تاجل بيوس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ۽ نقاد، -تاجل بيوس- جو اصل نالو -تاج- محمد ولد محمد جعفر سمو هو. هي 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- نورپور ۽ -ڀونڀٽ پور- اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ثانوي -تعليم- گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ -جپان-، ٿائيلئنڊ ۽ -آمريڪا- مان مختلف ڪورس ڪري آيو. -تاجل بيوس- 1960ع ۾ -انگريزي- -استاد- طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي -تان- رٽائر ڪيائين. -ان- بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. -تاجل بيوس- ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهي چڪو آهي. -تاجل بيوس- شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري (سنڌي/ -اردو-)، سفرنامن، -آتم ڪٿا- ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، -جن- مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)، (2) ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)، (3) ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ (شاعري:1985ع)، (4)”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)، (5) ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)، (6) ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)، (7) ”ڏور به اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)، (8) ”ڪنڌيءَ -اڪ- ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)، (9) ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)، (10) -تنهنجا نيڻ غزل- (هڪ سئو غزل:1996ع)، (11) ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند- سنڌ جي اديبن جا خط)، (12) ”چپ -انجيل- جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)، (13) ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)، (14) ”انداز بيان -اور-“ (-اردو- شاعري)، (15) ”گلابون ڪي موسم“ (-اردو- شاعري). تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ -ان- کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصل آهي. -تاجل بيوس- کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا. سنڌ جي هن نامياري شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي. [1]

حوالا[سنواريو]