سنڌو ٽِڪور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سنڌو ٽڪور

سنڌو ٽڪور يا سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو[1][2] اتي ٺهي ٿي جتي سنڌو درياءُ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هيءَ ٽڪور 16 هزار چورس ميلن يعني 41 هزار 4 سَو 40 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، ۽ ان جو سمنڊ سان دنگ لڳ ڀڳ 130 ميل ڊگھو آهي.

سموري ٽڪور تي ڪيتريون ننڍيون ننڍيون وسنديون آباد آهن پر ڪو بہ وڏو شهر آباد نہ آهي. ٽڪور کي ويجھي ۾ ويجھا شهر ٺٽو ۽ سنڌ جو وڏو ۾ وڏو شهر ڪراچي اولهہ طرف آهن. سنڌ جو ٻيون وڏي ۾ وڏو شهر حيدرآباد سنڌو ٽڪور کان 130 ميلن جي فاصلي تي اتر ۾ واقع آهي.

سنڌو ٽڪور تي سراسري گرمي پد جُولاءِ جي مهيني ۾ 70 کان 85 درجا فارنهائيٽ جڏهن تہ جنوريءَ ۾ 50 کان 70 درجا فارنهائيٽ رهندو آهي. ڪنهن عام سال ۾ ان ٽڪور تي 10 کان 20 انچ وسڪارو ٿيندو آهي.

ٻين ڪيترين ئي ٽڪورن جي ابتڙ، سنڌو ٽڪور غير زرخيز مٽين تي ٻڌل آهي ۽ تمام گھڻي دلدلي آهي. سنڌو ٽڪور سانگي آبي پکين لاءِ تمام اهم علائقو آهي، تازي پاڻيءَ جي جانورن سان بہ ڀرپُور آهي. سنڌو ٽڪور ۾ پلو، سنڌو بيرل، سنڌو گاروئا ۽ وڏي نانگ منهانڊي، مهاسير، ۽ ريٽا ڪيٽفش جهڙيون مڇيون لڌيون وڃن ٿيون.

سنڌو دريا جو ڇوڙ وارو علائقو[سنواريو]

ڇوڙ واري علائقي جي جاگرافي ۽ ان منجهان وهندڙ ڦاٽن جو مختصر احوال هن ريت آهي ته هتان جا ماڻهو پنهنجي جاگريافيائي نقطئه نظر کان سنڌو ماٿري جي هيٺئين حصي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائيندا آهن. جن مان هڪ سرو Upper Country، ٻيو وچولو Middle Country ۽ ٽيون لاڙ Sloping descending آهي، جيڪو لهوارو ٿيندو، هيٺ سمنڊ ڏانهن هلندو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت سيوهڻ کان چاليهه ميل مٿي ستاويهه ڊگريون اُتر، ويڪرائي ڦاڪ تي، اتر سنڌ جو علائقو آهي، ان علائقي جي هيٺئين دنگ کان وٺي حيدرآباد تائين ”وچولو“ سڏيو ويندو آهي ۽ حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين ساري پرڳڻي کي لاڙ کي لاڙ چوندا آهن. جنهن جوءِ جو اوڙڪ ۾ احوال اوريو ويو آهي، سو سنڌ جي ڇوڙ وارو اهو تاريخي علائقيو آهي، جنهن تي سڪندر جي حملي دوران، ان جي مؤرخن جون پهريون نظرون پيون هيون، ان بابت سندن اتهاسن ۾ وِستار سان ڳالهيون به ڳائجڻ لڳيون هيون. تنهن سمي، هن ڇوڙ واري علائقي جو اوڙڪ مٿيون پاسو ”پٽالا“ هو، جتان سنڌو، ٻه درياهيءَ ۾ ونڊجي ويندو هو. سندس هڪ ڇاڙهه ڏکڻ – اوڀر ڏس تي ۽ ٻي ڏکڻ-اولهه پاسي لڙي ويندي هئي. پر هڪ ڇاڙهه کي ”سِنڌو“ سڏيو ويندو هو. هاڻي مامرو اهڙو منجهي ويو آهي جو ”پٽالا“ جي سڃاڻڻ جا امڪان ئي موجود ڪونه رهيا آهن. مان انهن مؤرخن سان ڪڏهن به سهمت ڪونه آهيان، جيڪي هن ٿاڪ کي حيدرآباد يا ان جي ڀرپاسي ۾ سمجهن ٿا ۽ انهن سان به اختلاف را3 رکان ٿو. جيڪي ”ٺٽي“ کي ”پٽالا“ سمجهندا آهن، منهنجو انومان آهي، جهن جا ڪيترا ڪارڻ به آهن، ته اهو ٿاڪ، حيدرآباد جي ويڪرائي ڦاڪ کان تمام گهڻو هيٺ ڪونه هو. پر ان جي ڊگهائي ڦاڪ هن شهر کان گهڻو اوڀر طرف هئي. ان ڪري مون کي پڪ ٿئي ٿي ته سنڌي، جنهن جاگرافيائي خطي کي ”لاڙ“ سڏيندا آهن. سو گهڻي ڀاڱي ”پٽاليني“ Patalene واريءَ جوءِ سان ڀيتِ آهي ۽ اهوئي سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو آهي، جيڪو يونانين جي وقت ۾ به موجود هو.

