رسول بخش پليجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رسول بخش پليجو
Rasool Bux Palijo
ذاتي تفصيل
پيدائش 21 فيبروري 1930(1930-02-21)
جُنگشاهي, ٺٽو, سنڌ, برطانوي راڄ
وفات 7 جون 2018 (عمر 88 سال)
ڪراچي, سنڌ, پاڪستان
سياسي جماعت عوامي تحريڪ
جيون ساٿي شريفان پليجو
روقيه
نسيم ٿيٻو
زرينه بلوچ (1964–2005)
زاهده شيخ (2003–2018)
لاڳاپا اياز لطيف پليجو (پٽ)
سسئي پليجو (ڀائٽي)
رهائش حيدرآباد، سنڌ
مادر علمي سنڌ مدرسة الاسلام سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي
ڪرت سياستدان, وڪيل, ليکڪ, وِدوان (اسڪالر), شاعر

رسول بخش پليجو (انگريزي: Rasool Bux Palijo) هڪ پاڪستاني کاٻي ڌرپرست (ليفٽسٽ)، مارڪسي اڳواڻ، دانشور ۽ ليکڪ هو. هو انساني حقن جو هڪ وڪيل ۽ ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ، باني ۽ اڳوڻو چيئرمين هو. پليجو 21 فيبروري 1930ع تي جنگشاهي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پليجو کاٻي ڌر جي اڳواڻ هجڻ سان گڏ، انساني حقن جي باري ۾ سنڌ ۾ چوٽيءِ جو وڪيل پڻ هو.[1] سندس پيءُ علي محمد پليجو روينيو کاتي ۾ سپروائيزر ھيو.[2]


شروعاتي زندگي[سنواريو]

رسول بخش پليجو، ڳوٺ منگر خان پليجو، جنگشاهي، ٺٽي ۾ 21 فيبروري 1930ع تي پيدا ٿيو.[3] هن شروعاتي تعليم ڳوٺ مان ورتي ۽ وڌيڪ تعليم سنڌ مدرسة الاسلام مان حاصل ڪيائين. هن قانون جي سند، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي.[4]

سياسي زندگي[سنواريو]

سياسي ڪارڪن ۽ ليکڪ سان گڏ، پليجو سپريم ڪورٽ جو وڪيل پڻ رهيو.[5] ايم آر ڊي جي دور ۾ هي 11 سالن جي لاءِ سياسي مخالفت سبب جيل ۾ رهيو. 1980ع ڌاري هن جو گھڻو عرصو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد هيٺ گذريو. 1981ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل هن کي ضمير جو قيدي پڻ قرار ڏنو.[6]

پليجو سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جو سخت مخالف هو، هي عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ متحده محاذ، سنڌ قومي اتحاد، بزم صوفيا سنڌ، پونم، سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هو، هي عوامي تحريڪ، سنڌي هاري ڪميٽي، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، پاڪستان جمهوري اتحاد جو باني اڳواڻ هو.

رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سنڌي اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان گڏ، سياسي ميدان ۾ جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏجي سرگرميءَ سان حصو ورتو. جڏهن 1968ع ۾ جي. ايم. سيد، ايوبي مارشل لا دوران هڪ وڏي عرصي جي نظربنديءَ کان پوءِ آزاد ٿي، سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪري، ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪئي ته جي. ايم. سيد اُن تنظيم جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري بڻيو.[4] سياست جي شروعات 1953 ۾ سنڌ ھاري ڪميٽيءَ کان ڪئي جنھن بعد 1964 م نيشنل عوامي پارٽي۾شامل ٿيو. ڪجهه عرصو بزم صوفياءِ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري رھيو گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت ۾ به سرگرم رھيو، ان کان سواءِ سنڌ متحده محاذ ۾ بہ حصو ورتائين، ون يونٽ خلاف ھلندڙ تحريڪ ۾ بہ سرگرم رهيو 5 مارچ 1970 ۾ عوامي تحريڪ نالي پارٽي جو بنياد وڌائين. 14 مارچ 1970 ۾ سنڌ جي زمينن جي سستي وڪري يا نيلامي جي خلاف تحريڪ ھلائي. ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ،اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال تحريڪ، سنڌ ووٽر لسٽ تحريڪ ۽شھري دھشتگردي خلاف تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتائين.[2]

