بابل
بابل (عربي) | |
![]() ٻيهر تعمير ٿيل بابل جي هڪ گٽي | |
Alternative name | بابل (عربي) 𒆍𒀭𒊏𒆠 (اڪادي)[1] 𒆍𒀭𒊏𒆠 (سميري)[1] 𐡁𐡁𐡋 (آرامي) בָּבֶל (عبراني)[1] Βαβυλών (يوناني) 𐎲𐎠𐎲𐎡𐎽𐎢 (فارسي) 𒀸𒁀𒉿𒇷 (الماتي) ڪراندونياش (ڪاسي) |
---|---|
جڳھہ | ھلہ، بابل گورنريٽ، ![]() |
خطو | ميسوپوٽيميا |
مقانيت | 32°32′11″N 44°25′15″E / 32.53639°N 44.42083°E |
قسم | آبادي |
لاڳاپيل سلسلو | ببلونيا |
پکيڙ | 9 چورس ڪلوميٽر |
تاريخ | |
بنياد پيو | 2300 قبل مسيح |
خالي ٿيو | 1000 عيسوي |
ثقافتون | اڪادي، آشوري، ڪاسي، آموري، ڪلداني، هخامنشي، يوناني، فارسي |
جڳھہ بابت | |
کوٽائي ڪندڙ ماھر | ھرمزد رسام ۽ رابرٽ ڪالڊيوي |
حالت | کنڊر |
ملڪيت | سرڪاري |
عوامي پھچ | ھا |
سرڪاري نالو | بابل (Babylon) |
معيار | WHS (iii)، (vi) |
عهدو | 2019ع (43 هون سيشن) |
حوالا نمبر. | 278 |
ريجن | عرب رياستون |
بابل (انگريزي: Babylon؛ عربي ٻولي: بَابِل)، هڪ قديم شهر هو جيڪو ڏاکڻي ميسوپوٽيميا ۾ فرات نديءَ جي هيٺئين ڪناري تي واقع هو، جيڪو جديد دور جي هله، عراق جي اندر، بغداد کان تقريباً 85 ڪلوميٽر (55 ميل) ڏکڻ ۾ آهي. بابل بابلونيا جي اڪادي ڳالهائيندڙ علائقي جي مکيه ثقافتي ۽ سياسي مرڪز طور ڪم ڪندو هو. هن جا حڪمران قديم زماني ۾ ٻه اهم سلطنتون، اڻويهه کان سورهين صدي قبل مسيح جي پراڻي بابلي سلطنت ۽ ستين کان ڇهين صدي قبل مسيح جي نئين بابلي سلطنت قائم ڪيا. بابل کي ٻين سلطنتن، جهڙوڪ فارس جي هخامنشي سلطنت، جي علائقائي گاديءَ جي طور تي پڻ استعمال ڪيو ويندو هو. بابل قديم ويجهي اوڀر (Near East) جي سڀ کان اهم شهري مرڪزن مان هڪ هو، جيستائين قديم يوناني (Hellenistic) دور ۾ ان جو زوال نه ٿيو. ويجهي قديم ماڳن ۾ ڪش، بورسيپا، دلبت ۽ ڪُوثا شامل آهن.[2]
بابل جو هڪ ننڍڙي شهر طور سڀ کان پهريون ذڪر اڪادي سلطنت جي شرڪالي شري (2217-2193 قبل مسيح) جي دور کان مٽيءَ جي تختي تي نظر اچي ٿو.[3] ان وقت بابل، اڪادي سلطنت جي تابع صرف هڪ مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز هو، نه ئي هڪ آزاد رياست هئي ۽ نه ئي هڪ وڏو شهر هو. اڪادي سلطنت جي خاتمي کان پوءِ، اُر جي ٽئين خاندان، جنهن جي سلطنت بابل شهر سميت سڄي ميسوپوٽيميا کي گهيرو ڪيو، کان اڳ ڏکڻ ميسوپوٽيميا جو علائقو ڪجهه ڏهاڪن تائين گوتين خاندان جي تسلط ۾ رهيو.
