جيئي سنڌ قومي محاذ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم)
Jeay Sindh Qoumi Mahaz
باني عبدالواحد آريسر
بشير احمد قريشي
شفيع محمد برفت
رياض چانڊيو
گل محمد خان جکراڻي
بنياد جون, 1995 سن شهر ۾
صدر مقام سن, سنڌ
شاگردن واري شاخ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(جسقم)
نظريو سنڌي قومپرستي
رنگ      ڳاڙهو
نعرو سنڌوديش مقدر آ، جي ايم سيد رهبر آ

جيئي سنڌ قومي محاذ (انگريزي: Jeay Sindh Qoumi Mahaz مخفف: جسقم) سنڌ جي هڪ سياسي جماعت آهي، جيڪا پاڪستان کان سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. هي تنظيم جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ 1995ع ۾ جوڙي وئي.

جسقم جو قيام[سنواريو]

جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ الڳ الڳ ڪم ڪندڙ تنظيمن، جسقم جي نالي ۾ هڪ اتحاد جوڙيو. جي ايم سيد جي وفات ڌڙن ۾ ورهايل تحريڪ کي جسقم جي نالي ۾ گڏ ڪيو، ۽ عبدالواحد آريسر ان جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو. اهو اتحاد صرف 5 سال ئي هلي سگھو.[2]

جسقم ۾ بحران[سنواريو]

2000ع، اتحاد جي پنج سالن بعد شفيع برفت ۽ سندس ساٿين جسقم کان اڳ ٿي، جسمم ٺاهي.[3] عبدالواحد آريسر، بشير احمد قريشي تي الزام هنيو ته هو پاڻ مرادو پارٽي جو اڳواڻ ٿي ويٺو آهي، ۽ پارٽي جي ادارن جي فيصلن کي اهميت نٿو ڏي،[4] 2006ع ۾ آريسر جسقم ڇڏي جسقم (ا) جوڙي.[5] 2010ع ۾ جسقم جو جنرل سيڪريٽري صفدر سرڪي پڻ جسقم ڇڏي جيئي سنڌ تحريڪ جوڙي.[6]

آزادي مارچ[سنواريو]

23 مارچ 2012ع، قرارداد پاڪستان واري ڏينهن جسقم جي ڪارڪنن هڪ ريلي ڪڍي جنهن کي آزادي مارچ چيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن قرارداد پاڪستان خلاف نعرا هنيا. جسقم جي تڏهوڪي چيئرمين بشير احمد قريشي اتي سنڌ جي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي چيو ته اهي سنڌ جو حصو ٿين.[7]

اڳواڻ[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو بشير احمد قريشي

بشير احمد قريشي 1998ع کان سندس وفات 2012ع تائين جسقم جو چيئرمين رهيو، هي سڪرنڊ لڳ، 54 سالن جي عمر ۾ پراسرار نموني وفات ڪري ويو.هن جو مکيه آخري سياسي پروگرام 23 مارچ 2012ع ۾ ڪراچي ۾ ڪيل آزادي مارچ هو.

صنعان خان قريشي[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو صنعان خان قريشي

بشير احمد قريشي جي وفات کان پوءِ سندس وڏي پٽ صنعان خان قريشي کي پارٽي جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.[8] هن کي چيئرمن مقرر ڪرڻ کي ڪيترائي تنقيدنگار بادشاهت جي علامت ڪوٺين ٿا، ۽ خانداني سياست کي سيد جي نظريي جي خلاف قرار ڏين ٿا.[9]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Show must go on: JSQM vows to hold Freedom March - The Express Tribune". The Express Tribune. حاصل ڪيل 9 February 2017. 
  2. "Analysis: Sindhi nationalists stand divided". DAWN.COM. حاصل ڪيل 9 February 2017. 
  3. "Nationalist Party JSMM Launched - JSMM". JSMM. حاصل ڪيل 9 February 2017. 
  4. "HYDERABAD: Bashir blamed for crisis in JSQM". DAWN.COM. حاصل ڪيل 9 February 2017. 
  5. "HYDERABAD: JSQM in disarray after senior leader quits" (en ۾). DAWN.COM. 7 November 2006. http://www.dawn.com/news/217885. Retrieved 9 February 2017. 
  6. "Qadir Magsi urges JSMM to give up armed struggle in Sindh". DAWN.COM. حاصل ڪيل 9 February 2017. 
  7. "’سندھ کو پاکستان سے آزاد کروانا ضروری‘" (ٻولي ۾ Urdu). BBC Urdu. حاصل ڪيل 2018-06-07. 
  8. "Show must go on: JSQM vows to hold Freedom March - The Express Tribune". The Express Tribune. حاصل ڪيل 9 February 2017. 
  9. "قومپرست پارٽيون! ڪڏهن کان خانداني ۽ ون مين شو پارٽيون پيون ٿين؟ وينگس". انڊس ٽريبون. حاصل ڪيل 9 February 2017.