مواد ڏانھن هلو

مير معصوم شاهه بکري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مير معصوم شاھ
بکري

مير معصوم شاھ جو تعمير ڪرايل مينار
پيدائش معصوم شاھ
944ھ
وفات 1014ھ (1605ع)
بکر
مدفن سکر ۾ معصوم شاھ جي مناري ڀرسان
رھائش بکر ۽ روھڙي
سَرگَرمُ سالَ مغلن جو اڪبر بادشاھ وارو دؤر
شھرت جو ڪارڻ بکر جو نواب
مشھور ڪم تاريخ معصومي
لقب نظام الدين
جيون ساٿي رقيه بيبي
ٻار ٻچا مير بزرگ
ماءُپيءُ سيد صفائي بن سيد مرتضٰي ترمذي

مير معصوم شاھه بکري (Mir Masoom Shah Bakhri) (پيدائش:944 ھجري - وفات: 1014 ھجري) جنھن جو پورو نالو سيد مير محمد معصوم عرف نظام الدين ابن شيخ الاسلام ابن سيد صفا الترمذي، سکر جي معصومي سادات جو سرخيل سکر جي مٽيءَ جو بي بها مڻيو، اڪبري درٻار جو امير ۽ اهلڪار، دنيا جي زنده جاويد بزرگن مان هڪ آهي.[1] ھي تاريخدان، طبيب ۽ دوائن ٺاهڻ جو ماهر ھيو. ھن سال 1595ع ۾ مغل فوج جي ڪمان ڪندي بلوچستان جي سبيءَ وارو علائقو فتح ڪري مغل سلطنت ۾ شامل ڪيو.[2] ان کانپوء سال 1598ع اڪبر بادشاھه ھن کي سنڌ ۽ سبيءَ جو امير (گورنر) مقرر ڪيو.[3]

خاندان

[سنواريو]

هو سيد صفائي بن سيد مرتضٰي ترمذيءَ جو پٽ هو، جو سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال مشهور اولياءَ جي نسب مان هو ۽ بکر ۾ اچي رهيو هو. هو وڏي علم ۽ عمل وارو ماڻهو هو. جڏهن مرزا شاه حسن ارغون سنڌ جو والي هو، تڏهن هن شاه قطب الدين بن شاھه محمود خراسانيءَ کي بکر جو شيخ الاسلام ۽ واعظ مقرر ڪيو هو. انهيءَ جڏهن سال 977 ھجري ۾ وفات ڪئي، تڏهن انهيءَ وقت جي سلطان محمود خان سيد صفائيءَ کي انهيءَ جي جاءَ تي شيخ الاسلام مقرر ڪيو، جنهن سال 991 ھجري ۾ وفات ڪئي. مٿئين شاهه قطب الدين جي عزيزن مان هڪڙو شخص شاهه جهانگير هاشمي، مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ خراسان کان سنڌ ۾ آيو، جو چڱو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو. هن جي مثنوي، "مظهرالآثار" ۽ سندس "ديوان هاشمي" مشهور آهي، جيڪا هن مثنوي "تحفـﺔ الاحرار" جي جواب ۾ لکي هئي. اهو سال 946 ھجري ۾ حج ڏي ويندي رستي ۾ ڪيچ، مڪران وٽ شهيد ٿيو.[1]

اولاد

[سنواريو]

مير صاحب جي پٽ جو نالو مير بزرگ ھيو.[4] "تاريخ انوار السادات" جي مطابق؛

"مير معصوم جي گهرواري رقيه بيبي بنت سيد محمد شاهه موسوي ڪاظمي قنڌاريءَ جي بطن مان پيدا ٿيو ھو.[5]

احوال زندگي

[سنواريو]

سيد صفائيءَ جو پٽ مير معصوم شاهه پهرين بکر جي حاڪم سلطان محمود خان وٽ چڱي عهدي تي مقرر ٿيو. پوءِ اڪبر بادشاھ وٽ اميريءَ جي درجي کي پهتو ۽ خان خانان سان گڏ سنڌ جي فتح ڪرڻ ۾ وڏا ڪم ڪيائين.