هن ڪتاب ۾ به ڇوڙ وارو علائقو سمنڊ کان وٺي مٿي اتر ڏس تي حيدرآباد يا پنجويهه ڊگريون ۽ ٽيويهه فوٽ ويڪرائي ڦاڪ اتر طرف تائين آهي، جيڪو اوڀر طرف ٿر جي ڀٽن ڏانهن وڌي وڃي سنڌوءَ جي صفا اوڀارين ڇاڙهه ”پراڻ“ سان ملي ٿو، جيڪو هاڻي سڪل آهي. چارهه جي رُت ۾ سنڌوءَ جو پاڻي منجهس اچي ويندو آهي پر ڪنهن سمي اها چاڙهه ڪوري ڦاٽ سان ڳنڍيل هئي ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جو دنگ ڏيکاريندي هئي. هيءُ ڇور وارو علائقو اولهه پاسي وڃي جابلو علائقي سان ملندو هو. اُهي جبل سنڌ جي جابلو سلسلي ڪوهستان کان هلندا اوڀر ۽ اولهه پاسي ننڍا ٿيندا نيٺ ختم ٿي وڃن ٿا. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري هن علائقي جي سرحدي ليڪ پنجاهه ميل اولهه-ڏکڻ هلي ٺٽي جي اوسي پاسي پهچي ٿي. اتان کان سٺ ميل سر اولهه هلي ڪراچيءَ ڀرسان سمنڊ تائين توڙ ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ڇوڙ واري علائقي جي ڪل ايراضي ڏهه هزار ميل همچورس بيهي ٿي. ڇوڙ واري هن علائقي جي پاسن جي ڌار ڌار ماپ هن ريت آهي حيدرآباد کان هيٺان سنڌوءَ کان وٺي عمر ڪوٽ تائين نوي ميل ۽ عمر ڪوٽ جي اوڀر کان وٺي ڦاٽ جي ڇوڙ تائين هڪ سو پنجاهه ميل. حيدرآباد کان ٺٽو ۽ ٺٽي کان وٺي ڪراچيءَ ويجهو ڪلفٽن جي ورياسي جوءِ جي ڏکڻ-اوڀر تائين اولهه وارو پاسلو هڪ سو ڏهه ميل ۽ سامونڊي ڪنارو هڪ سو پنجويهه ميل آهي ۽ اها ڪل پکيڙ پنجويهه هزار چورس ميل بيهي ٿي.

هي ميداني علائقو درياهن جي پُراڻن پيٽن سان هنڌين ماڳين کاڌل ۽ هيٺ مٿي لڳو پيو آهي. ڪي قديم وهڪرا هن ڇوڙ واري علائقي منجهان آر پار ۽ لاڳيتا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪن جا نشان پتا ڪٿي ڪٿي وڃي چٽا رهيا آهن. ڪن جا ته باقي وڃي ڪي اهڃاڻ رهيا آهن. ڪي ته صفا رئجي ميسارجي ويا آهن. پاڻيءَ جو هڪ تمام پراڻو وهڪرو ڪڏهن سنڌ جي صفا اوڀر طرف کان به وهندو هو. سندس تاريخ ڏاڍي دلچسپ آهي. ان جو نالو ”هاڪڙو“ هو. ٿر جي ڀٽن جي ڀر ڏئي ”ڪڇ“ کان ويهه ميل مٿان وڃي ”پراڻ“۾ پوندو هو. هاڻي هاڪڙي جو نالو هن درياه جي ان ٽڪري تائين محدود آهي، جنهن ۾ سنڌوءَ جي چاڙهه جو پاڻي هليو ويندو آهي. موجوده دور ۾ هن کي ”نارو“ سڏيو ويندو آهي. سرڪاري ڪاغذن ۾ هن جو نالو اڀرندو نارو Eastern Nara آهي. پر ڪنهن زماني ۾ هي نجو ۽ آجو درياه هو ۽ ناري وارو هاڻوڪو وهڪرو ان جو ننڍو هو. (1) هن قديم وهڪري جا نشان، سنڌ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. هن وهڪري جو نالو ”وانڊاڻ“ Wandan هوندو هو.

هاڪڙو[سنواريو]

بهاول پور واري علائقي ۾ ان جو نالو ”هاڪڙو“ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. پر بيڪانير ۽ راجپوتانا کان وٺي ويندي همايله تائين ان کي ”سڌارا“ Sudhara ۽ ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو.

