پيسفڪ سمنڊ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
پيسفڪ سمنڊ جي پکيڙ

پيسفڪ سمنڊ ڌرتيءَ جي گولي جي اٽڪل ٽئين حصي تي پکڙيل هيءُ سمنڊ پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو سمنڊ آهي، جيڪو اڪثر ماٺو هوندو آهي، ان ڪري ”پئسفڪ“ (Pacific) سڏجي ٿو.

حد[سنواريو]

هن سمنڊ جي هڪ پاسي آمريڪا جون رياستون آهن ته ٻئي پاسي ايشيا ۽ آسٽريليا جا ملڪ آهن. هن سمنڊ کي خطِ استوا واري خيالي ليڪ رستي ٻن حصن يعني اتر ۽ ڏکڻ پيسفڪ ۾ ورهايل تصور ڪيو وڃي ٿو. هن جي وسعت جو اندازو ستر لک چورس ميل ۽ وڌ ۾ وڌ اونهائي، جرمن پهريدار سامونڊي جهاز ايمڊين (Emden’s) جي 1927ع واري تانگهڻ جي عمل دوران، 35433 فوٽ معلوم ٿي. باقي ان جي سراسري اونهائي ٻن کان اڍائي هزار فوٽن جيتري آهي. هـن جي وڌ ۾ وڌ اونهـائـي فـلپين جي منڊا نوئا (Mindanoa) ٻيٽ کان ٿورو پرڀرو ملي آهي. سمنڊ جي چوڌاري مٿانهن جبلن جو پٽوآهي، جنهن سان لڳ هيٺان سوڙها ۽ ڊگها آواڙا آهن. باقي سمنڊ جو تر لڳ ڀڳ هموار آهي. جنهن ۾ ڪيئي ننڍا ننڍا ٻيٽ ڌيان جوڳا آهن. جن مان ڪي ته پٿريلا آهن، پر ڪي وري مرجان جا ٺهيل آهن، جي سمنڊ جي تري کي ڦاڙي ٻرندڙ جبلن جي سرد مٿاڇرن تي جمع ٿين ٿا. هن سمنڊ جي اتر ۾ بيرنگ اسٽريٽ کان ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا تائين، پکيڙ اٽڪل 9630 ميل ڪٿي وئي آهي. وچ آمريڪا کان منڊانوئا تائين هن جي پکيڙ جو اندازو 9300 ميل لڳايو ويو آهي. هن سمنڊ جي پاڻيءَ جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 80 کان 84 فارنهائيٽ رهي ٿو.

پکيڙ[سنواريو]

هيءُ سمنڊ دنيا جي ٻئي نمبر وڏي سمنڊ ائٽلانٽڪ کان ايراضيءَ توڙي پاڻيءَ جي مقدار ۾ ٻيڻو آهي. اها به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڌرتيءَ جي سمورن کنڊن يعني خشڪيءَ وارن ڀاڱن جي ڪُل ايراضيءَ کان به پئسفڪ سمنڊ جي پکيڙ وڌيڪ آهي. هن سمنڊ جي ويڪر ڏکڻ برفي سمنڊ يعني اينٽارڪٽيڪا کان اتر برفي سمنڊ يعني آرڪٽڪ جي وچ ۾ بيرنگ ڳچي سمنڊ تائين 8350 ناٽيڪل ميل ۽ سندس ڊيگهه ڏکڻ آمريڪا جي ڪولمبيا ملڪ جي ڪنارن کان ايشيا جي ملائي جزيرن تائين، پنج ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ سان پُور وڇوٽ نموني 11500 ناٽيڪل ميل ٿيندي. هي سمنڊ گهٽ ۾ گهٽ 4280 ميٽر يعني 14050 فوٽ اونهو آهي ۽ مريانا کاهيءَ ۾ ان جي وڌ ۾ وڌ گهرائي 11033 ميٽر يعني 36198 فوٽ آهي. ڌرتيءَ جي اتر اڌ گول ۾ آرڪٽڪ برفي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ بيرنگ ڳچي سمنڊ وٽ ملن ٿا. بيرنگ ڳچي سمنڊ هتي 55 ناٽيڪل ميل ويڪرو آهي. ڏکڻ اڌ گول ۾ پئسفڪ سمنڊ ڏکڻ آمريڪا جي ٽيراڊل فيوگو (Tiera del Fuego) نالي هڪ سوڙهي کاهيءَ وٽ ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان ۽ گرهام لينڊ وٽ برفي سمنڊ يعني اينٽارڪٽيڪا سان ملي ٿو. هي سمنڊ اوڀر ايشيا ۾ ملائي، فلپينس، انڊونيشي جزيرن ۽ آسٽريليا کنڊ وٽ هندي وڏي سمنڊ سان غير واضح نموني مليل آهي. پئسفڪ سمنڊ جو پاڻي آسٽريليا جي ڏکڻ ۾ باس ڳچي سمنڊ ۽ تسمانيا جزيرن وٽ اينٽارڪٽڪ يعني ڏکڻ برفي سمنڊ سان وڃي ٽڪرائجي ٿو.

