جيئي سنڌ هلچل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جيئي سنڌ هلچل جو بنيادي جھنڊو

جيئي سنڌ جو نعرو، سڀ کان اڳ سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي هڪ ڪهاڻيءَ ’پاڙيسري‘ ۾ 1947ع ڌاري ڪم آندو ويو هو. ان بعد اهو نعرو ترقي پسند هاري اڳواڻ سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ پنهنجي شعر ’جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ‘ ۾ ڪم آندو. ان نعري ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ وڌيڪ مقبوليت ماڻي. خاص ڪري، ان نعري، جي. ايم. سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ تنظيمي شڪل تڏهن ورتي، جڏهن ون يونٽ مخالف تحريڪ جي آخري ڏينهن ۾ ”جيئي سنڌ نوجوان محاذ“ جڙيو. اُن زماني ۾ ’سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ نالي شاگردن جي تنظيم به سرگرم هئي. جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذيلي تنظيم هئي، پر ان ۾ قومپرست سوچ جا شاگرد پڻ شامل هئا. جڏهن جي. ايم. سيد ون يونٽ جي خلاف نيشنل عوامي پارٽيءَ جي بلوچ ۽ پختون اڳواڻن سان گڏجي پهرين سنڌ، پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ’ائنٽي ون يونٽ فرنٽ‘ ۽ بعد ۾ 1969ع ۾ ’سنڌ متحده محاذ‘ قائم ڪري، ون يونٽ خلاف تحريڪ کي سرگرم ڪيو ته نواب شاهه ۾ ’سنڌ متحده محاذ‘ جي شاخ کلڻ وقت، قومپرست سوچ جي شاگردن سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان ڌار ٿي، ’سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (قومپرست گروپ) قائم ڪيو. اڳتي هلي ’جيئي سنڌ نوجوان محاذ‘ ۽ ’سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (قومپرست گروپ) گڏجي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن ڪهاڙيءَ واري جهنڊي کي تنظيم جهنڊو قرار ڏنو.

تاريخ[سنواريو]

هتي هن سيڪشن ۾ تمام جلد جيئي سنڌ تحريڪ جي تاريخي حوال لکيو ڪيو ويندو

ستر وارو ڏهاڪو[سنواريو]

1970ع جي ملڪي چونڊن ۾ جي. ايم. سيد سنڌ جي مڪمل صوبائي خودمختياري (جنهن ۾ مرڪز کي صرف ٽي کاتا ملڻا هئا) جو پروگرام کڻي، ’سنڌ متحده محاذ‘ جي پليٽ فارم تان حصو ورتو. بنگلاديش جي قيام کان پوءِ نئين صورتحال ۾ هن پنهنجي ساٿين جو اجلاس حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ سڏائي، ’سنڌ متحده محاذ‘ جو نالو تبديل ڪري ’جيئي سنڌ محاذ‘ ٺاهيو. جنهن جي پروگرام جو مُکيه نُڪتو ”سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزادي“ طئي ڪيو ويو، جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي جدوجهد جا بنيادي مَتا: نيشنلزم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ جمهوريت رکيا ويا. ان اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جو صدر جي. ايم. سيد ۽ جنرل سيڪريٽري رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ٿيو. ان اجلاس ۾ شاهه محمد شاهه، مدد علي سنڌي، اقبال ترين، امان الله شيخ، عبدالخالق جوڻيجي، عبدالحئي پليجي ۽ ٻين شاگرد اڳواڻن ۽ قومپرست سياستدانن شرڪت ڪئي. جيئي سنڌ محاذ جي قيام واري وقت ۾ پيپلز پارٽيءَ سنڌي ٻوليءَ جو بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرايو ته ان تي هڪ ڌُر ان تي اعتراض ڪيا ۽ سنڌ ۾ لساني جهڳڙا ٿيا. ان صورتحال ۾ 1 آگسٽ 1972ع تي سنڌي ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ جي. ايم. سيد، جيئي سنڌ محاذ جي پليٽ فارم تان سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن ۾ قومپرست ڪارڪن ۽ اديب ساڻس گڏ هئا. انهيءَ دوري دوران جي. ايم. سيد تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ بم جو حملو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڪارڪن شهيد ۽ ڪيترا زخمي ٿيا. قومي ڪارڪن عمر شورو ۽ نامور مصور گل محمد کتري زخمي ٿيا. عمر شورو زخمي ٿيڻ بعد معذور بڻجي ويو. ان حملي جي باوجود جي. ايم. سيد پنهنجو دورو ۽ سرگرميون جاري رکيون. ان تي، اُن وقت جي سنڌ جي وڏي وزير ممتاز علي ڀُٽي کيس گهر ۾ نظربند رکيو. سيد جي مسلسل نظربنديءَ جي ڪري جيئي سنڌ محاذ جون سرگرميون جاري رهي نه سگهيون.