17هين صدي قبل مسيح ۾ پهرين بابلي سلطنت، جيڪا هاڻي پراڻي بابلي سلطنت جي نالي سان مشهور آهي، جي عروج سان شهر هڪ ننڍڙي آزاد شهري رياست جو حصو بڻجي ويو. آموري بادشاهه حمورابي 16هين صدي قبل مسيح ۾ مختصر مدت جي پراڻي بابلي سلطنت جي بنياد رکيو. هن بابل کي هڪ وڏو شهر بڻايو ۽ پاڻ کي هن سلطنت جو بادشاهه قرار ڏنو. ڏکڻ ميسوپوٽيميا بابلونيا جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ بابل شهر "نپور" جي علائقي مقدس شهر جي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. حمورابي جي پٽ سامسو-الونا جي دور ۾ سلطنت ختم ٿي وئي ۽ بابل ڊگهي عرصي تائين آشوري، ڪاسائي ۽ ايلاماتي حڪمرانن جي تسلط هيٺ رهيو. آشورين پاران ان جي تباهي ۽ ٻيهر تعمير کان پوءِ، 626 کان 539 ق.م تائين هي شهر مختصر مدت جي نئين بابلي سلطنت جو گاديءَ جو هنڌ بڻجي ويو. بابل جي لٽڪندڙ باغن کي قديم دنيا جي ست عجائبن مان هڪ جي طور تي درج ڪيو ويندو آهي، جيڪي مبينا طور تي تقريبن 600 ق.م ۽ پهرين صدي عيسوي جي وچ ۾ موجود هئا. پڻ ماهرن سامهون اهو سوال به آهي ته ڇا بابل جا لٽڪندڙ باغ به موجود به هئا، جئين ته بابلي متنن ۾ ان جي وجود جو ڪو به ذڪر موجود ناهي.[4] [5] نئين بابلي سلطنت جي زوال کان پوءِ، شهر هخامنشي، سيلوسي، پارٿين، رومن، ساساني ۽ مسلم سلطنتن جي حڪمراني هيٺ آيو. شهر جي آخري ڄاتل سڃاتل آبادي 11هين صدي عيسويءَ جي آهي، جڏهن ان کي "بابل جو ننڍڙو ڳوٺ" سڏيو ويندو هو.
اندازو لڳايو ويو آهي ته بابل 1770 - 1670 ق.م دوران دنيا جو سڀ کان وڏو شهر هو، ۽ ٻيهر 612 - 320 ق.م. اهو شايد پهريون شهر هو جنهن جي آبادي 2,00,000 کان مٿي هئي. ان جي ايراضيءَ جو اندازو 890 کان 900 هيڪٽر تائين آهن. بابل بابت معلومات جو مکيه ذريعو، ماڳ جي کوٽائي ۽ ميسوپوٽيميا جي ٻين هنڌن تي مليل ڪونيفارم متنن جا حوالا، تورات ۾ حوالا ۽ ٻين ڪلاسيڪل لکڻين ۾ وضاحتون (خاص طور تي هيروڊوٽس پاران ۽ سيٽياس ۽ بيروسس جي حوالن سان ٻئي هٿ جون وضاحتون) آهن. پر اها جڏهن شهر 600 ق.م ۾ پنهنجي عروج تي هو، جي پڻ هڪ نامڪمل تصوير ۽ متضاد معلومات پيش ڪن ٿا. يونيسڪو سال 2019ع ۾ بابل کي عالمي ورثي واري ماڳ طور درج ڪيو. هن ماڳ تي هر سال هزارين سياح ايندا آهن، جن مان تقريبن سڀئي عراقي آهن. تعمير تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن جي ڪري کنڊرن تي غير قانوني قبضن جو خطرو آهي.
نالا
[سنواريو]جاگرافي
[سنواريو]بابل جا کنڊر ھن وقت بغداد شھر جي ڏکڻ واري پاسي 85 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھن.