تعميراتي شوق

[سنواريو]

پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته:”سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير محمد معصوم گهڻيون عمارتون تعمير ڪرايون آهن. مسجدون ۽ مذهبي عمارتون تعمير ڪرائڻ هن جو مشغلو هو. عمارتن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو، انهن کي پنهنجي نقاشي نمونن تي ٺهرائيندو هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۽ ڪتبا ٺهرائڻ ۾ يگانه عصر هو. ان کان سواءِ خوشخطي جو وڏو ماهر هو. هڪ دفعي اڪبر پاران شاهي سفارت سان ايران ويو هو، ۽ هندوستان کان وٺي تبريز تائين ۽ اصفهان تائين پنهنجي سفر جا حالات مسجدن ۽ خاص عمارتن تي نقش ڪندو ويو. آگره جي قلعي جي دروازه، فتح پور سيڪري جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي هن جا ڪتبا لڳل آهن[6]“ بکر جي آسپاس هن گھڻيون عمارتون جوڙايون. سندس منارو اڃا: موجود آهي. هن گھڻا ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. ”تاريخ معصومي“ سنڌ جي احوال بابت مشهور آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”نامي“ سندس خلاصو ”طب نامي“ اڃا موجود آهي.

روھڙي جي عيدگاھ

[سنواريو]

سکر (بکر ) ۾ جيڪي آثار سيد موصوف جا ٺهرايا آهن، تن ۾ قدامت جي لحاظ سان روهڙيءَ وارو عيدگاه سڀ کان اول نمبر آهي. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ طرف ٽڪريءَ تي اهو عيدگاهه آهي. ٻن ايڪڙن کن زمين جي چوڌاري ديوار نڪتل آهي، ٽن طرفن کان ديوار اُره جيتري ۽ اولاهين طرف کان ڳڏي آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن خواه وچ تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. اهي گنبذ فقط اولاهين ديوار ۾ آهن. وچين گنبذ هيٺان محراب آهي، جنهن جي مٿان ٻاهرين طرف ڏانهن هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جنهن تي ٽن سٽن ۾ ڪتبو اُڪريل آهي.[1]

عيدگاهه جي تعمير جي ٻئي سال يعني 1003ھ ۾ مير صاحب سکر واري معصومي مناره جي تعمير جو ڪم مير صاحب شروع ڪرايو، جو ڪم مير موصوف جي انتقال کان پوءِ سندن فرزند مير بزرگ 1027ھ ۾ پورو ڪرايو.[1].

آرامگاھ يا فيض محل

[سنواريو]

1002ھ ۾ روهڙيءَ جو عيدگاهه ٺهيو، ۽ 1003ھ ۾ مناره جو بنياد پيو، وري 1004ھ ۾ مناره جي قريب اٺن فوٽن جي فاصلي تي هڪ هشت پهلو گنبذ سان جاءِ جوڙائي وئي، جنهن جو اصل نالو ”فيض محل“ آهي، مگر عام ماڻهو ان کي آرامگاهه سڏين ٿا. اها جاءِ برج جي نموني پنجاه فوٽ کن اوچي آهي. ونگن سان چار دروازا اٿس ۽ زمين کان 14 فوٽ کن مٿي اندرين پاسي ڏانهن هڪ گيلري اٿس، جنهنڪري چار دريون آرپار آهن. چارئي دريون چئني دروازن جي مٿان آهن، ۽ ٻن درين جي مٿان پٿر جي ڇڄهري آهي. ڇڄهري جي ڇتين تي ڪي نصيحت آميز رباعيون پٿر تي اُڪريل آهن، جي چوڌاري ڦري آيون آهن. عمارت سهڻين پڪين سرن جي آهي ۽ زينت جي خيال سان ڪاشيءَ جون سرون ڪثرت سان منجهس استعمال ڪيل نظرن اچن ٿيون، ڄڻ جاءِ رنگا رنگي ٿي پئي آهي. ان جاءِ جي ويڪرائي اندرين پاسي کان سترهن فوٽ کن آهي. ذڪر ڪيل رباعيون گهڻيون آهن، پر هڪ رباعي هن طرح آهي، جنهن مان جاءِ جو نالو ۽ تعمير جو سال ملي ٿو.[1].