ضياءَ کان بعد[سنواريو]

آڪٽوبر 1977ع ۾ سن شهر ۾ جي. ايم. سيد پنهنجي هم خيال قومپرست ساٿين ۽ ڪارڪنن کي سڏايو، جنهن ۾ نئين سر جيئي سنڌ محاذ کي فعال ڪري ان جو پهريون ڪنوينر نامور قومي دانشور عبدالواحد آريسر مقرر ٿيو، جڏهن ته محاذ جا ٻيا مُکيه اڳواڻ مولابخش لغاري، سرور سهتو، عطاءُ الله انڙ، عبدالخالق جوڻيجو، ڪيهر خان بڙدي ( بيبرڪ سنڌي ) جمن دربدر وغيره هئا. اهو جنرل ضياءِ الحق جي مارشل لا جو دؤر هو. سياسي سرگرمين تي سخت پابنديون هيون. ان هوندي به جيئي سنڌ محاذ جي جاکوڙي ڪردار عبدالواحد آريسر ، جمن دربدر ، عاجز منگي ڪيهرخان بڙدي ( بيبرڪ سنڌي )۽ ٻين ڪافي ڪارڪنن سميت وقتن فوقتن ڳوٺ ڳوٺ وڃي قومي ڪچهريون منعقد ڪري سنڌي ماڻهن ۾ قومي شعور ۽ سنڌ جي آجپي جو احساس پيدا ڪيو ۽ جيئي سنڌ هلچل شهرن ۽ تعليمي ادارن مان نڪري سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين پهچي وئي. جيئي سنڌ محاذ هر قومي مسئلي تي سرگرميون جاري رکيون، پر منڍ کان وٺي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جي خلاف تمام گهڻي ۽ مسلسل جدوجهد ڪئي. ان تحريڪ دوران ڪي مکيه واقعا هي هئا: جنوري 1979ع ۾ جڏهن وقت جي حڪومت بنگلاديش کان بهارين کي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، ته سندن آمد کي روڪڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ايئرپورٽ جي ٻاهران تمام وڏو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ قومي سوچ رکندڙ اڪثر اڳواڻ موجود هئا. 26 جنوري 1979ع تي ٿيندڙ ان مظاهري ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. نتيجي طور حڪومت کي بهارين کي گهرائڻ وارن جهازن کي مؤخر ڪرڻو پيو.

مارشلائي دور بعد[سنواريو]

جيئي سنڌ هلچل جو بينر

1991ع ۾ جڏهن مسلم ليگ جي حڪومت وري بهارين کي گهرائي پنجاب ۾ آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئي سنڌ محاذ موقف رکيو ته اهي ماڻهو پنجاب ۾ نه رهندا، بلڪ ريل ۽ روڊ رستي سنڌ ايندا، ان تي احتجاج ڪرڻ لاءِ سنڌ، پنجاب، سرحد کي بند ڪرڻ لاءِ ڪمون شهيد وٽ تاريخي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ هزارين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. انهيءَ ئي مسئلي تي 1992ع ۾ جيئي سنڌ محاذ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪامياب پر امن هڙتال ڪئي. جيئي سنڌ محاذ ابتدا کان وٺي عدم تشدد واري پاليسيءَ تي عمل پيرا رهيو آهي. ان ئي عرصي ۾ اسٽيبلشمينٽ جيئن ته سنڌ جي سياست نسلي بنيادن تي ورهائي ڇڏي هئي، پر جيئي سنڌ محاذ بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهب جي تفريق جي، قومي بنياد تي سياست جاري رکي. جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي تنظيمن ۾: جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (شاگردن جي تنظيم)، سنڌي ناري تحريڪ (عورتن جي تنظيم)، لطيف سنگت (ٻارن جي تنظيم) ۽ سنڌي پورهيت سنگت (مزدورن جي تنظيم) سرگرم رهيون. اِن عرصي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر دودي مهيري ۽ مير عالم مريءَ يونيورسٽيءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد جيئي سنڌ محاذ ۾ شرڪت ڪئي. جيئي سنڌ محاذ جي جدوجهد دوران سياسي حڪمت عمليءَ تي اختلافن جي بنياد تي 1990ع ڌاري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگردن، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ جي نالي سان الڳ جماعت ٺاهي، جنهن جو پهريون صدر گل محمد جکراڻي ٿيو، ان جي مُکيه اڳواڻن ۾ بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا شامل هئا. ان کان پـوءِ جـيـئـي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ الڳ الڳ پليٽ فارمن تان جي. ايم. سيد جي سرپرستيءَ ۾ قومي سياست ۾ ٻن قومي پارٽين جي صورت ۾ سرگرم رهيون. سندن نظرياتي موقف جي. ايم. سيد وارو ئي رهيو. ان عرصي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ڌار ٿي، پهرين جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ بعد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺاهي، ۽ جيئي سنڌ هلچل جي نقطهء نظر سان اختلاف ڪندي، پنهنجو جهنڊو ۽ منشور الڳ بنايو ان دوران جيئي سنڌ جي نالي سان ڪم ڪرڻ وارا ڪجهه ٻيا گروپ به وجود ۾ آيا. جهڙوڪ: ”جيئي سنڌ قومپرست پارٽي“، جنهن جو اڳواڻ قمر ڀٽي هو ۽ ”جيئي سنڌ انقلابي تنظيم“ جي اڳواڻي شفيع محمد برفت ڪئي.