علم آثار قديمه
[سنواريو]ذريعا
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]
بابلي تاريخ جي شروعات جي پوري خبر نٿي پوي. ڪجهه غير معتبر معلومات ملي آهي جا سن 4000 ق.م تائين پهچي ٿي. ان معلومات مطابق قديم زماني ۾ ڪلده جي رياست ڪيترين ئي خودمختيار شهري حڪومتن ۾ ورهايل هئي. سارغان اول، جو اغاده شهر جو بادشاهه هو، تنهن سڄي ملڪ کي پنهنجي حڪمراني هيٺ آڻي يڪو هڪ ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جون حدون وڌائي ڀونوچ سمنڊ تائين ڪيائين. تقريباً سن 2200 ق. م وارو زمانو حمورابي جو آهي، جو سڄي بئبيلونيا جو بادشاهه هو. اهو پنهنجي متعارف ڪرايل قانون جي ڪري مشهور آهي. آثار قديمه جي کوٽائي ڪندڙن کي ان قانون جو ذري گهٽ سڄو دستور عمل هڪ وڏي يادگار پٿر تي اڪريل مليو آهي. حمورابيءَ جو قانون پنهنجي قسم جو قديم ترين نوشتو آهي ۽ پراڻي زماني جي رسم رواجن جي اڀياس لاءِ بيحد قيمتي آهي [6]ڪجهه صدين گذرڻ کان پوءِ بابلي مهاجرن وڃي جابلو ملڪ وسايو جنهن کي آشوريا ڪوٺيو وڃي ٿو. وڏي مدت تائين هو ڏاکڻي حڪومت جي هٿ هيٺ رهيا. پر آهستي آهستي آشوري خود مختيار ٿيڻ لڳا، ايتري قدر جو آخر ۾ ميسوپوٽيميا وارين قومن جا مالڪ بڻجي ويا. [7]
بابل جو بنياد ”سرجون“ وڌو ۽ حمورابيءَ جي دؤر ۾ هن سلطنت جو عروج هو. تقريباً 1800 ق.م ۾ هتي خط ميخيءَ (Cuneiform)، مختلف علمن، واپار ۽ فنِ تعمير جو فروغ ٿيو، پر پوءِ 17هين صدي ق.م ۾ خانه بدوش ڪاسين (Kassites) جي حملن هن سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ آشوري سلطنت ۾ بابل کي ٻيهر عروج نصيب ٿيو. سال 689 ق.م ۾ سخيرب بغاوت ڪئي، پر سال 625 ق.م. ۾ ينبو پولاسو بابل کي ٻيهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ بخت نصر جي دؤر ۾ بابل انتهائي عروج تي پهچي ويو. سال 538 ق.م. ۾ ايرانين سائرس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو ۽ بابل جو زوال شروع ٿي ويو.
علم، فن، تهذيب ۽ ٻين حوالن سان بابل جون وڏيون خدمت آهن. بابل جا "ٽنگيل باغ" (Hanging Gardens) دنيا جي ست وڏي عجوبن ۾ شمار ٿين ٿا. بابل ميسوپوٽيميا جي علائقي واريءَ تهذيب جو اهم شهر هو، جيڪو چار هزار سال ق.م. کان به گهڻو اڳ موجود هو. ميسپوٽيميا (دجله ۽ فرات جي وچ جو علائقو) هاڻوڪو ملڪ عراق جو حصو آهي.
سال 1750 ق.م. ۾ ببلونيا جو بادشاهه حمورابي بابل کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. هن وقت بابل دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. هي شهر فرات درياهه جي ڪناري تي ٻڌل هو. سال 689 ق.م. ۾ آشوري بادشاهه بابل تي حملو ڪري ان کي برباد ڪري ڇڏيو. ان بادشاهه جو نالو سيناچوب هو. سال 625 ق.م. جي ڌاري بخت نصر ٻيون (Nebuchadnezzar II)، بابل کي ٻيهر تعمير ڪرايو. هن شهر کي، درياهه تي پُل ٻڌائي، اولهائين ڪناري ڏانهن وڌايو.
بابل ۾ هٿرادو اڏيل عجيب باغ هئا. جيڪا دنيا جي ست عجائبات ۾ شامل آهن. سال 538 ق.م. ۾ ايراني بدشاهه سائرس اعظم بابل تي قبضو ڪيو. سال 275ع کان بابلي تهذيب جو زوال شروع ٿيو. اڄ رڳو ان جا کنڊر يادگار طور بيٺل آهن. بابل ۾ هڪ تمام ڊگهي مينار جيان عمارت هئي، جنهن کي "بابل جو برج" به چيو ويندو هو. ان جي اوچائي 300 فوٽ هئي، جيڪا ستن منزلن تي مشتمل هئي.
