مواد ڏانھن هلو

سنڌو ديش لبريشن آرمي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌوديش لبريشن آرمي
Sindhudesh Liberation Army
عرفيت ايس.ايل.اي / ايس ڊي ايل اي
اڳواڻ شفيع محمد برفت
ڪمانڊر دريا خان
ڪم جون تاريخون 2010-15
مقصد سنڌوديش جي آزادي
سرگرمي وارا خطا سنڌي
نظريو سنڌي قومپرستي
مُک ڪاروائي بم حملا
هاڻوڪي حالت سرگرم، پابندي پيل تنظيم

سنڌوديش لبريشن آرمي، (انگريزي:Sindhudesh Liberation Army) جيڪا سنڌ لبريشن آرمي يا ايس. ايل. اي نالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي، اها بلوچستان لبريشن آرمي جي طرز جي هڪ ويڙهاڪ تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان کان سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.[1] سنڌوديش لبريشن آرمي جو نالو پهريون دفعو 2010ع ۾ سامهون آيو، جڏهن هن تنظيم حيدرآباد لڳ ريلوي پٽڙين تي ٿيندڙ ڌماڪن جي زميواري قبول ڪئي.[2] هن تنظيم جي اڳواڻي، چيف ڪمانڊر دريا خان ڪري رهيو آهي،[3] پاڪستان جي ميڊيا مطابق هن تنظيم کي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو چيئرمن شفيع محمد برفت ڪابل مان هلائي رهيو آهي.[4]

دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل

[سنواريو]

مختلف وقتن تي پاڪستان جي ميدِيا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران چيو ويو آهي ته سنڌوديش لبريشن آرمي هڪ دهشتگرد تنظيم آهن.[5] پاڪستان مسلسل الزام لڳائي رهيو آهي ته هن تنظيم کي انڊيا جي مدد حاصل آهي.[6] پر هڪ چوپڙي ۾ ڪمانڊر دريا خان پاڻ کي ڌرتي جو پٽ ڪوٺيو آهي.[7]


سنڌي قومپرستي ۾اُڀار

[سنواريو]

گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ اندر ننڍي ساخت جي بم ڌماڪن ۾ واڌ آئي آهي. 2012ع کان پوءِ سنڌ ۾ هن تنظيم پاڪستان جي قومي بينڪ جي برانچن تي ڌماڪا يا آهن.[8] سنڌوديش لبريشن آرمي هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ وقت ۾ لڳاتار ڌماڪا ڪرڻ جي لاءِ پڻ سڃاتي وڃي ٿي.[9][10][11]


وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڏسو سنڌوديش صفحو
  2. "Sindhi separatists try to blow up Hyderabad railway track", tribune.com.pk, حاصل ڪيل 14 جولاءِ 2010۔ 
  3. "Houses of six PPP leaders targeted in ‘bomb attacks’", Dawn Newspaper, حاصل ڪيل 10 October 2012۔ 
  4. "Fugitive Sindhudesh chief operating from Kabul", The News, حاصل ڪيل 17 آڪٽوبر 2012۔ 
  5. "Who is behind the attacks on PPP leaders?", The News, حاصل ڪيل 12 آڪٽوبر 2012۔ 
  6. "RAW-backed 'Sindhu Desh Liberation Army' claims responsibility for fatal bus shooting", Terminal X, حاصل ڪيل May 2012۔ 
  7. "We warn the cronies of imperialist Punjab that the time for your conspiracies and embarrassing politics is over – Darya Khan", SLA Sindh, حاصل ڪيل 10 آڪٽوبر 2012۔ 
  8. "Bombs target ATMs, bank branches across Sindh", Tribune, حاصل ڪيل 2 مئي 2012۔ 
  9. "Series of blasts hit targets in Sindh", Gulf News, حاصل ڪيل 3 مئي 2012۔ 
  10. "18 blasts hit railway tracks in Sindh", Samma TV, حاصل ڪيل 25 فيبروري 2012۔ 
  11. "14 bombs damage rail tracks", The Nation, حاصل ڪيل 26 فيبروري 2012۔ 
  12. "Warnings were out about SDLA plan to attack Chinese nationals", Central Asia Online, حاصل ڪيل 14 نومبر 2016۔