شفيع محمد برفت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شفيع محمد برفت
شفيع برفت
تاريخ پيدائش: نومبر 26، 1965
جاء پيدائش: ٽهڻي، ڄامشورو
ٻار: چار: راهول لطيف، شهمير خان، بالاچ خان ۽ جيسينا
گھرواري: ياسمين برفت

شفيع محمد برفت (Shafi Muhammad Burfut) پيدائش 25 نومبر 1965ع کيس شفيع برفت جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ جيئي سنڌ متحدا محاذ جو چيئرمين آهي، جيڪا تنظيم پاڪستان کان سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. برفت گذريل 24 سالن کان روپوش هو. ميڊيا جي مطابق برفت افغانستان جي شهر ڪابل ۾ پهنجي بيس ٺاهيو آهي ۽ اتان پنهنجي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.[حوالو گهربل] پر ڪجهه تصويرن ۽ جنگ اخبار جي ڪالم مطابق شفيع برفت کي جنيوا ۾ انساني حقن جي اداري جي ڪانفرنس ۾ ڏٺو ويو. پهرين اپريل 2013ع تي پاڪستان جي گھرو وزارت سندس تنظيم جسمم (J.S.M.M) کي دهشتگرد تنظيم ڄاڻائي مٿس پابندي مڙهي. جڏهن تہ سنڌ جي ڏوهن جي جاچ ڪندڙ اداري پاران سندس نالو ريڊ بڪ ۾ شآمل ڪيو ويو آهي.

تاريخ[سنواريو]

شفيع برفت جنيوا ۾ ڪانفرنس دوران ويٺل آهي

جيئي سنڌ متحدا محاذ جو قيام[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو جيئي سنڌ متحدا محاذ

جيئي سنڌ متحدا محاذ جو قيام 26 نومبر 2000ع ۾ سن شهر ۾ ٿيو. اهو فيصلو جيئي سنڌ جي ڪارڪنن جي ڪانفرنس دوران ڪيو ويو. اها ڪانفرنس شفيع برفت، سميع الله ڪلهوڙو ۽ مظفر ڀٽو ڪوٺائي. گڏجاڻي دوران نئين تنظيم جي آئين جوڙڻ لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي. جڏهن تہ شفيع برفت جي سربراهي هيٺ ستن ڄڻن جي مرڪزي باڊي پڻ جوڙي وئي.

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]