو ۾ رامودو، ملائي ۾ ميگت سري راما آھي.[11] وشنو سھاسر نامو مطابق رام وشنو جو 394 ئون نالو آهي.

رام جو جنم[سنواريو]

اجمير واري جين مندر ۾ رام جي سون جي ٺھيل بناوٽ

خيال آهي تہ رام قمري ڪيلينڊر جي نائين مھيني ۾ پيدا ٿيو ان ڏينهن کي بھار جي مند ۾ رام نوامي جي نالي سان ملھايو ويندو آهي ۽ اھو ھندو ڪيلينڊر ۾ چئن نو راتڙين مان ھڪ آھي جنھن کي وسنٿا نوراتڙي چون ٿا. [12]

حوالا[سنواريو]

  1. James G. Lochtefeld 2002555.
  2. "Rama". Random House Webster's Unabridged Dictionary.
  3. King, Anna S. (2005). The intimate other: love divine in Indic religions. Orient Blackswan. pp. 32–33. ISBN 978-81-250-2801-7. https://books.google.com/?id=0FvH1aCXETwC. 
  4. Matchett, Freda (2001). Krishna, Lord or Avatara?: the relationship between Krishna and Vishnu. 9780700712816. pp. 3–4. ISBN 978-0-7007-1281-6. https://books.google.com/?id=1oqTYiPeAxMC. 
  5. James G. Lochtefeld (2002). The Illustrated Encyclopedia of Hinduism: N-Z. The Rosen Publishing Group. pp. 72–73. ISBN 978-0-8239-3180-4. https://books.google.com/books?id=g6FsB3psOTIC. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 ڪتاب جو نالو ؛ هندستان جي تواريخ ترجمو؛ ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي ڇاپو: پهريون سال 1927ع ڇپائيندڙ؛ برٽش انڊيا پريس بمبئي ڪاپي رائيٽ؛ مئڪملن ۽ ڪمپني لميٽيڊ بمبئي، ڪلڪتو، مدراس ۽ لنڊن
  7. 7.0 7.1 Monier Monier Williams, राम, Sanskrit English Dictionary with Etymology, Oxford University Press, page 877
  8. 8.0 8.1 Asko Parpola (1998). Studia Orientalia, Volume 84. Finnish Oriental Society. p. 264. ISBN 978-951-9380-38-4. https://books.google.com/books?id=jkBZAAAAMAAJ. 
  9. Thomas William Rhys Davids; William Stede (1921). Pali-English Dictionary. Motilal Banarsidass. p. 521. ISBN 978-81-208-1144-7. https://books.google.com/books?id=0Guw2CnxiucC&pg=PA521. 
  10. Henk W. Wagenaar; S. S. Parikh (1993). Allied Chambers transliterated Hindi-Hindi-English dictionary. Allied Publishers. p. 528. ISBN 978-81-86062-10-4. https://books.google.com/books?id=_kWROaer5UsC&pg=PA528. 
  11. Rajarajan, R.K.K. (2001) (en ۾). Sītāpaharaṇam: Changing thematic Idioms in Sanskrit and Tamil. In Dirk W. Lonne ed. Tofha-e-Dil: Festschrift Helmut Nespital, Reinbeck, 2 vols., pp. 783-97. pp. 783–797. ISBN 3885870339. https://www.researchgate.net/publication/263747582_Sitapaharanam_Changing_thematic_Idioms_in_Sanskrit_and_Tamil. 
  12. Robin Rinehart (2004). Contemporary Hinduism: Ritual, Culture, and Practice. ABC-CLIO. pp. 139, 388. ISBN 978-1-57607-905-8. https://books.google.com/books?id=hMPYnfS_R90C.