گم ٿيل درياه[سنواريو]

”ڪلڪته رويو“ ۾ هڪ سڄاڻ لکڻهار ”گم ٿيل درياه“ Last river جي عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو. سندس ويچارن مان ائين لڳو ٿي ته اهو ”گم ٿيل درياه“ ستلج کان سواءِ ٻيو ڪونه آهي، جيڪو صديون اڳ هڪ جابلو علائقي مان نڪري ور وڪڙ ڪندو اتر-اولهه اَهل ڪري، بياس جي ماٿري ڏانهن نڪري آيو هو. پوءِ اولهه ڀرو سِرڪندو اوڙڪ وڃي بياس سان سنگم ڪيو هئائين. اها ڳالهه ثابت ڪئي وئي آهي يا نه، تنهن جو پتو ڪونه آهي ته ان سڄي وهڪري کي هاڪڙي جي نالي سان سڏيو ويندو هو، پر ايترو سو يقين آهي ته سنڌ جي لاڙ جي ڀاڱي وارو ”هاڪڙو“ هڪ آجي ۽ نجي درياه جو حصو هو، جنهن جي سڪي وڃڻ ڪري ڏاڍو هاڃو ٿيو. هزارين همچورس ميل تي مشتمل سکيو ستابو ۽ سکر سڻائي وارو وڏو علائقو، جنهن مان لکن ماڻهن کي پنهنجو چوڻو پاڻي ملندو هو. سو سڪي بُٺ ٿي ويو. ان پاڻيءَ ڌوڪي وڃي سنڌوءَ سان سنگم ڪيو، جنهن سان اڳيئي ٻين درياهن جو جام پاڻي ملي رهيو هو. هن واڌو پاڻي ملڻ ڪارڻ هيٺ وڃي، سنڌوءَ بوڙ ٻوڙان لائي ڏني ۽ ملڪ اجاڙي ناس ڪري ڇڏيائين. هاڪڙي کان چئن يا پنجن ميلن جي وٿيءَ تي، ”ٻنڌڻي“ Badahri نالي سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ هو، جيڪو هاڪڙي سان گڏوگڏ هلندو هو ۽ پراڻ ۾ پوڻ واري ماڳ کان ارڙهن ميل مٿي هاڪڙي سان ملي ويندو هو. سنڌوءَ جو هيءُ ڦاتڪ رڳو چاڙهه جي رُت ۾ وهندو هو ۽ هاڪڙي سان وڃي ملندو هو. هينئر هن ڦاٽ جو منڍ لٽجي ويو آهي. ڪجهه ميلن تائين ايترو ته پورجي ۽ ميسارجي ويو آهي، جو سندس اهڃاڻ به ملي ڪونه سگهندا. لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ اهو اتر-اولهه ڏس کان اچي، سنڌ جي وچ واري ڀاڱي مان پنهنجي مکيه وهڪري کان ڇڳو آهي، ٻيو ڦاٽ جيڪو ساڳي طرف کان اچي ٿو، سو گهڻو ڪري مٿي بيان ڪيل ”ٻنڌڻي“ ڦاٽ جو مٿيون حصو آهي ۽ اهو به ساڳئي طرف کان ايندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هنن ٻنهي ڦاٽن جا نشان عرب راڄڌاني منصوره کان ڏکڻ-اوڀر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. امڪان اهو آهي ته هيءُ اهو وهڪرو آهي، جنهن جو ”البيرونيءَ“ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سنڌوءَ کي منصوره وٽان ڇڏي، اوڀر (ڏکڻ-اوڀر) هليو ويندو هو، جيڪو ڪڇ جي دنگ سان وهندو هو. هيءُ ان وهڪري جو نالو ”سنڌ ساگر“ Sindh Sagar ٿو.

”پراڻ“ وارو پراڻو وهڪرو =[سنواريو]