ھشت پھلو

[سنواريو]

پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ موجود جيل خانه جي ڀر ۾ هڪ هشت پهلو گنبذ نما جاءِ آهي، ان جي اوساري پڪسري ۽ ٻاهران سفيد پڪو چونا گچ چڙهيل اٿس. چون ٿا ته ان جاءِ جي چوڌاري ست کوهه هوندا هئا، جن مان ڇهه کوهه لٽجي ويا آهن، باقي هڪ کوهه ان جي اولاهين پاسي ڏانهن اڃا تائين سلامت آهي. جنهن مان ماڻهو عام جام پاڻي وٺي رهيا آهن. کوهه جي سڄي اوساري پٿر جي آهي. ذڪر ڪيل هشت پهلو جاءِ لاءِ روايت آهي ته مير محمد معصوم مسافر خانه طور عام ماڻهن جي آسائش لاءِ جوڙائي هئي.[1].

روھڙي واري حويلي

[سنواريو]

مير صاحب سکر ۽ بکر کان سواءِ، روهڙيءَ ۾ به پنهنجي هڪ حويلي جوڙائي هئي، جا ”حويلي مير محمد معصوم“ جي نالي سان سڏي ويندي هئي[4]. اها حويلي، روهڙي شهر ۾ بکر جي مغل نواب فتح خان جي تعمير ڪرايل مسجد جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع هئي، ۽ اها 7- ربيع الاول 1226ھ يا1 اپريل 1811ع تي مرزا سهراب خان افغان خريد ڪئي هئي. انهيءَ حويليءَ جي سامهون بکر جي قلعي جو ”چنه برج“ ھو[7][4].

پخته پل

[سنواريو]

مير صاحب سکر پراڻي ۾، ”لالڻ واھ“ تي عام ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ پــُـل تعمير ڪرائي هئي. هڪ قلمي ســَـندَ مان پتو پوي ٿو ته اها پــُـل سن 1163ھ (1750ع) تائين موجود هئي. هن پــُـل جي محل وقوع جي سلسلي ۾ اهو معلوم ٿئي ٿو ته اها پــُـل سکر پراڻي جي مشهور ”دٻن واري زمين“ جتي سيد تقي الدين محمد پــُـورانيءَ جي زمين هئي، جي ڀرسان هئي.


سيت سر

[سنواريو]

سيد حسام الدين راشديءَ هن عمارت جو ذڪر ”سيتاسر يا ستياسر“ جي نالي سان ڪيو آهي[8]. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هيءَ هڪ بي مثال عمارت هئي[4]. راشدي صاحب، انهيءَ عمارت جي تعمير جو سن ”گنبذ دريايي“ مان 1007ھ وضع ڪيو آهي[9]. سيد مرتضيٰ ميرڪ، انهيءَ مٿئين عمارت جو نالو”سيتاسر يا ستياسر“ جي بجاءِ ”سيت سر“ يعني سفيد سر يا گنبذ دريائيڄاڻايو آهي[10]

مير معصوم جون خدمتون

[سنواريو]

