مولانا عبيدالله سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عبيدالله
سنڌي ؛ امام انقلاب
Molana Sindhi.jpg
سياسي ڪارڪن
فلاسافر
ريجنٽ برٽش انڊيا
مڪمل نالو
مولانا عبيدالله سنڌي
خاندان اپال کتري
والد رامسنگھ پٽ چسپت راء پٽ گلاب راء
پيدائش 10 مارچ 1872
12محرم1289
چيانوالي،سيالڪوٽ
وفات 21 آگسٽ 1944
ڳوٺ دين پور نزد خانپور، رحيم يار خان
تدفين 22 آگسٽ
مذھب پھرين سک ازم پوء اسلام

خاندان ۽ پيدائش[سنواريو]

امام -انقلاب-، مولانا عبيدالله سنڌي (1872-1944ع ) 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو[1] مولانا عبيدالله جن، 1857 واري بلوي کان ٿورو عرصو پوءِ، 12 تاريخ محرم الحرام سن 1289 هه مطابق 10 مارچ سن 1857ع ۾ خميس ڏينهن صبح جو ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانواڻيءَ ۾، هڪ سک خاندان جي گهر ۾ پيدا ٿيا. مولانا جي پيءُ جو نالو رامسنگ، ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو، پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. مولانا جو والد، مولانا جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو؛ ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو؛ نيٺ مولانا جي والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪي گهر اچي رهي.[2]

تعليم[سنواريو]

جڏهن پاڻ ڄام پور ضلعي ديري غازي ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو، تڏهن -اسلام- کان متاثر ٿي سنڌ پهتو، -جتي- حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي -بيعت- قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو سنڌ ۾ ابتدائي ديني -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1888ع ۾ ديوبند پهچي شيخ الهند مولانا محمود الحسن کان -تعليم- حاصل ڪيائين[1]مولانا جو مامو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هو، مولانا سن 1878ع ۾ ڄامپور جي هڪ اردو مڊل اسڪول ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪئي. سن 1884 ۾ اسڪول جي هڪ آريه سماجي شاگرد وٽ مولانا صاحب ”تحفةالهند“ ۽ شاهه اسماعيل شهيد جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ ڏٺو: مولانا جن ڪتابن ڏسڻ سان انهن جي مطالعي ۾ محو ٿي ويا ۽ کين اسلام جي صداقت تي يقين ٿي ويو. سن 1887ع ۾ جڏهين مولانا ستين درجي ۾ پڙهندا هئا، تڏهين مسلمان ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کان هميشہ لاءِ ڌار ٿي ويا، ۽ ”تحفةالهند“ جي مصنف جو نالو ”عبيدالله“ پاڻ تي رکيائون.[2]

خدمتون[سنواريو]

مولانا محمود الحسن جي هدايت تي دهليءَ ۾ مدرسة المعارف القرآنيه قائم ڪيائين.[1] سنڌ ۾ پهريائين جناب حضرت حافظ محمد صديق رح ڀرچونڊي وارن بزرگن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. حافظ صاحب جن پنهنجي دور ۾ مذهب جي لحاظ سان ڏاڍا مشهور معروف هئا. مولانا تي حافظ صاحب جن جي صحبت جو وڏو اثر ٿيو. مولانا صاحب جن 1910 ۾ پير جهنڊي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو کوليو، جنهن جا پاڻ ناظم ۽ نگران هئا ۽ پڻ بطور معلم پڙهائيندا رهيا. حضرت موصوف هڪ ڏينهن ڀريءَ مجلس ۾ مولانا متعلق فرمايو ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي- هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون“. مولانا جي دل تي انهن لفظن ڏاڍو اثر ڪيو، ۽ پاڻ به حضرت حافظ جن کي پنهنجو ديني پيءُ ڪري سمجهيائون. انهيءَ سبب ڪري، سنڌ کي مستقل طرح پنهنجو وطن سمجهيائون. مولانا جن قادري ۽ راشدي طريقن جي بيعت حضرت حافظ جن وٽ ڪئي. چئن پنجن مهينن کان پوءِ جڏهين مولانا جن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اتان روانا ٿيا، تڏهين حافظ صاحب جن دعا فرمائي ته ’خدا ڪري ته عبيدالله جو ڪنهن راسخ عالم سان لاڳاپو پيدا ٿئي!‘ چنانچه اها دعا قبول ٿي، ۽ الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان مولانا کي حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ پهچايو. شوال سن 1308هه ۾ مولانا جن حضرت ابوالحسن تاج محمود صاحب وٽ امروٽ ۾ ويا. ان وقت بزرگ امروٽيءَ خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. سن 1315 هه تائين مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ“ به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقہ جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاهه ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو. مولانا صاحب جن 1914ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائو۰ن[2]