سنڌوءَ جي سڀني ڇڏيو وهڪرن مان وڌيڪ اهم ”پراڻ“ وارو پراڻو وهڪرو آهي. هن وهڪري کي سنڌ جي ٻن ماڳن وٽان چٽيءَ ريت ڏسي سگهجي ٿو. هڪ حيدرآباد کان چوويهه ميل ۽ ٻيو ڇٽيهه ميل-اتر اوڀر ڏس تي آهي. ٻئي ڇاڙهون پهريائين پنجاهه ميل ڏکڻ-اوڀر طرف هلي، حيدرآباد کان پنجيتاليهه ميل اوڀر، پر ٿورو ڏکڻ پاڻ ۾ ملي وڃن ٿيون. اُن کان پوءِ اهو گڏيل وهڪرو پهريائين ڏکڻ پوءِ ڏکڻ-اولهه هڪ سو چايلهن ميلن کان به وڌيڪ پنڌ هڻي، ڪوري کاري ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ پنجاهه ميل ڪڇ مان ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن وهڪري جو سنڌ وارو هيٺيون ڀاڱو هر جاءِ تان اڄ به اڌ ميل ويڪرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر عام طور سندس ويڪر ميل جو چوٿون حصو آهي. پراڻ جي الهندي پاسي اسان کي ڪيترائي پراڻا پيٽ ڏسڻ ۾ ايندا، جن مان ڪي ڊگها ته ڪي وري ننڍا آهن. ڏسڻ ايئن اچي ٿو ته ڄڻ اهي ڪنهن درياه جي پراڻي وهڪري جا ٽڪرا ٽوتا آهن، مٿي بيان ڪيل وهڪرن مان ڪنهن جو به هڪ ۽ عام نالو ڪونه آهي. هر هڪ جُوءِ ۾ سندس نالو ڌار ڌار آهي. نالن مان به ايئن محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکن ٿا، جيڪي ڪنهن خاص ايراضيءَ تائين محدود آهن. اهڃاڻ مان ايئن لکي سگهجي ٿو ته ”پراڻ“ جهڙن وهڪرن جو مُنڍ ٻن ڦاٽن سان شروع ٿيو آهي. انهن مان اتريون ڦاٽ سنڌ جي وچولي جي ڏاکڻين ڀاڱي مان سنڌوءَ کان ڇڳو آهي، سنڌوءَ جي هيءَ ڇاڙهه ڪڇ جي رڻ کان ڏهه ميل مٿان اچي پراڻ ۾ پوي ٿي. سهوليت خاطر هن کان پوءِ هن ڪتاب ۾ مذڪوره وهڪري کي ”الهندو پُراڻ“ سڏيو ويندو. ٻارنهن ميلن جي پنڌ تي اڃا به ڪجهه اولهه، ”ريڻ“ نالي سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه آهي، جيڪا حيدرآباد کان ڏکڻ-اوڀر ڏس تي مکيه وهڪري کان ڇڄي، ڏکڻ طرف اسي ميل هلي سنڌ جي دنگ سان هڪ ”رڻ“ ۾ داخل ٿئي ٿي. مون کي پتو ڪونه آهي ته هن جو پاڻي ان رڻ ۾ سڪي کپي وڃي ٿو. يا ڪنهن وهڪري جي صورت ۾ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن وهڪري جو سرويرن به سنڌ جي رڻ واريءَ ڇَرَ کان اڳتي پتو ڪونه لڳايو آهي. ”ريڻ“ وارو وهڪرو ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو. اڳئين صديءَ ۾ جڏهن سنڌو نصرپور وارو وهڪرو ڇڏي، حيدرآباد جي اولهه وارو موجوده رخ اختيار ڪيو هو، ته ريڻ وارو مٿي بيان ڪيل وهڪرو هميشه لاءِ سڪي ويو. هيءُ ننڍڙو ۽ غير اهم وهڪرو هو. هتان جا ڏيهي مورخ هن کي فارسيءَ ۾ ”جوه باره“ Jui bar يعني ننڍڙو وهڪرو سڏيندا هئا. هن پراڻي وهڪري جو ڪجهه ڀاڱو ”ڦليلي ڦاٽ“ جي هيٺين حصي ”گونيءَ“ والاري ڇڏيو آهي، جيڪو حيدرآباد کان ڏهه ميل مٿان سنڌوءَ کان ڇڄي ٿو. هن جا ٻيا حصا کوٽي، سڌاري، واه بڻايا ويا آهن، جڏهن شهنشاه همايون جي مٿان بدقمستيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ سنڌ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي سياسي سگهه ماڻڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، تڏهن هن وهڪري يعني ريڻ کي تاريخ ۾ هڪ مکيه ماڳ ملي ويو. پندرهن کان پنجٽيهه ميل اڃا به اولهه ڏس تي گنگڙو Gangro (گونگڙو) آهي. هن وهڪري جي مٿئين پاسي جا اهڃاڻ ايترا ته ڊهي ويا آهن، جو لکي به ڪونه ٿا سگهجن. مان سمجهان ٿو ته گنگر وهڪري جي منڍ کي، آبپاشي جي خيال کان کوٽائي سڌاري واه طور ڪتب آندو ويو آهي، هيءُ وهڪرو گهڻو ڪري ”ريڻ“ کان هيٺان ڪٿان سنڌوءَ کان ڇڄندو هو. عام طور سندس رخ ڏکڻ طرف آهي ۽ ”سير“ ڦاٽ وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. گنگڙي ۽ سِيرَ ڦاٽ جي ڪل ڊگهائي هڪ سو ويهه ميل هئي. گنگري کي ساڄي طرف کان پهريائين پنياري ڦاٽ اچي ملندو هو، جيڪو جهرڪ شهر کان ڪجهه ميل ڏکڻ، سنڌوءَ کان ڇڄندو هو. سنڌوءَ جي وهڪري جو هيءُ حصو ڪنهن پوئيند ور سان واسطو رکي ٿو. اهڙيءَ ريت پنياري ڦات جو به ڪنهن پوئين زماني سان ڳانڍاپو آهي. ٺٽي جي ويڪرائي ڦاڪ جي سامهون گنگڙو، ڪنهن پراڻي پيٽ مان وهندو آهي، سندس وهڪري جو رخ سر اوڀر ۽ سر اولهه ٿئي ٿو. ان جو وهڪرو اٺن ڏهن ميلن کان پوءِ صفا ميسارجي ويو آهي. هن جو پراڻو پيٽ باقي ٿورو وڃي بچيو آهي. پر اهو ڪنهن سمي سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو هوندو. هيءَ حقيقت دلچسپيءَ کان خالي نه آهي ته سومرن سردان جي راڄڌاني ”محمد طور“، جيڪي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جا حڪمران هئا (2) هن وهڪري جي ڏاکڻين ڪٺار سنا اڏيل هو. ايئن سمجهڻ لاءِ ڪي سبب به آهن ۽ هن کان پوءِ به اها سچائي چٽي ٿي ويندي، ته سنڌوءَ جي هيءَ ڇاڙهه چوڏهين صدي عيسوي جي منڍ ۾ ئي سڪي وئي هئي.

