سنڌو ديش لبريشن آرمي
| سنڌوديش لبريشن آرمي | |
|---|---|
| Sindhudesh Liberation Army | |
ايس ايل اي پاران استعمال ٿيندڙ جهنڊو | |
| عرفيت | ايس.ايل.اي / ايس ڊي ايل اي |
| اڳواڻ | شفيع محمد برفت ڪمانڊر دريا خان |
| ڪم جون تاريخون | 2010-15 |
| مقصد | سنڌوديش جي آزادي |
| سرگرمي وارا خطا | سنڌي |
| نظريو | سنڌي قومپرستي |
| مُک ڪاروائي | بم حملا |
| هاڻوڪي حالت | سرگرم، پابندي پيل تنظيم |
سنڌوديش لبريشن آرمي، (انگريزي:Sindhudesh Liberation Army) جيڪا سنڌ لبريشن آرمي يا ايس. ايل. اي نالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي، اها بلوچستان لبريشن آرمي جي طرز جي هڪ ويڙهاڪ تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان کان سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.[1] سنڌوديش لبريشن آرمي جو نالو پهريون دفعو 2010ع ۾ سامهون آيو، جڏهن هن تنظيم حيدرآباد لڳ ريلوي پٽڙين تي ٿيندڙ ڌماڪن جي زميواري قبول ڪئي.[2] هن تنظيم جي اڳواڻي، چيف ڪمانڊر دريا خان ڪري رهيو آهي،[3] پاڪستان جي ميڊيا مطابق هن تنظيم کي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو چيئرمن شفيع محمد برفت ڪابل مان هلائي رهيو آهي.[4]
دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل
[سنواريو]مختلف وقتن تي پاڪستان جي ميدِيا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران چيو ويو آهي ته سنڌوديش لبريشن آرمي هڪ دهشتگرد تنظيم آهن.[5] پاڪستان مسلسل الزام لڳائي رهيو آهي ته هن تنظيم کي انڊيا جي مدد حاصل آهي.[6] پر هڪ چوپڙي ۾ ڪمانڊر دريا خان پاڻ کي ڌرتي جو پٽ ڪوٺيو آهي.[7]
سنڌي قومپرستي ۾اُڀار
[سنواريو]گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ اندر ننڍي ساخت جي بم ڌماڪن ۾ واڌ آئي آهي. 2012ع کان پوءِ سنڌ ۾ هن تنظيم پاڪستان جي قومي بينڪ جي برانچن تي ڌماڪا يا آهن.[8] سنڌوديش لبريشن آرمي هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ وقت ۾ لڳاتار ڌماڪا ڪرڻ جي لاءِ پڻ سڃاتي وڃي ٿي.[9][10][11]
- گلشن حديد ڪراچي ۾ چيني شهرين کي کڻي ويندڙ گاڏي تي بم سان حملو ڪيو ويو. گاڏي هلائيندڙ ۽ چيني شهري سخت زخمي ٿي پيا. حملي کان هڪ مهينو اڳ پاڪستان جي ڳجهن ادارن سنڌ جي گهرو کاتي کي لکيو هو ته سنڌوديش لبريشن آرمي چائينا پاڪستان اقتصادي راهداري واري منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي نشانو بڻائي سگھي ٿي.[12]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڏسو سنڌوديش صفحو
- ↑ "Sindhi separatists try to blow up Hyderabad railway track". tribune.com.pk. July 14, 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Houses of six PPP leaders targeted in 'bomb attacks'". Dawn Newspaper. 10 October 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Fugitive Sindhudesh chief operating from Kabul". The News. October 17, 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Who is behind the attacks on PPP leaders?". The News. October 12, 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "RAW-backed 'Sindhu Desh Liberation Army' claims responsibility for fatal bus shooting". Terminal X. May 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Check date values in:|accessdate=(مدد) - ↑ "We warn the cronies of imperialist Punjab that the time for your conspiracies and embarrassing politics is over – Darya Khan". SLA Sindh. October 10, 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Bombs target ATMs, bank branches across Sindh". Tribune. May 2, 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Series of blasts hit targets in Sindh". Gulf News. May 3, 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "18 blasts hit railway tracks in Sindh". Samma TV. February 25, 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "14 bombs damage rail tracks". The Nation. February 26, 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Warnings were out about SDLA plan to attack Chinese nationals". Central Asia Online. November 14, 2016 تي حاصل ڪيل.