جلاوطني[سنواريو]

پهرين عالمگير -جنگ- جي آغاز کان پوءِ شيخ الهند جي چوڻ تي 1915ع ۾ خفيه طور ڪابل روانو ٿيو، -جتي- 7 سالن تائين وطن جي -آزادي-، لاءِ جا بجا رابطا ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ -افغانستان- جي -امير- -الله- خان'>-امان -الله- خان- مرحوم، هند جي برطانوي حڪومت سان -جنگ- ڪئي، جنهن بعد -افغانستان- برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. 1922ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته هن جي روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات ٿي. مولانا صاحب -ترڪي- دوران 1924ع ۾ اردوءَ ۾ ۽ 1926ع ۾ انگريزيءَ ۾ پنهنجي شهره ۽ آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ -انگريزي- سياست جو رخ بدلائي ڇڏيو، جو -ان- ۾ پهريون ڀيرو گهر ڪئي وئي هئي ته برعظيم کي قومي رياستن جي بنياد تي ورهايو وڃي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ وطن، زبان، -تاريخ-، -تهذيب- قومي روايتن ۽ سياسي اقتصادي مفادن جي بنيادن تي قوم جو تصور ڏنو. 1927ع ۾ پاڻ مڪي مڪرم پهتو، -جتي- 12 سال رهي، شاهه ولي -الله- دهلويءَ جي فلسفي جو گهِرو مطالعو ڪري، تعليمات ڏيندو رهيو. حضرت شيخ الهند، محمود الحسن جڏهن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي -افغانستان- روانو ڪري پاڻ هجرت ڪري حجاز ۾ وڃي ويٺو هو، تڏهن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کيس پنهنجي ڪار گذاري ۽ ڪابل جي حالتن کان واقف ڪرڻ لاءِ 6 -جولاءِ- 1916ع تي هڪ مخفي پر تفصيلي خط ڦڪي رنگ جي ريشمي رومال تي لکي، هڪ ملتاني مهاجر شيخ عبدالحق کي ڏنو ته هو حيدرآباد سنڌ جي نامياري نو مسلم، شيخ عبدالرحيم کي وڃي پهچائي. جنهن ۾ شيخ عبدالرحيم کي حڪم موڪليو ويو ته هو اهو رومالي خط پاڻ کڻي مڪي شريف ۾ مولانا محمود الحسن جي خدمت ۾ پيش ڪري. (ياد رهي ته شيخ عبدالرحيم حيدرآباد جي معزز خاندان جي فرد -آچاريه- جيوت ڪرپلاڻيءَ جو وڏو -ڀاءُ- هو، جيڪو -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جو صدر بڻيو ۽ سندس صدارت واري زماني ۾ هندستان آزاد ٿيو). شيخ عبدالحق ملتاني حيدرآباد ويندي رستي ۾ پنهنجي ڳوٺ ملتان رهي پيو ۽ امانت ۾ خيانت ڪندي اهو رومالي خط ربنواز نالي هڪ موقعي پرست شخص کي ڏئي ڇڏيائين، جنهن هڪدم اهو قيمتي تحفو -انگريز- حڪومت کي پهچائي پنهنجي لاءِ -انعام- طور زمين ۽ عبدالحق لاءِ پوليس ۾ نوڪري حاصل ڪئي. انگريزن ۾ ٻڙڌول مچي ويو ۽ افغان حڪومت کي حڪم ڪيو ويو ته مولانا ۽ سندس ساٿين کي جيل ۾ وڌو وڃي. افغان حڪومت جي غير همدردانه ۽ -انگريز- دوست پاليسيءَ سبب مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي -امير- حبيب -الله- جي پوئين زماني ۾ حوالات ۾ رکيو ويو. سنڌ ۾ سرڪار پاران ريشمي رومال تحريڪ کي ريشمي خط واري سازش (Silken letter conspiracy) قرار ڏئي مولانا عبيدالله لغاري ۽ ٻين ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. خود حجاز ۾ شيخ الهند کي نظربند ڪيو ويو. ڪابل ۾ مولانا جي رهائش جا پويان ٻه سال ڏاڍا ڏکيا گذريا، سندن بعد ۾ -ترڪي-، روس ۽ سعودي عرب وارو سفر -ان- پس منظر ۾ گذريو.