گنگڙي کان اولهه ۽ سنڌوءَ جي موجوده وهڪري جي وچ تي، هڪ پراڻي وهڪري جو هيٺيون حصو اڃا به موجود آهي. چيو ويندو آهي ته اڳئين صديءَ جي وچ ڌاري جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو اوچتو اولهه طرف مٽايو ته مذڪوره وهڪرو سڪي ويو. جيڪڏهن سنڌ جي نقشي کي چڱيءَ ريت جاچي ڏسبو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته حيدرآباد کان اتر، پر ٿورو اوڀر اهل پنجويهه ميل پري، جتان ان زماني ۾ سنڌو، ڏکڻ-اوڀر طرف وهندو هو، سو هڪدم گهنڊي هڻي، ٺونٺ وڪڙ ڪري، الهندي طرف انڙ پور ڳوٺ ڏانهن مُنهن ڪري ٿو. ان کان پوءِ ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولهه ڏانهن وهڻ شروع ڪري ٿو. هيءُ اهو ماڳ آهي، جتان درياه پنهنجو رخ بدلايو هو. هن کان اڳ ڪيترن سالن تائين درياه جو رخ ڏکڻ-اوڀرندي رهيو ۽ نصرپور جو پاسو ڏئي وهندو رهيو هو. مذڪوره شهر هن جي ڏائي ڪناري سان اڏيل هوندو هو، جتان ”ريڻ“ هن کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو، اتان سندس وهڪري جو مُنهن سر ڏکڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بعد ۾ ڏکڻ-اولهه ڏانهن رخ کي، ٺٽي ڏانهن منهن ڪري ٿو. هن حقيقت کان مانهو پوريءَ ريت باخبر آهن، ته سنڌوءَ جو هيءُ وهڪرو نيٺ 1758ع ۾ سڪي ويو. هن سان گڏ اهو به چيو ويندو آهي ته سڪي وڃڻ کان ٻه ٽي سال اڳ، هن وهڪري ۾ اڳئين جي ڀيٽ ۾ ٿورو پاڻي اچڻ لڳو هو. درياه پنهنجي نئين وهڪري اندر پنهنجي پاڻيءَ جو سڄو مقدار وهائڻ ۽ ان کي پوري درياه ٺاهڻ ۾ ڪجهه وقت وٺندو آهي. هن درياه جي ڇڏيل هن وهڪري جي پيٽ جي ساري ڊگهائي کي ”ڦٽو“ (4) سڏيو ويندو آهي، جيڪا اتڪل هڪ سو ميل ٿيندي. هيءَ ڇڏيل پيٽ سنڌوءَ جي موجوده وهڪري کان ويهه ميل کن پري ٿيندو. هن پراڻي پيٽ جا پويان سٺ ميل لاڳيتا ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا. ڇاڪاڻ ته ڪٿان ڪٿان اهو لٽجي ميسارجي ويو آهي، پر سندس اتريون پاسو چٽو پڌرو بيٺو آهي (5) ”ريڻ“ جي مُنڍ کان ٻارنهن ميل مٿي ماباڻ Manban نالي هڪ ڦات، ڦٽي مان ڇڄندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڏکڻ اوڀر ڏانهن رخ ڪري ٿو. سندس وهڪري کي سروير پنجويهن ميلن کان وڌيڪ جاچي ڏسي ڪونه سگهيا آهن، پر امڪان اهو آهي ته هيءُ وهڪرو الهندي پراڻ سان وڃي مليو هوندو ”ماباڻ“ ڦاٽ جو منهن ان ماڳ وٽان آهي، جتي واريءَ جا ڊها آهن ۽ اهي عامط ور انهن ٿاڪن وٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جتان ڪو ڦات درياه کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي، واري جا ٻيا ڊها ”ريڻ“ جي مُنڍ يا منهن وٽان ڏسڻ ۾ ايندا، پر اهي ننڍا آهن.

