سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ٻڌ ڌرم واري زماني کان ئي اڳي سنڌ جو پرڳڻو سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ سبب ملڪان ملڪ مشهور هو. انهيءَ تي ايران جي بادشاهه دارا (پهرئين) جو وات پاڻي ٿيو، سو عيسوي سن کان 516 کن ورهيه اڳي پنجاب، گنڌار (قنڌار) ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو. انهن تنهين هنڌن جا رهاڪو سندن ڏن ڀروُ ٿيا. ته ٽي سؤ سٺ (360) ٽڻلينٽ، يعني اتڪل ٻه سؤسٺ (260) مڻ، سون خالص جا سالياني ڍل طور کين ڏيندا هئا؛ ۽ ايتري ڍل ٻئي ڪنهن به هنڌان ڪا نه ملندي هيس. انهي ٽنهي هنڌن جا نالا ايران جي هڪ ڪتبي (اُڪريل نوشتي) ۾ اڄ تائين لکيل آهن. دارا بادشاهه جي پوين به ڪي سال اهو ڏن پئي اڳاڙيو، ان وقت پنجاب ۽ سنڌ ۾ ايرانين پنهجي آئيويٽا (الف- بي) چالو ڪئي. اسان جا ماڻهو ديوناگري اکرن تي هريل هئا، ۽ هنن اکرن جي شڪل بيڊولي ڏٺائون، ته انهيءَ آئيويٽا تي نالو ئي رکيائون ’کر وشٺي‘ يعني گڏهه جا چپ! سنسڪرت ۾ ’کر‘ معنيٰ خر يا گڏهه ۽ اوشٺ معنيٰ چپ. اها آئيويٽا ڪئين ورهيه ساندهه پئي هلي ۽ هندستان مان عيسوي ٽينءِ صدي ڌاري غائب ٿي.

سن 1922ع ۾، موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿيڻ وقت، اتي هڪ جهونو ٺل بيٺل هو، جنهن جي هڪ ديوار تي ڪي اکر ڪشن گهراڻي جي حاڪم وسديو پهرئين (158-177ع) جي وقت جا لکيل هئا. آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر رکلداس بئنرجيءَ اهي اکر سڃاتا، ته کر وشٺيءَ ۾ لکيل آهن- هن حقيقت موجب چئبو ته عيسوي ٻي صديءَ ۾ به اهي اکر سنڌ ۾ چالو هئا.

ايران جي ڪياني بادشاهن جو زور، عيسوي سن کان 330 ورهيه اڳي سڪندر اعظم ڀڳو. ان وقت پنجاب، سنڌ ۽ گنڌار (قنڌار) ايراني حاڪمن جي هيٺ هئا، تنهنڪري سڪندر اعظم اهي به اچي هٿ ڪيا. ان وقت الور (روهڙي) ۾ ’ميوسيڪنس‘ (موشڪن جو راجا) هو، تنهن اول آڻ مڃي ٿي، پر پوءِ پنهنجي برهمڻ وزيرن جي مت تي لڳي يونانين کي سامهون ٿيو، ته يوناني لشڪر کي اهڙي باهه وٺي ويئي، جو کيس جهلي ڪُهي ڇڏيائون، ۽ سڀني برهمڻن جون سسيون لهرائي انهن کي ڳجهن جو ڳاهه ڪيائون! هيءَ حقيقت ’ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا‘ جي جلد پهرئين ۽ ’سنڌ گزيٽيئر‘ جي صفحي پنجاسي ۾ به ڄاڻايل آهي. سنڌ جا سوين برهمڻ قتل ٿي ويا، ته سنسڪرت جو جيڪو ٿورو گهڻو واڌارو انهن پئي ڪيو، تنهن کي ڄڻڪ ٻنجو اچي ويو ۽ پالي ٻوليءَ جو واهپو وڌندو رهيو-اڄ به سنڌ ۾ برهمڻ تمام ٿورڙا آهن.

سڪندر اعظم، پنهنجي پاران پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪي گورنر مقرر ڪري، پاڻ بئبلان ڏي موٽيو ۽ عيسوي سنه کان 323 ورهيه اڳي گذاري ويو. سندس مرڻ جي خبر ٻڌي، ماڻهن يوناني لشڪر کي تڙي ڪڍيو ۽ پنهنجي پرڳڻي جا پاڻ والي ٿيا.

انهن ڏينهن ۾ مگڌ، يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾، نند گهراڻي جي حاڪمن راج ٿي ڪيو. سندن لشڪر جو سپهه سالار چندر گپت نالي هڪ جوڌو جوان هو، جنهن ڪيترا همراهه ساڻ ڪري پنجاب مان يونانين کي لوڌي ڪڍيو. انهيءَ ڳالهه ۾ سوڀارو ٿيو، ته سنڌ به پنهنجي قبضي ڪيائين؛ بلڪ نند گهراڻي وارن جو به زور ڀڃي، پاڻ سڄي اتر هندستان جو والي ٿيو ۽ مؤريا گهراڻي جو بنياد وڌائين.

سڪندر اعظم کان پوءِ سندس بادشاهت جو ڪجهه ڀاڱو سيليوڪس نڪيٽر کي مليو. پنجاب ۽ سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ هو عيسوي سن کان 305 ورهيه اڳي، پنجاب تي ڪاهي آيو. ان وقت تائين مهاراجا چندر گپت اهڙو زور ورتو هو، جو سيليوڪس جي ساڻس پڄڻ جي جاءِ نه هئي. مهاراجا چندر گپت اهڙو ته سوڙهو گهٽيس، جو سيليوڪس پنجاب ۽ سنڌ تان ته هٿ کنيو، پر پنهنجي ڌيءُ جو سڱ مهاراجا کي ڏيئي، ساڻس صلح ڪيائين ۽ افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪي پاسا کيس ڏاجي ۾ ڏنائين. [1]

حوالا[سنواريو]