[1] سن 1333هه مطابق سن 1915ع ۾، حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم موجب، مولانا جن ڪابل ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ کين اتان جو ڪو به مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو هو. مولانا جن دهليءَ جي سياسي جماعت کي پڻ ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان ڪابل وڃڻ وارو آهيان. انهن مولانا کي هندستان جو نمائندو ڪري موڪليو. ڪابل پهچڻ شرط مولانا کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند رحه جنهن جماعت جو نمائندو هو، ان جي پنجاهه سالن جي محنت جو حاصل سندس اڳيان غير منظم شڪل ۾ حڪم مڃڻ لاءِ موجود ۽ تيار هو. انهيءَ راز معلوم ڪرڻ بعد، پنهنجي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند طرفان سندن انتخاب تي ويتر کين خوشي ٿي. مولانا صاحب جن ست سال ساندهه ڪابل جي حڪومت ۾ شريڪ ٿي هندستان جي سياسي جماعتن سان انقلابي ڪم ڪندا رهيا. سن 1916ع ۾ امير حبيب الله خان کين هندستان جي سياسي جماعتن سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امير حبيب الله جي چوڻ موجب، مولانا صاحب انڊين نيشنل ڪانگريس سان رابطو پيدا ڪيو. جيئن ته مولانا صاحب جن تي ڪابل اچڻ کان اڳ انگريزي حڪومت طرفان گرفتاريءَ جا حڪم جاري ٿيل هئا، تنهنڪري انگريزن ڪابل جي بادشاهه امير حبيب الله کان مولانا جي ٻانهن گهري، پر بادشاهه مولانا جن کي موٽائڻ کان انڪار ڪيو. مولانا صاحب ڪابل ۾ رهي انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ جو عملي تجويزون سٽيندو رهيو. امير امان الله جي هندستان تي حملي ۽ ان کان پوءِ صلح ٿيڻ بعد، مولانا جن ماسڪو ويا ۽ پنهنجي نوجوان رفيقن جي مدد سان اتي سوشلزم جو باقاعدي مطالعو ڪيائون. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون: انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاهه ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. سن 1924ع ۾ مولانا جن انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندهه ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪہ معظمہ پهتا، ۽ ساندهه ٻارهن سال مڪہ معظمہ ۾ رهيا؛ پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانہ ڪعبہ ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشہ واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمہ ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو.[2]