اڃا به ڪجهه الهندي هلبو، ته سنڌوءَ جي موجوده وهڪري تي وڃي بيهبو. هتي سنڌوءَ جو وهڪرو، ڇوڙ واري هيٺئين جوءِ کي بن ڀاڱن ۾ ونڊي ٿو. (6) جن مان هڪ وڏو ۽ ٻيو ننڍو آهي. الهندو ڀاڱو ننڍو ٽڪنڊو آهي. سندس ٽئي پاسا هڪ جيترا ڏسڻ ۾ ايندا. ان جي هر پاسي جي ڊيگهه چوهٺ ميل آهي. اهو تڪنڊو هن ريت آهي. هڪ پاسي کان درياهه، ٻئي پاسي کان ساموندي ڪنارو ۽ ٽئين طرف کان جابلو علائقي جي وَٽِ آهي. هن علائقي جي ڪل پکيڙ سترهن سو پنجاهه همچورس ميل بيهي ٿي. اسان هن کي پنهنجي سهوليت لاءِ ”الهندو ڇوڙ“ سڏينداسون. هن جوءِ کي اهونالو سونهين به ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جون الهندي طرف واريون ڇاڙهون، هن جُوءِ جي پکيڙ اندر موجود آهن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ هن وهڪري کان ڇڄي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون ۽ ڪي هاڻي به ڪري رهيون آهن. انهن مان ٻه ڦاٽ اهڙا آهن، جن ڏانهن اسان جو ڌيان هڪدم ڇڪجي وڃي ٿو، انهن مان هڪ بگهياڙ ۽ ٻيو گهارو آهي. پهريون ڦات ٺٽي کان ڇهه ميل ڏکڻ، سنڌوءَ کان ڇڄي ڇوڙ واري علائقي جي وچ مان لنگهي ڪيترين کارين جهڙوڪ: ريسل Rishal شيشه Shisha پيٽاڻي، Pitiani کڏي Khudi ۽ پِٽي Piti (ڦٽي) وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. بگهياڙ هڪ درياهي وهڪري جو نالو آهي، سندس گهڻو پاڻي ”شيشا“ کاريءَ ۾ ايندو آهي. هن ٿاڪ کان اڳتي اولهه طرف هن وهڪري جو پاڻي کارا راهو Khara Raho ۽ ٻين کارين وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. بگهياڙ جو پٽيءَ وارو صفا الهندو ڇوڙ آهي. جيڪو ڪراچيءَ کان ٻارنهن ميل ڏکڻ اوڀر ڏِس تي موجود آهي. هاڻي بگهياڙ، چاڙه وارو وهڪرو نه آهي، پر گذريل ڪيترين صدين کان سنڌوءَ جي الهندي ڇاڙهه ۾ رهيو آهي. هلندڙ صديءَ جي منڍ ۾ به اهو هڪ دائمي وهڪرو هو. گهارو ڦاٽ، ڪوهستان علائقي جي وٽ سان اوڀر ۽ پوءِ ڏکڻ کان وهندو رهيو آهي. جيڪو ڇوڙ واري علائقي جي صفا ڪناري سان آهي، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل چاليهه ميل ٿيندي. سنڌوءَ جي هيٺيئن حصي سان لڳاپيل هي وڏي ڊيگهه وارو ڦاٽ آهي. هن ڦاٽ جو ٻيو حصو اوڀر ڏس تي ڪلريءَ ۾ شامل آهي،جيڪو هاڻي سنڌوءَ جو چارهه جي موسم وارو ڦاٽ وڃي رهيو آهي. هيءَ ڦاٽ، ٺٽي کان ٿوري پنڌ تي اتر اوڀر، سنڌو کان ڇڄي ٿو ۽ ڪجهه فاصلي تائين الهندي هلي ڏکڻ اَهل ڪري، موڙو کائي، نيٺ وڃي بگهياڙ سان ملي ٿو. ”ڪلريءَ“ ۽ ”گهاري“ جي وچ ۾ ڏهن يا ٻارهن ميلن جي وِٿي ٿيندي، ٻنهي وهڪرن جي وچ تي ڪيترائي پراڻا پيٽ ڏسڻ ايندا. ڪلري ڦات وارو موجوده ڏاکڻون وهڪرو، ٺٽي کان ست ميل اولهه طرف سنڌوءَ جي مکيه وهڪري مان کاٻي يا ڏاکڻي ڪٺار کان ڇڄي ڌار ٿيو آهي ۽ اڳتي ڌوڪيندو وڃي بگهياڙ ۾ پيو آهي. هن ٿاڪ کان اولهه پاسي ٿورن ميلن تائين وهڪري جو پراڻو پيٽ لٽجي ويو آهي. ان جو هيٺيون پاسو سامونڊي وير ڪارڻ کليل آهي، جيڪو کاري بڻجي ويو آهي.

