رامائڻ
ڏيک
| رامائڻ | |
|---|---|
| معلومات | |
| مذھب | ھندوازم |
| ليکڪ | والميڪي |
| ٻولي | سنسڪرت |
| بيت | 24,000 |

رامائڻ(انگريزي: Ramaina) هندو ڌرم جو هڪ مقدس تاريخي ڪتاب آهي[1]. عالم هن تصنيف جو صحيح زمانو مقرر ڪري نه سگهيا آهن. هي ڪتاب مغربي بنگال ۽ بهار جي مذهبي روايتن جو آئينه دار آهي[1]. رامائڻ ۾ ڪل 48000 شعر آهن جن ۾ شري رام جي انهن جنگين جو ذڪر آهي، جيڪي سريلنڪا جي بادشاه راوڻ سان پنهنجي ونيءَ سيتا کي ڇڏائڻ لاءِ وڙهيون هيون[1]. هندو ڌرم جي ڪتاب مھاڀارت جو سنڌي ۾ ترجمو ڏھين صديءَ ۾ ۽ رامائڻ جو سنڌيءَ ترجمو سومرن جي راڄ دؤران يارھين صديءَ ۾ ٿيو هو[1]. خيال آهي ته هي ترجمو ديوناگري رسم الخط ۾ ڪيو ويو هوندو[1].