جيل جون سختيون[سنواريو]

1969 م ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي ڪري 9 مھينا جيل ۾ رھيو. 1973 ۾ آئين تي تنقيدي مضمون لکڻ جي ڪري ڊي. پي. آر.تحت 11 مھينا قيد ۾ رھيو. 1978 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي جي سزا ملڻ تي ايم ايل آر 16 تحت گرفتار ڪري 6 مھينا جيل ۾ رکيو ويو.1979 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ کان ٽي مھينا اڳ کان وٺي ڦاسي کان ٽي مھينا پوء تائين جيل ۾ رکيو ويو. ھي جنرل ايوب ۽جنرل ضيا ي آمريتن دوران يارھن سال قيد ۾ رھيو.[2]

ليکڪ[سنواريو]

سنڌي ادب جي ميدان ۾ رسول بخش پليجي جو شمار صف اول جي ليکڪن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو. پليجو سنڌ ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جو پڻ وڏو پارکو ليکو ويندو هو. ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ادبي لهر اُڀري، جنهن جو ادبي حوالي سان مهندار شيخ اياز هو، جنهن جي خلاف وڏي واويلا ڪئي وئي. ترقي پسند ادب ۽ خاص ڪري شيخ اياز تي جڏهن شاعرن ادبي ۽ فڪري حملا ڪيا ۽ اياز جي شاعريءَ کي الحاد ۽ ڪفر جي شاعري قرار ڏنو ته ان دور ۾ ابن حيات پنهور ۽ مولانا گراميءَ سان گڏ رسول بخش پليجي ان بيجا تنقيد جا بکيا اڍيڙي، فڪري گهرائيءَ سان ڪتاب ’انڌا اونڌا ويڄ‘ ذريعي کين جواب ڏنو. ساڳئي رجعت پسند ٽولي سَٺ واري ڏهاڪي ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ڪتابن ’پيغام لطيف‘ ۽ ’جيئن ڏٺو آ مون‘ تي به سخت تنقيدون ڪيون ۽ اڪيچار پمفليٽ ۽ مضمون لکيا ته پليجي ان گروهه خلاف جاندار مضمون لکيا. سندس مشهور تصنيفن ۾:[4]

ذاتي زندگي[سنواريو]

پليجي صاحب چار شاديون ڪيون، جن مان سندس پهرين گهر واري پليجي خاندان مان آهي، جڏهن ته ٻي گهر واري ڪشميرڻ آهي، سندس ٽين گهر واري نامياري فنڪاره زرينه بلوچ هئي، جڏهن ته سندس چوٿين شادي، نامياري ڪهاڻيڪار نسيم ٿيٻو سان ٿي.[4] رسول بخش پليجو 7 جون 2018ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.[7]

لاڏاڻو[سنواريو]

رسول بخش پليجو ساھ ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا ھيو[2]، ڊگھي وقت تائين بيمار رھڻ کانپوءِ خميص جي ڏيھاڙي 7 جون 2018ع تي 88 ورھين جي ڄمار ۾ ڪراچي، سنڌ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ کيس جنگشاھيءَ ويجھو سندس آباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ دفن ڪيو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Ali, Z. "Awami Tehreek's Rasool Bux Palijo turns 82". ايڪسپريس ٽربيون. حاصل ڪيل 1 February 2016. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 {روزاني سوڀ صہ 11 تاريخ 8 جون2018}
  3. "Rasool Bakhsh Palejo". profilepk.com. حاصل ڪيل 1 February 2016. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "پليجو رسول بخش". encyclopediasindhiana.org. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون. حاصل ڪيل 7 June 2018. 
  5. Report, Bureau. "HYDERABAD: Injustice in judicial appointments alleged". dawn.com. حاصل ڪيل 7 June 2018. 
  6. "Pakistan President Zia-ui-Haq finds himself dangerously isolated from his countrymen". India Today. حاصل ڪيل 7 June 2018. 
  7. "Veteran politician Rasool Bux Palejo passes away". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 7 June 2018.