پنهنجي موضوع جي هن حصي کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾، سمنڊ ڏانهن پکڙيل هڪ سو سالن جي پراڻي ڇوڙ واري علائقي جي دلچسپ سوال بابت منهن مونن ۾ رکي ڪجهه ويچارڻو پوندو. گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ هن سامونڊي علائقي بابت گهڻي جاچ پڙتال ڪئي وئي آهي. سنه 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ان کان پوءِ اهري جاچ پڙتال ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويو. سو ويچار ڪري اسان هن تيجي تي پهتا آهيون ته سنڌوءَ جي مکيه ڇوڙن وارن ٿاڪن وٽان ڌرتي ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان سمنڊ ڏانهن وڌي رهي آهي. هن کان اڳئين جاچ پڙتال 1877ع ۾ ڪئي وئي هئي، جنهن مان اسان کي پتو پيو ته گذريل ڏهن سالن اندر سنڌوءَ جي مکيه ڇوڙن وتان ساڍا ٽي ميل اڳتي وڌي آهي. ان ليکي سان هڪ سال ۾ هڪ ميل جو ٽيون حصو ڌرتي سمنڊ ڏانهن اڳتي وڌي رهي آهي. اڳئين جاچ پڙتال (سروي) دوران ڪن ٿاڪن تي ڌرتيءَ جي اڳتي وڌڻ واري رفتار ۾ گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. اهي جايون دريائي ڇوڙن جي بلڪل ڀرسان هيون. انهن ڇوڙن مان هاڻي درياهي پاڻي ڪونه وهندو آهي ۽ حقيقي ڇوڙ وارا وهڪرا ٿورو اڳتي اولهه ڀرو سرڪي ويا آهن. درياهه جي مکيه وهڪري کان ٿورو وٿيرڪو پر آسپاس ئي سامونڊي لهرون به هلڪيون سلڪيون آهن.(7) ڪن ماڳن وٽ زمين سمنڊ ڏانهن ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي. پر اهڙا ماڳ مٽبا سٽبا رهندا آهن. ڪٿي وري اهڙا ٿاڪ به آهن. جتي سمنڊ پنهنجو وڃايل ڀاڱو وري هٿ ڪري وٺندو آهي. درياهه ۽ سمنڊ جي انهيءَ ويڙهاند ۽ ڏي وٺ ۾ ڌرتي ڪيترو اڳتي وڌندي آهي؟ تنهنجو جواب پڪ سان ڏئي ڪونه ٿو سگهجي. نيل درياه جي ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار جو انومان چار ميٽر في سال آهي (8). هي درياهه هڪ سال ۾ ٻه سو چاليهه ميلن ڪيوبڪ گز لت سمنڊ ۾ ڇڏيندو آهي. (9) ان ليکي سان سنڌو ٻه سو سترهن ميل گز (10) لٽ في سال سمنڊ ۾ ڇڏيندو آهي. ان ليکي سان سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار چار ميٽر في سال ٿي سگهي ٿي. اسان جيڪي انگ اکر ورتا آهن، سي ان ڪري ڪجهه ويچار لهڻن ٿا، ته ميڊيٽيرينن سمنڊ ماٺيڻو ۽ هندي سمنڊ ڪولاهل وارو آهي ۽ منجهس لهرن جي لس ليٽ لڳي پئي هوندي آهي. تنهن ڪري سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو، نيل جي ڇوڙ واري علائقي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سُست رفتاريءَ سان سمنڊ ڏانهن اڳتي وڌندي آهي. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ ضروري هوندي آهي، ته سڀني ڇوڙ وارن علائقن جو سمنڊ ڏانهن وڌڻ هڪ جهڙو ڪونه هوندو آهي ۽ اهو هر دور ۾ ڌار ڌار رهيو آهي. جيڪڏهن موجوده دور ۾ نيل درياه جي ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار چار ميٽر سالياني آهي، ته قديم زماني ۾ سندس وڌڻ جي رفتار انهيءَ کان گهڻو وڌيڪ هوندي ”انڊنبرا رويو“ جي لکڻهار، جنهن جو حوالو مٿي ڏنو ويو آهي، سو هڪ تاريخي باڪو (شاهد) بيهاري اسان کي ٻڌائي ٿو ته اهڙيون به ڪي جڳهون آهن، جتان نيل درياه جي ڇوڙ وارو علائقو اڻٽيهه ميٽر ساليانو سمنڊ ڏانهن وڌندو آهي. گذريل ٽيويهه سون سالن ۾ نيل درياهه جي ڇوڙ وارو علائقو ٽيٽيهه ميل سمنڊ ڏانهن وڌيو آهي- امڪان اهو آهي ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو به ساڳين حالتن هيٺ ساڳي رفتار سان سمنڊ ڏانهن وڌي رهيو آهي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ سندس وڌڻ جي رفتار گهڻي ڍلي رهي آهي. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته هن مامري ۾ تاريخي شاهديون نٻل آهن، جن جي آڌار تي انومان ۽ انداز ڪري سگهجن ٿا، جيڪي وسهڻ جوڳا ڪونه آهن. اهو کڻي ڪيئن به هجي، پر ان کي پرکي ڏسڻ چڱي ڳالهه آهي. هن موضوع سان لاڳاپيل احوال هيٺ ڏنل باب ۾ پڙهندا.