بابلي تهذيب ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيب جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق رهيو آهي. مثال طور: اُر، ڪيش ۽ تل-آسمار جي قديم آثارن مان مليل اُڪر وارن ٺڪرن تي سنڌو دور جي مخصوص جانورن جون شڪليون ملن ٿيون. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي "خط" واريون لکتون ڏنل آهن. سُمير ۽ تل-آسمار وٽ سارگن بادشاهن جي دور واري ذخيرن ۾ سنڌو لوڪن جي مخصوص طريقي سان ٺاهيل ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جهڙوڪ نقش ڪيل موتين جا داڻا يا مڻڪا ۽ هڏن تي مخصوص گلڪاريءَ ۽ مٽيءَ وارا ٺڪر جا برتن. حيرت انگيز ۽ دلچسپ شيءِ نرم چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل مُهر آهي، جنهن جي -پٺ- تي لهري ڪپڙي جو نشان يا -ٺپو- صاف لڳل هو. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي خاص علامتي نشانن جا ڇاپا لڳل آهن. سنڌوءَ جي هڪ قسم جي مهر تي سمير وارن جي مخصوص مخروطي اکرن جي تحرير موجود آهي. ”ميلوها“ کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون، -جن- ۾ سون، عاج، عاج مان ٺهيل گلڪاريءَ واريون شيون، عاج مان تراشيل ميلوها پکي، ڦڻيون، آئينا، دٻليون ۽ سرايون وغيره شامل هيون. تِمر ۽ چُوري جي نالن سان سڃاتل ڪاٺ، جيڪو سنڌ مان -ايران- يا -بابل- ڏانهن موڪلبو هو. -بابل- جي آثارن ۾ سنڌو -تهذيب- جي هڪ مخصوص شهر جهڙيون ڳالهيون ۽ اتي جي ماڻهن جي تمدن جو هوبهو نقل نظر اچي ٿو. جاين جي اهائي مستطيل بيهڪ، پاڻيءَ جي نيڪال وارين نالين جو ڄار، مقرر نموني جا -اوزار- ۽ هٿيار، مهرن وارا -تعويذ-، -جن- تي سنڌوءَ جي جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اُڪريل آهن. اهي وصفون پڻ هن قديم -تهذيب- مان ملن ٿيون.[8]
ثقافتي اهميت
[سنواريو]بابلي فن
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]لنڪس
[سنواريو]It has been estimated that Babylon was the largest city in the world ت. 1770 – c. 1670 BC, and again ت. 612 – c. 320 BC. It was perhaps the first city to reach a population above 200,000.[9] Estimates for the maximum extent of its area range from 890 (3½ sq. mi.)[10] to 900 ha (2٬200 acre).[11] The main sources of information about Babylon—excavation of the site itself, references in cuneiform texts found elsewhere in Mesopotamia, references in the Bible, descriptions in other classical writing, especially by Herodotus, and second-hand descriptions, citing the work of Ctesias and Berossus—present an incomplete and sometimes contradictory picture of the ancient city, even at its peak in the sixth century BC.[12] UNESCO inscribed Babylon as a World Heritage Site in 2019. The site receives thousands of visitors each year, almost all of whom are Iraqis.[13][14] Construction is rapidly increasing, which has caused encroachments upon the ruins.[15][16][17]
بابل اوڻويھين صدي قبل مسيح ۾ فرات ندي جي ڪنارن تي آباد ھڪ شھري رياست ھئي ۽ آموري خاندان جي بادشاهت جي تحت ھيو، جن کان پوء حمورابي جي بادشاھي شروع ٿي. قديم زماني ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو شھر، ھڪ اندازي مطابق ھن جي آبادي ٻہ لک رھي آھي.
قديم بابل جو ذڪر توريت ۾ "ڪالديا" جي نالي سان آهي. شروع ۾ اها ڏکڻ عراق ۾ فرات ۽ دجله ندين جي وچ واري علائقي جو نالو هو، پر پوءِ وقت گذرڻ سان عراق جي وڏي حصي کي ”ڪالديا“ چوندا هئا، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”اُر“ هو. پيغمبر ابراهيم عليه السلام جو جنم به هن شهر ۾ ٿيو هو. هيءُ پڻ هڪ قوم جو نالو به هو، جيڪا حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ٻه هزار ورهيه اڳ سر زمین شام تي حڪمران هئي. اعلامي، جيڪا قديم ايران جو هڪ صوبو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ صوصه هو، اتان جي رهاڪن ۽ بابل جي رهاڪن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. هن وقت اوائلي تهذيب جا ماهر صوصه (سوس) کي دنيا جي قديم ترين شهرن ۾ شمار ڪن ٿا.
بابل دجله ۽ فرات جي وچ جي علائقي جي قديم سلطنت جو نالو پڻ آهي. هي نالو هن علائقي جي دجله ۽ فرات جي ڏاکڻئي حصي وارين رياستن، ليگاش، اُڪاد، ايرڪ ۽ اُر لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪا ٽي هزار سال ق. م ۾ عروج تي هئي، پر هن مان مراد گهڻو ڪري سامي تهذيب جي ورتي ويندي آهي.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]![]() |
𒆍𒀭𒊏𒆠 جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
Babylon سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ بابل سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- Iranian archaeologists to perform survey in Babylon - Tehran Times - January 29, 2023
- Modern Wars and Ancient Governance: Archaeology and Textual Finds from First Millennium BCE Babylon – Odette Boivin – ANE Today – Nov 2022
- – The Babylonian Akītu Festival and the Ritual Humiliation of the King – Sam Mirelman – ANE Today – Sep 2022 آرڪائيو ڪيا ويا 2023-06-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- The Babylon Project – Freie Universität Berlin
- سانچو:In Our Time
- Iraq Image – Babylon Satellite Observation
- Site Photographs of Babylon – Oriental Institute آرڪائيو ڪيا ويا 2009-04-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- 1901–1906 Jewish Encyclopedia, Babylon
- Beyond Babylon: art, trade, and diplomacy in the second millennium B.C., Issued in connection with an exhibition held Nov. 18, 2008-Mar. 15, 2009, Metropolitan Museum of Art, New York
- Osama S. M. Amin, "Visiting the ancient city of Babylon", Ancient History Et Cetera, 17 November 2014.
- Video of reconstructed palace: Iraq elections: The palace that Nebuchadnezzar built يوٽيوب تي
- Babylon wrecked by war, The Guardian, January 15, 2005
- "Experts: Iraq invasion harmed historic Babylon". Associated Press. July 10, 2009. https://www.nbcnews.com/id/wbna31842219.
- UNESCO Final Report on Damage Assessment in Babylon
سانچو:World Heritage Sites in Iraq
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 The Cambridge Ancient History: Prolegomena & Prehistory: Vol. 1, Part 1. Accessed 15 Dec 2010.]
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedOP2011
- ↑ Beaulieu, Paul-Alain (2017). A History of Babylon, 2200 BC – AD 75. Blackwell History of the Ancient World. Wiley. p. 50. ISBN 978-1-119-45907-1. Retrieved 2022-08-27.
- ↑ Finkel (1988) P.58.
- ↑ Finkel, Irving and Seymour, Michael (2008). Babylon: City of Wonders. London: British Museum Press. p. 52. ISBN 978-0-7141-1171-1.
- ↑ ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
- ↑ ايڇ. آر. هال (H.R. Hall) جي ”ويجهي اوڀر جي قديم تاريخ“ (Ancient History of the Near East).
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%A8%D9%84
- ↑ Tertius Chandler. Four Thousand Years of Urban Growth: An Historical Census (1987), St. David's University Press ("etext.org". وقت 2008-02-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-04-18. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)). ISBN 0-88946-207-0. See Historical urban community sizes. - ↑ Mieroop, Marc van de (1997). The Ancient Mesopotamian City. Oxford: Oxford University Press. p. 95. ISBN 9780191588457. https://books.google.com/books?id=_YKlbIp9pYMC&pg=PA95. Retrieved 2015-06-20.
- ↑ Boiy, T. (2004). Late Achaemenid and Hellenistic Babylon. Orientalia Lovaniensia Analecta. 136. Leuven: Peeters Publishers. p. 233. ISBN 9789042914490. https://books.google.com/books?id=1frplXFGf4sC&pg=PA233. Retrieved 2015-06-20.
- ↑ Seymour 2006140-142.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:6
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:7
- ↑ Bringing Babylon back from the dead - CNN Video, وقت 2022-01-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-09-29 Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Arraf, Jane (2021-02-06). "In Beleaguered Babylon, Doing Battle Against Time, Water and Modern Civilization" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2021/02/06/world/middleeast/babylon-iraq-archeology-conservation.html.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:4
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- سانچا
- Coordinates on Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Babylon
- Amorite cities
- Archaeological sites in Iraq
- Articles containing video clips
- History of Babylon Governorate
- Former populated places in Iraq
- Hebrew Bible cities
- Nimrod
- Populated places established in the 3rd millennium BC
- Populated places disestablished in the 10th century
- 1811 archaeological discoveries
- Populated places on the Euphrates River
- World Heritage Sites in Iraq
- عراق
- عراق ۾ يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ
- يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ
- ايشيا ۾ يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