وطن واپسي ۽ سرگرميون[سنواريو]

12 سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي واپس ڪراچيءَ، سنڌ پهتو، -جتي- -ان- وقت جي وزيراعظم شهيد الهه بخش سومري سندس شاندار استقبال ڪيو. وطن واپسيءَ بعد، شاهه ولي -الله- جي فلسفي جي -تشريح- ۽ هدايت ڪندو رهيو. -ان- فلسفي جي تدريس لاءِ ’-بيت- الحڪمت‘ قائم ڪيائين، -بيت- الحڪمت لاهور 1940ع ۾ قائم ٿيو ۽ 15 مارچ 1944ع تي شاهه ولي -الله- جي فلسفي جي -اشاعت- لاءِ ’ولي -الله- سوسائٽي لاهور‘ جو بنياد وڌائين.[1]سن 1333هه مطابق سن 1915ع ۾، حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم موجب، مولانا جن ڪابل ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ کين اتان جو ڪو به مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو هو. مولانا جن دهليءَ جي سياسي جماعت کي پڻ ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان ڪابل وڃڻ وارو آهيان. انهن مولانا کي هندستان جو نمائندو ڪري موڪليو. ڪابل پهچڻ شرط مولانا کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند رحه جنهن جماعت جو نمائندو هو، ان جي پنجاهه سالن جي محنت جو حاصل سندس اڳيان غير منظم شڪل ۾ حڪم مڃڻ لاءِ موجود ۽ تيار هو. انهيءَ راز معلوم ڪرڻ بعد، پنهنجي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند طرفان سندن انتخاب تي ويتر کين خوشي ٿي. مولانا صاحب جن ست سال ساندهه ڪابل جي حڪومت ۾ شريڪ ٿي هندستان جي سياسي جماعتن سان انقلابي ڪم ڪندا رهيا. سن 1916ع ۾ امير حبيب الله خان کين هندستان جي سياسي جماعتن سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امير حبيب الله جي چوڻ موجب، مولانا صاحب انڊين نيشنل ڪانگريس سان رابطو پيدا ڪيو. جيئن ته مولانا صاحب جن تي ڪابل اچڻ کان اڳ انگريزي حڪومت طرفان گرفتاريءَ جا حڪم جاري ٿيل هئا، تنهنڪري انگريزن ڪابل جي بادشاهه امير حبيب الله کان مولانا جي ٻانهن گهري، پر بادشاهه مولانا جن کي موٽائڻ کان انڪار ڪيو. مولانا صاحب ڪابل ۾ رهي انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ جو عملي تجويزون سٽيندو رهيو. امير امان الله جي هندستان تي حملي ۽ ان کان پوءِ صلح ٿيڻ بعد، مولانا جن ماسڪو ويا ۽ پنهنجي نوجوان رفيقن جي مدد سان اتي سوشلزم جو باقاعدي مطالعو ڪيائون. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون: انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاهه ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. سن 1924ع ۾ مولانا جن انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندهه ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪہ معظمہ پهتا، ۽ ساندهه ٻارهن سال مڪہ معظمہ ۾ رهيا؛ پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانہ ڪعبہ ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشہ واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمہ ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو.[2]

وفات[سنواريو]

انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ دين پور تعلقي خانپور (رحيم يار خان)آيو ۽ اتي بيمار ٿي پيو ۽ 21 -آگسٽ- 1944ع تي وفات ڪيائين. کيس دين پور ۾ دفن ڪيو ويو. ڪن سوانح نگارن جي راءِ آهي ته -ان- زماني ۾ مولانا کي ڪن -انگريز- حمايتين ڳجهي نموني زهر ڏنو هو، جنهنڪري پاڻ بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين.[1] . آخرڪار، 22 آگست 1944ع ۾، شمع هدايت ۽ انقلاب جو امام اسان جي نظرن کان هميشہ لاءِ غائب ٿي ويو. مگر، سندن علمي توڙي عملي ڪارناما اسان جي آڏو موجود آهن، جن جي روشنيءَ ۾ اڄ به اسين ترقيءَ جون منزلون طي ڪري سگهون ٿا.[2]

ڪتاب[سنواريو]

مولانا جي تصفنيفات ۾ ”التمهيد في ائمة التجديد“، ”شاهه ولي -الله- ۽ -ان- جي سياسي تحريڪ“، ”شاهه ولي -الله- ۽ -ان- جو فلسفئه محموديه“،”خطبات“، ”-اردو- شرح حجة -الله- البالغه“ جلد -اول-، ”مبحث -اول- و دوئم“، ”سلسله -تفسير- قرآن“ وغيره. -ان- کان علاوه اڪثر مقالا امالي جي صورت ۾ قلم -بند- ڪرايائين، جيڪي ولي -الله- سوسائٽي -پاڪستان- لاهور وٽ محفوظ آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%85%D8%A7%D9%85%20%D8%A7%D9%86%D9%82%D9%84%D8%A7%D8%A8%20%20%D9%85%D9%88%D9%84%D8%A7%D9%86%D8%A7%20%D8%B9%D8%A8%D9%8A%D8%AF%D8%A7%D9%84%D9%84%D9%87%20%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 علي نواز وفائي-مولانا عبيدالله سنڌي رحه -- رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