پاسا[سنواريو]

پئسفڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي (Cardilleran Mountain System) سان لاڳاپيل آهي. هي جابلو سلسلو اتر ۾ الاسڪا کان ٽيراڊل فيوگو تائين پکڙيل آهي. ان جي سر اتر ۽ سر ڏکڻ وارن پهاڙي ڪنارن کي ڇڏي، باقي سمورو ساحل هڪ ساريڪو آهي. انهيءَ جي ابتڙ هن جو الهندو يعني ايشيا وارو ساحل بناوت ۾ ساريڪو ((Regular ڪونهي. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي هن الهندي ساحل يعني ايشيا واري ڀاڱي سان هن کنڊ جا ڪيترائي علائقائي سمنڊ ڳانڍاپيل آهن. جهڙوڪ: جاپاني سمنڊ، پيلو سمنڊ، اڀرندو چيني سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ وغيره. اوڀر ايشيا جي مشهور وڏين ندين مثلاً آمر (Amur) يا آمون درياهه، پيلو درياهه، يانگزي ندي، سيچيانگ ندي ۽ ميڪانگ ندين جو پاڻي مذڪوره لاڳيتي علائقائي سمنڊ معرفت اڻ سڌي طرح پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. نيوزيلينڊ ۽ اوڀر آسٽريليا جي وچ ۾ ميڪئري رج (Macquarie ridge) زير آب پهاڙي سلسلو آهي. هي پاڻيءَ ۾ لڪل پهاڙي سلسلو پئسفڪ سمنڊ ۽ هندي سمنڊ جي سرحد طور ڳڻيو وڃي ٿو. الهندي پئسفڪ ڀاڱي ۾ زير آب پهاڙيءَ سلسلو جهڙوڪر چؤطرف پکڙيل آهي.

ماحول[سنواريو]

پئسفڪ سمنڊ ۾ هلندڙ تجارتي هوائن جو دارومدار اوڀر خط استوائي هوائن جي گهيرن ۽ چڪرن تي آهي. اوڀر پئسفڪ ڀاڱي واريون تجارتي هوائون خشڪيءَ ڏانهن ٿڌيون هيرون موڪلين ٿيون. پئسفڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ تجارتي هوائن جي سراسري رفتار تيرهن ناٽيڪل ميل آهي. فضائي ڪيفيت تقريباً سٺي رهي ٿي ۽ جزوي طور ڪٿي ڪٿي هلڪن ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ميڙ موجود هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هنن تجارتي هوائن دوران سخت ڀيانڪ طوفان به لڳندا آهن. اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾ اٿندڙ هن قسم جي طوفانن کي ٽائيفون (Typhoon) سڏيندا آهن. سامونڊي پاڻيءَ جي وهڪرن جو دارومدار پاڻيءَ ۾ لوڻ جي مقدار ۽ گرميءَ جي درجي تي هوندو آهي. سمنڊ جي تري ۾ پاڻي تمام گهاٽو ۽ سطح تي تمام ڇڊو ٿيندو آهي. انهيءَ صورتحال جو مکيه سبب گرميءَ جو درجو ٿئي ٿو. تري ۾ پاڻي تمام ٿڌو هئڻ سبب گهاٽو هوندو آهي ۽ مٿاڇري تي اهو گرم ۽ ڇڊو هوندو آهي.

تجارت[سنواريو]

پئسفڪ سمنڊ جي ماهيگيريءَ ۾ جپان سڀني ملڪن کان اڳتي آهي. پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن تي آباد قبيلن ۽ قومن سمنڊ شناسيءَ جي ڪوشش گهٽ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن پنهنجون تهذيبون ۽ ثقافتون اجاگر ۽ روشن ڪيون هيون، نتيجي ۾ پئسفڪ سمنڊ جي سڃاڻپ يورپي ماڻهن کي سورهين عيسويءَ صديءَ دوران ميسر ٿي. تنهن کان پوءِ يورپي لوڪن پئسفڪ سمنڊ کي اوڀر جي ملڪن (جتي گرم مصالحن جو تمام وڏو ذخيرو موجود هو) تائين پهچڻ لاءِ آسان ذريعي طور استعمال ڪيو.[1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011