سجاد شر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سجاد شر
سجاد شر
تاريخ پيدائش: پهرين مارچ، 1986
جاء پيدائش: رسول پور خيرپور
درسگاهه: وفاقي اردو يونيورسٽي


سجاد شر (انگريزي ٻولي: Sajaad Shar) پهرين مارچ 1986ع تي ڄائو.[1] هي پابندي مڙهيل تنظيم جسمم جو سيڪريٽري جنرل آهي جيڪا تنظيم پاڪستان کان سنڌ جي آزادي چاهي ٿي. هي جسمم جي شاگرد جماعت جساف (جسمم) جو پهريو صدر ۽ جساف (جسمم) جو ننڍي ڄمار وارو صدر پڻ رهيو. هي رياست کي ڪيترن ئي بغاوت جي ڪيسن ۾ گهربل پڻ آهي.

ابتدائي تعليم ۽ زندگي[سنواريو]

سجاد شر پهرين مارچ 1986ع تي خيرپور ضلعي جي ڳوٺ رسول پور ۾ پيدا ٿيو.

شاگرد اڳواڻ[سنواريو]

سجاد شر جساف (جسقم) جو ننڍي عمر وارو صدر رهيو آهي. ھن سنڌي شاگردن جي ڪيترن ئي مسئلن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ لاهور ۾ منعقد ڪيل آل پاڪستان اسٽوڊنٽس ليڊر ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي پڻ ڪئي.

جسمم [سنواريو]

سجاد شر 10 فيبروري 2010ع تي جسمم ۾ شامل ٿيو. هنئير هي جسمم جي جنرل سيڪريٽري طور ڪم ڪري پيو. هي رياست کي بغاوت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوٽ آهي. هي جسمم جي شاگرد جماعت جسمم جو پهريو صدر پڻ رهيو.

ليکڪ[سنواريو]

سجاد شر سنڌي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم پڻ لکيا جيڪي ڪاوش ۽ عوامي آواز ۾ ڇپيا. هي جسمم جي ترجمان رسالي کاهوڙي لاءِ پڻ لکندو رهي ٿو.

مختلف وقتن تي هي سنڌ جي ڪيترن ئي دانشورن سان مليو. هن مخلتف بار ڪائونسلن ۾ سنڌوديش جي حوالي سان تقريرون ڪيون. هن بلوچ اڳواڻ نواب خير بخش خان مري سان پڻ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون. تازو سجاد شر جو ڳوٺ پوليس، رينجرس ۽ سادن ڪپڙيل ۾ ملبوس اهلڪارن جي گھيري هيٺ آيو. ڇاپي دوران سجاد جي غيرموجودگي ۾ سندس ٻن چاچن کي کنڀي گم ڪيو ويو.

لاڳاپيل مضمون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Indus Tribune – Sajjad Shar". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-10-15.