صبغت اللہ شاھ اول
ڏيک
(صبغت اللہ شاهه راشدي اول کان چوريل)
صبغت اللہ شاھ اول | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ترميم |
صبغت اللہ شاھ راشدي (سيد صبغت اللہ شاهه راشدي اول ( سنڌي) هيو۔ هو سيد محمد راشد شاهه جو سڀ کان وڏو پٽ هيو۔جڏنهن ته ننڍو ۽ اٺون پير پاڳارو جو نالو پڻ سيدصبغت اللہ شاهه راشدي هيو۔
علمي شغف
[سنواريو]صبغت اللہ شاهه راشدي اول پنهنجي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والدِ محترم سيد محمد راشد شاهه کان ئي حاصل ڪئي۔ پاڻ تمام وڏو علمي ڪتب خاني جو پڻ مالڪ هيو، جنهن ۾ نادر ۽ ناياب ڪتاب جمع ڪيا هيائين۔ سيد احمد شهيد جي ڏوهٽي سيد حميد الدين ان جي ڪتب خاني جي باري ۾ فرمايو ته
” | سندن ڪتب خانو وڏي عجيب و غريب هيو سلاطين وامراء جي ويجهو پڻ اهڙو ڪتب خانو نه هوندو پندرنهن هزار جلد ڪتب معتبره ان ۾ موجود هيا۔ سو ديوان فارسي جي ايراني خط ۾ مطلا، پنجهٺ جلدون معتبر تفسيرون جي ،شاهنامه فردوسي جي پنچ نسخن جن منجان ٽي مصور ومطلا هيا۔ حديث جي تمام معتبر ڪتابن بشمول شروح ، جامع الاصول تيسر الوصول ،احياء العلوم ۽ فتوحات مڪيه جا ٽي ٽي نسخا ۽ سڀ جلدون شاهانا هيون۔[1] | “ |
وفات
[سنواريو]سيد صبغت اللہ شاهه جي وفات 1246ھ ۾ ٿي۔
حوالا
[سنواريو]- ↑ تاريخ دعوت وعزيمت ۔ سيد ابو الحسن علي ندوي ، ص : 476 حصو ششم