سنڌي عورت تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي عورت تنظيم عورتن جي نمائندگي ڪندڙ هڪ ناري سڀا (عورتن جي تنظيم) آهي.[1] هن جو بنياد 8 ۽ 9 اپريل، 1982 تي ٻن ڏينهن واري آل سنڌ وومن ڪانفرنس يا سنڌي عورتن جي پهرين ڪانفرنس کانپوءِ رکيو ويو.[1] ۽ تنظيم جي هڪ شاخ حيدرآباد به کولي وئي.[1] هن تنظيم جي پهرين ڪنوينر آپا شمس عباسيءَ[1] ۽ جڏهن ته سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ذميواريون پروفيسر فهميده حسين کي ڏنيون ويون.[2][1] هن ناري سڀا جي انتظامي ڪامِيٽي ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو، انيتا غلام علي، ليڊي هدايت الله، مـونـا هـدايــت الله، زريـنه بلـوچ، رشـيـده اخـلاق، عـزيـزه سومرو ۽ ٻيون ناريون شامل هيون.[1]

هن ناري سڀا جو مقصد غريب نياڻين جي وهانوَن ڪرائڻ، ڏاج ڏيڻ ۽ ٻيا سماجي ڀلائي جا ڪم شامل آهن.[1] تنظيم جي ٺهڻ کان ٻه سال پوءِ هن تنظيم جي باقاعدي چونڊيو ڪرايون ويون،[1] جنهن ۾ مونا هدايت الله ۽ رشيده اخلاق کي چونڊيو ويو.[1]

هينئر هيءَ تنظيم عوامي جمهوري پارٽي جي ذيلي تنظيم آهي،[3][4] ۽ ان جي هينئر اڳواڻن ۾ آپا نظير قريشِي مرڪزي صدر آهي[5][6][7] ۽ هن سڀا ۾ ٻيون عورتون پڻ شامل آهن.

هن تنظيم جون 2019_20 لاءِ چونڊن ۾ نظير قريشي کي صدر، مريم انڙ کي ينيئر نائب صدر، سعيده گوپانگ کي نائب صدر، نجمه مهيشوري کي جنرل سيڪريٽري، شهزادي ڀرڳڙي کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، تهذيب عيساڻي کي جوائنٽ سيڪريٽري، مهتاب شورو کي خزانچي، زاهده ڏاهري کي رابطا سيڪريٽري، حميرا آريسر کي پريس سيڪريٽري، نور جهان بلوچ کي آفيس سيڪريٽري ۽ سنڌو مهيشوري کي ثقافتي سيڪريٽري جي عهدن لاءِ چونڊيو ويو.[6]

سنڌي عورت تنظيم، سنڌياڻي تحريڪ 2020 ۾ عورت مارچ تحت مختلف شهرن ۾ مارچ ڪيا.

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]