مولائي شيدائي تاريخ سکر ۾ لکي ٿو تہ: مير محمد معصوم صاحب سيف و قلم هو. فنِ شاعري ۾ سندس تخلص ”نامي“ هو ۽ صاحب ديوان هو. ديوان نامي کان سواءِ هن عالم فاضل سنڌ جي مشهور افساني ”سسئي پنهون“ کي پارسي ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو[1]. مختلف لڙاين ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري، نوابي جو لقب ۽ عهدو حاصل ڪيائين ۽ درٻار اڪبري کان جاگير حاصل ڪيائين[1]. پنهنجي وقت جو باڪمال معمار هو ۽ سندس خوش نويسي جي ثبوت لاءِ سندس ڪتبا دکن، آگره کان اصفهان ۽ تبريز تائين پکڙيل آهن[1]. ھن سکر ۾ مشهور منارو تعمير ڪرايو جيڪو فن تعمير جو شاھڪار آھي ۽ ھن وقت سکر جي سياحت جو مرڪز آھي. مير صاحب پنهنجي وقت جو مؤرخ ۽ محقق به هو، سندس ”تاريخ معصومي“ جا هن پنهنجي فرزند مير بزرگ جي تعليم لاءِ لکي آهي، سنڌ جي وچين زماني جي تاريخ اڪبري دور تائين آهي. مؤرخن ۽ محققن لاءِ ماخذ آهي. انگريزي راڄ جي شروعات 19 صديءَ ۾ منشي نيوندرام سيوهاڻيءَ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، بعد شمس العلماء مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽه صاحب، جڏهن انڌيري ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر هو، تاريخ معصومي کي اهتمام سان قلمبند ڪري پارسي نسخو تيار ڪيو، جنهن کي ”ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا“ 1938ع ۾ مطبع قيمه مان شايع ڪرايو، تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو.[1]. مير محمد معصوم صاحب پنهنجي وقت جو حڪيم به ٿي گذريو آهي. طب ۾ سندس ڪتاب ”طبِ نامي“ آهي، جنهن جو نسخو سندس پوين مان سيد منور علي شاهه صاحب سکر پراڻي وٽ موجود آهي ۽ ”مفردات – نامي“ جا چند اجزا شيخ عبدالرحيم روهڙائي وٽ آهن.[1].

وفات

[سنواريو]

هن سن 1014ھ [4][11](1605ع) ۾ وفات ڪئي. اڪبر بادشاهه به انهيءَ سال ۾ وفات ڪئي. اهو سال ايجد جي حساب سان هن فارسي مصوع مان ٿو نڪري بود ”نامي“ صاحب ملڪ سخن ۽ اڪبر بادشاهه جي تاريخ هن جملي سان ٿي نڪري فوت اڪبر شه مير معصوم شاهه جي پٽ جو نالو مير بزرگ هو. انهيءَ جو اولاد گھڻو ٿيو ۽ اڃا آهي، جو بکر ۽ سکر ۾ رهندر اچي. سندس ملڪي ڪم سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندا، هتي ڏوپئي نٿا سگھجن.[12]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 ڪتاب جو نالو؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي؛ ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ.
  2. Mehta, Jaswant Lal (1986). Advanced Study in the History of Medieval India, Volume 2. Sterling Publishers. pp. 258. ISBN 9788120710153. https://books.google.com/books?id=-TsMl0vSc0gC&pg=PA258&. 
  3. Marri, Mir Khuda Bakhsh (1964). The Balochis through centuries; history versus legend.. Quetta. p. 35. https://books.google.com/books?id=e_kbAAAAMAAJ&. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 ڪتاب جو نالو:مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ.
  5. {سيد ظفرياب حسين حسيني الترمذي:تاريخ انوارالسادات المعروف گلستانِ فاطمه (اردو)، قصبه بکر، ضلع ميانوالي، ص:597}
  6. پير علي محمد شاهه جو مضمون ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمه“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن جون 1936ع ڪراچي.
  7. { سيد سوائل شاھ رضوي: ”بياض پروانه جات و سندهاي سادات“(قلمي فارسي)، ص 27}
  8. {سيد حسام الدين راشدي: ”امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 365}
  9. {سيد حسام الدين راشدي: ”امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 365}
  10. {سيد مرتضيٰ ميرڪ: ”شجره سادات پوراني“ (قلمي فارسي)، ص 104، مملوڪه” موسوي لائبريري“ روهڙي سنڌ.}
  11. {سيد حسام الدين راشدي: ”امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 283}
  12. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو