خلجي خاندان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خلجي شاھي خاندان(انگريزي: Khilji Dynasty )خلجي ترڪن جو قبيلو هو، جن کي غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ فوجي عهدا مليل هئا. هن گهراڻي جي بادشاهن 687 هه 1288ع کان 720 هه 1320ع تائين دهليءَ تي بادشاهي ڪئي. سنڌ به سندن ماتحت هئي. هن خاندان جو باني جلال الدين فيروز شاه خلجي هو، جو غلام سلطان معز الدين ڪيقباد جي ڏينهن ۾ وڏو وزير ۽ سپه سالار هو، ڪيقباد جي مرڻ کان پوءِ ستر سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو ۽ 696 هه 1297ع ۾ پنهنجي ڀائٽي علاوء الدين جي همراهن هٿان مارجي ويو. 716 هه 1316ع ۾ علاوء الدين جي مئي کان پوءِ پٽس قطب الدين مبارڪ شاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو جو آرام طلب ۽ عياش جيئڙو هو. سندس نومسلم سپه سالار خسرو خان 720 هه 1320ع ۾ هن کي قتل ڪري تخت هٿ ڪيو ۽ خلجين جي پڄاڻي ٿيref></ref>.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