مظفر ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مظفر ڀٽو
Muzafar Bhutto

سيڪريٽري جنرل جيئي سنڌ متحدا محاذ
پيدائش 23 آگسٽ 1970
سيوهڻ، ڄامشورو، سنڌ
گمشدگي فيبروري 24, 2011 (عمر 40 سال)
سعيد آباد، مٽياري، سنڌ
گمشدگي بابت ڄاڻ لاش مليو
وفات 22 مئي 2012 (عمر 41 سال)
وفات جو ڪارڻ تشدد، گولي هڻي قتل ڪيو ويو
لاش مليو هٽڙي، حيدرآباد، سنڌ
مدفن سَنُ، سنڌ[1]
ٻيا نالا مجنون سنڌي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
پيشو قومپرست اڳواڻ
شھرت جو ڪارڻ جسمم اڳوڻ
سياسي تحريڪ سنڌوديش
جيون ساٿي صائمه ڀٽو (ش. 23 آگسٽ 1999)
ٻار ٻچا حنا ڀٽو،
آڪاش ڀٽو،
دريا خان ڀٽو[2]
حاشيو
مظفر ڀٽو کي 2 دفعا گم ڪيو ويو، هڪ 2005ع ۾ ۽ بي دفعا 2011ع ۾.

مظفر ڀٽو (آگسٽ 23، 1970 کان مئي 22، 2012) قوم پرست اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ متحدا محاذ جو جنرل سيڪريٽري هو. مظفر ڀٽو قومي تحريڪ ۾ اثر رکندڙ ۽ جسمم جي بنياد وجهڻ وارن اڳواڻن مان هڪ هو. هن جو گوليون لڳل لاش هٽڙي باءِ پاس حيدرآباد وٽان مليو. هن کي فيبروري 24، 2011ع تي کنڀي گم ڪيو ويو هو.

تعليم ۽ زندگي[سنواريو]

مظفر ڀٽو (انگريزي ٻولي: Muzafar Bhutto) سيوهڻ، ڄامشورو، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سيوهڻ جي پرائمري ۽ سيڪينڊري اسڪول مان حاصل ڪئي. هن رياضي ۾ بچلر جي سند سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هن اليڪٽريڪ انجنئرنگ ۾ ڊي اي ئي جي سند پڻ حاصل ڪئي.

سياست[سنواريو]

مظفر ڀٽو 1987ع ۾ قوم پرستي جي علامت جي ايم سيد کان متاثر ٿي قومي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1990ع ۾ هي جساف دادو جو صدر مقرر ٿيو. 1992ع تي هن جيئي سنڌ محاذ ۾ تعلقه آرگنائيز طور شموليت ڪئي. 1993ع تي جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت ڪئي. 1994ع تي جيئي سنڌ انقلابي تنظيم جو خزانچي مقرر ٿيو. 1996ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شموليت ڪيائين ۽ ضلعي دادو جي پورهيت محاذ جو صدر چونديو ويو. 

جيئي سنڌ متحدا محاذ [سنواريو]

جسمم جو بنياد 26 نومبر 2002ع تي پيو. اهڙو فيصلو جيئي سنڌ ورڪز ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو، جيڪا شفيع محمد برفت، سميع الله ڪلهوڙ، مظفر ڀٽو ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن سڏائي هئي. اجلاس ۾ مقررن الزام هنيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ (جسمم) طرفان آزادي لاءِ ورتل ڪوششون سنجدگي تي مبني ناهن. ۽ ڪانفرس ۾ اهو ٺهرا پاس ڪيو ويو ته جسم مجو جهنڊو، نظريو، نعرا ۽ قومي ترانو ساڳيا ئي جيئي سنڌ هلچل وارا هوندا. ڪانفرنس ۾ پارٽي جي آئين جي تشڪل لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي، جڏهن شفيع محمد برفت جي اڳواڻي ۾ ست رڪي باڊي پڻ مقرر ڪئي وئي. [3]

قتل[سنواريو]

مظفر ڀٽو کي نيو سيعدآباد ٽول پلازه وٽان اڻڄاتل هٿياربند کنڀي ويا. جڏهن هن کي کنڀيو پي ويو ته هن پاڻ کي بچائڻ لاءِ ماڻهن کي چيو ته ”مونکي بچايو هي مونکي ماري ڇڏيندا”. مظفر جي گمشدگي خلاف سندس پارٽي جسمم  پاران احتجاج ڪيو ويو. مظفر ڪجهه عرصو گم رهيو پوءِ هن جو لاش حيدرآباد وٽان مليو. ٻڌايو پيو وڃي ته مظفر ڀٽو جي قتل پويان انٽر سروس انٽيليجنس جو هٿ آهي.

مظفر ڀٽو جي قتل جي مذمت[سنواريو]

متحدا قومي موومنٽ مظفر ڀٽو جي بيرحماڻي قتل جي مذمت ڪئي. ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هومين رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان به مظفر جي قتل جي مذمت ڪئي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس مظفر ڀٽو سيمت سنڌين جي قتل خلاف عالمي تحقيقات ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

حوالا[سنواريو]

  1. "JSMM’s Muzaffar Bhutto found dead after going missing for over a year". The Express Tribune. حاصل ڪيل January 7, 2017. 
  2. "Martyrs of Sindhudesh / Muzafar Bhutto, General Secretary of JSMM". JSMM official website. حاصل ڪيل December 18, 2016.