اياز لطيف پليجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اياز لطيف پليجو
 

معلومات شخصيت
ڄم 15 نومبر 1968 (56 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
حيدرآباد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت قومي عوامي تحريڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
ماءُ زرينه بلوچ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو mother (P25) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي
سنڌ يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو صحافي،سياستدان،ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي،سنڌي،اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

اياز لطيف پليجو پاڪستان سنڌ جو هڪ محقق،اديب،ليکڪ،قانون دان،سياستدان آهي.اياز لطيف پليجو 15 نومبر 1968 تي رسول بخش پليجو جي گهر ۾ جنم ورتو سندس ماءَ جيجي زرينه بلوچ هئي جيڪا ان وقت جي هڪ مشهور سنڌي گلوڪار هئي.اياز لطيف پليجو قومي عوامي تحريڪ جو صدر آهي.[1]

تعارف ء سياست ۾ قدم[سنواريو]

محترم اياز لطيف پليجو سنڌ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.سندس ماءِ جي زيرنگراني ۾ هو رواني سان سنڌي ٻولي،بلوچي ء اردو ڳالهائڻ لڳو ء پوءِ انگريزي ٻولي،سرائيڪي ء فارسي ٻولي ڳالهئڻ لڳو[2]، پاڻ ناميارو قانوندان، انساني حقن جو جاکوڙي، عوامي سياستدان، مظلوم طبقي جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، سورنهن سالن جي عمر ۾ ننڍو سياسي قيدي، واحد خاندان جنهن جا سڀ فرد ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ سنڌ جي حقن خاطر هڪ ئي وقت جيل ياترا تي ويا هجن، جو حصو آهي ۽ڪيترين تڪليفن باوجود هي پنهنجي عوامي نمائندگي ۽ عوامي حقن جي سربلندي لاءِ جدوجهد جا ڪيئي طريقا آهن انهن ۾ هڪ اياز لطيف پليجو به آهي.[3]

مهاجر صوبو ء اياز لطيف پليجي جو ڪردار[سنواريو]

2014ع ۾ سنڌ جي سياست جو سڀني کان گرم اشو مهاجر صوبو جو رهيو، جيڪو اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده پارٽي ايم ڪيو ايم پاران سال جي پهرين مهيني کان وٺي آخري مهيني تائين هلندو رهيو. الطاف حسين سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهايئندڙن کي هر شعبي ۾ سنڌين جي برابر حصو ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.23 سيپٽمبر 2004 تي ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران اي پي سي منعقد ڪئي وئي حقيقت ۾ سنڌ جي پارلياماني، مذهبي، قومپرستن، سماجي ۽ علمي ادبي ڌرين ايم ڪيوا يم پاران سنڌ جي ورهاڱي يا انتطامي يونٽن ٺاهڻ کي رد ڪري ڇڏيو.[4]

ين ٽهيءَ جو نوجوان نثر نگار، شاعر ۽ عوامي تحريڪ جي سرواڻ رسول بخش پليجي جو پُٽ، -اياز لطيف پليجو- 15 نومبر 1965ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو هو. بي. اي، ايل. ايل. بي، ايم. -ايس-. سيءَ، انوائرونمينٽ ۽ ڊولپمينٽ ۾ گريجوئيشن پڻ ڪيل اٿس. هي نوجوان حوصلي مند وڪيل آهي. ماحوليات ۽ انساني حقن جي شعبي ۾ جاکوڙيندو رهي ٿو. -اياز لطيف پليجو-، نئين ٽهيءَ جي نثرنگارن ۽ شاعرن ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، گڏوگڏ هيءُ سٺو ڪالم نگار ۽ تجزيي ڪار پڻ آهي. سندس شاعري ۽ ليک، سنڌ جي اڪثر رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مختلف موضوعن تي سندس 5 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا: (1) ”ٽي مسافر، ٽي شهر“ (سفر نامو)، (2) ”سارون، سپنا، -آزادي-“، (3) ”دنيا پنهنجي، ديس پرايا“ (سفرنامو) ۽ (4) ”-باک- جي ساک“ (سفرنامو) (5) ”قانون سڀني لاءِ“ (قانوني ڄاڻ) (6) قانون ۽ انصاف. هيستائين دنيا جي پنجن کنڊن جي اهم يونيورسٽين ۾ انساني حقن، اقليتن، عورتن ۽ سنڌ جي پاڻيءَ واري ڪيس بابت ڪيترا پيپر پيش ڪري چڪو آهي. لاڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهائيندو به آهي. هي نوجوان سنڌ ۾ انساني حقن جي جدوجهد ۾ پنهنجن همعصرن ۽ همعصر وڪيلن کان وڌيڪ وقت ڏيندڙ ۽ تجربيڪار وڪيل آهي. -ان- ڏس ۾ حيدرآباد جي شهرين کي زهريلي پاڻيءَ جي فراهمي، ناجائز روڊ -ٽيڪس-، صغير قيدين، پسند جي شادين، معذورن جي اسڪول ۽ اقليتن جي اغوائن خلاف ڪيترائي ڪيس کٽي چڪو آهي. موسيقي، سياحت، شاعري، سياست ۽ تيراڪي هن جا پسنديده مشغلا آهن.[5]

حوالا[سنواريو]