گهارو ڪريڪ کان ابراهيم حيدري[سنواريو]

ڪنهن دور ۾ سنڌو درياهه گهارو ڪريڪ کان ابراهيم حيدري لڳ وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. سنڌو درياهه منڍ کان وٺي ڪشمير کان سمنڊ تائين واپاري اچ وڃ جو وسيلو رهيو آهي. ڇوڙ وٽ گسري (گذري)، واڳو ڏر، ريڙهي مياڻ، ابراهيم حيدري ۽ رتو ڪوٽ خوشحال بندر هئا. اهي بندر هتي ڪهڙي به نالي سان، پر موجود هئا. جنهن جي ڪري هن علائقي جي تاريخ قدامت واضح ٿئي ٿي. سنڌو درياهه جي ساٿ ڇڏڻ ڪري ديبل وانگر قسمت جي ديوي به انهن علائقن مان موڪلائي وئي. سمنڊ جي وڌڻ ڪري ڦٽي ڪريڪ، ڪورنگي ڪريڪ ۽ گهارو ڪريڪ جيڪي سنڌو جي مختلف ڇوڙن جا ويڪرا هئا سمنڊ ۾ اچي ويا ۽ رتو ڪوٽ وانگر گهڻا آثار سمنڊ جي نظر ٿي ويا. اهي آثار اڄ به سمنڊ ۾ موجود آهن پر انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. [3] [4]


سنڌو ٽڪور جي تباهي[سنواريو]

هن وقت سنڌو درياءَ مان تازو پاڻي نہ ملڻ ڪري سنڌو ٽڪور ماحولياتي دٻاءُ جو شڪار آهي. سنڌو ٽڪور جا تمر ٻيلا ۽ ان ۾ پلجندڙ سموري جنگلي جيوت توڙِي آبي جيوت جيئدان جي جنگ هارائيندي نظر اچي رهيا آهن. سنڌو ٽڪور جا تمر ٻيلا جيڪي اڳي ooo هيڪٽرن تي پکڙيل هئا، سي هائي رڳو ooo هيڪٽرن تائين محدود رهجي ويا آهن. ساڳيءَ ريت جھينگي ۽ پلي جو نسل پڻ خطري ۾ آهي ۽ ان ڪري نازڪ مرحلي مان گذري رهيو آهي جو سندن جياپو سمنڊ جي کاري پاڻي ۽ سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻيءَ جي ميلاپ تي دارومدار رکي ٿو.


پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "سنڌي ورچوئل لائبريري | سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو" Check |url= value (مدد). kitab (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  2. "سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  3. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  4. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر

وڌيڪ مطالعو[سنواريو]

  • redtailcanyon.com - [1]
  • World Atlas, Millennium Edition, pg 265.
  • World Wildlife.org - [2]


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

India 78.40398E 20.74980N.jpg      Early morning on the Ganges.jpg      ڏکڻ ايشيا جا پاڻي      Indus.A2002274.0610.1km.jpg     Kannurfort1.JPG
Inland سنڌو درياءُ | گنگا ندي | جمنا | چناب | جهلم | Brahmaputra | Godavari | Narmada | Tapti | راوي | Beas | سطلج | Dudh Kosi | پدما | سرسوتي | ڪرشنا | Kaveri | Meghna | Mahanadi | Son | Ghaghara | Betwa | چمبل | ڪوشي | سپت ڪوشي | Tamur | Mo Chhu | سنڪوش | Drangme Chhu | Ganga basin | گنگا ٽڪور | سنڌو ٽڪور | Dal Lake | Pookode Lake | Skeleton Lake | Chilika Lake | Lake Powai | Borith Lake | سيف الملوڪ | Gosaikunda | نظام ساگر | Red Hills Lake | Malampuzha | ڪيرالا Backwaters
Off the Coast Indian Ocean | Arabian Sea | Laccadive Sea | Bay of Bengal | Gulf of Kutch | Gulf of Khambhat | Palk Bay | Gulf of Mannar
Main Reservoirs and dams in India | هندستان جون ڍنڍون | Rivers of India | پاڪستان جون ڍنڍون | پاڪستان جون ڍنڍون | بنگلاديش جا درياءَ | ڀوٽان جا درياءَ | نيپال جون ڍنڍون | نيپال جا درياءَ
     ڏکڻ ايشيا جي ڀونءِ نگاري      India 78.40398E 20.74980N.jpg
Himalayas.jpg Himalaya | Western Ghats | Eastern Ghats | Aravalli Range | The Nilgiris | Vindhya Range | Satpura Range | Garo Hills | Shivalik Hills | Khasi Hills | Annamalai Hills | Cardamom Hills | Sulaiman Mountains | Karakoram | Hindu Kush | Chittagong Hill Tracts | Deccan Plateau | Thar Desert | Makran | Chota Nagpur | Naga Hills | Mysore Plateau | Ladakh Plateau
Dabhol Beach.jpg Indo-Gangetic plain | Indus River Delta | Ganga basin | Ganges Delta | Atolls of Maldives | Coromandel Coast | Konkan | Lakshadweep | Andaman and Nicobar Islands | Sundarbans | Rann of Kutch
Main India | Pakistan | Nepal | Bhutan | Sri Lanka | Bangladesh | The Maldives | Portal:Himalaya region