جي ايم سيد جي فوتي[سنواريو]

25 اپريل 1995ع تي جيئي سنڌ هلـچـل جـي بانـي، مـفـڪـر ۽ رهبر جي. ايم. سيد جي وفات بعد جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمئن عبدالواحد آريسر ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن گل محمد جکراڻي، بشير خان قريشي ۽ جيئي سنڌ انقلابي تنظيم جي شفيع محمد برفت ۽ ٻين ڪوششن ڪئي ته مرحوم جي. ايم. سيد جي وڇوڙي جي ڏک کي ٻڌيءَ، طاقت ۽ تنظيم ۾ تبديل ڪجي. جنهن بعد جيئي سنڌ هلچل ۾ نئين صف بندي ٿي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمئن عبدالواحد آريسر ۽ ان جي ساٿين، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ انقلابي تنظيم جي ڪارڪنن سان گڏجي هڪ نئين جماعت ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺاهي، جنهن جو اعلان جي. ايم. سيد جي چاليهي تي ٿيل جلسي ۾ ڪيو ويو. جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڪنوينر عبدالواحد آريسر، ڊپٽي ڪنوينر بشير خان قريشي چونڊيا ويا، جڏهن ته ٻين مُکيه اڳواڻن ۾ گل محمد جکراڻي، سيد زين شاهه، سيد غلام شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر مير عالم مري، شفيع محمد برفت، قيوم منگي، شبير احمد جمالي، شفيع ڪرناڻي ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن مان عبدالخالق جوڻيجي نئين پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ بدران پنهنجي ڪجهه ساٿين سميت ’جيئي سنڌ محاذ‘ جي نالي سان ئي ڪم جاري رکيو، جنهن جو چيئرمئن عبدالخالق جوڻيجو ٿيو ۽ ٻين مُکيه اڳواڻن ۾ سرور سهتو، هاشم کوسو، علي نواز ٻٽ، ڊاڪٽر برڪت جتوئي، خان محمد ڀيو، امر جوڻيجو ۽ احمد خان چانڊيو شامل هئا. جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ محاذ پنهنجي پنهنجي حڪمت عمليءَ تحت جدوجهد جاري رکي. وقت گذرڻ سان سياسي ۽ تنظيمي اختلافن جي بنياد تي مختلف پارٽيون ۽ گروپ ٺهندا ۽ هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيندا رهيا آهن. جن جو مختصر وچور هن ريت آهي: جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪجهه ميمبرن، تشدد ۽ عدم تشدد جي معاملي تي اختلاف ڪندي ’جيئي سنڌ متحده محاذ‘ جي نالي سان الڳ جماعت ٺاهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ ان جي سربراهي شفيع محمد برفت ڪري رهيو آهي. هن پارٽيءَ جا ڪارڪن عدم تشدد جي پاليسيءَ جا حامي نه آهن.

قومي محاذ جو ورهائجڻ[سنواريو]

ڪجهه عرصي بعد ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصي جي سربراهي بشير خان قريشيءَ ڪئي، ۽ ان جو لڳاتار چيئرمئن رهندو اچي. هن سان گڏ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، محمد راهمون، سرفراز ميمڻ ۽ ٻيا هئا. جڏهن ته ٻئي حصي جي اڳواڻي عبدالواحد آريسر وٽ رهي، جنهن سان گڏ شفيع محمد ڪرناڻي، علي حسن چانڊيو، سرائي قربان کهاوڙ، اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، حفيظ هڪڙو ۽ ٻيا اڳواڻ شامل رهيا. اڳتي هلي بشير خان قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ”جيئي سنڌ قومي محاذ“ کان هڪ گروپ الڳ ٿي، ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ جي نالي سان هڪ نئين جماعت قائم ڪئي. جنهن جو سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي آهي، ۽ ان جي ٻين اڳواڻن ۾ محمد راهمون، نورالدين جمالي، آڪاش ملاح (جيڪو جيل ۾ آهي ۽ جنهن لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير قريشي) جو چوڻ آهي ته هُو سندن پارٽيءَ جو ميمبر آهي) شامل آهن. اهڙيءَ طرح سرائي قربان کهاوڙ ۽ حفيظ هڪڙو وري ’جيئي سنڌ متحده محاذ‘ ۾ شامل ٿي ويا. ان کان سواءِ به مختلف وقتن تي مختلف سببن جي ڪري جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ کان ڪجهه ميمبر الڳ ٿي مختلف گروپ ٺاهيندا رهيا آهن؛ اهڙيءَ ريت هن وقت جيئي سنڌ هلچل سان واڳيل مختلف جماعتن/ گروپن جي صورتحال مختصر طؤر هن ريت آهي:

  • جيئي سنڌ قومي محاذ 1: چيئرمئن بشير خان قريشي ۽ مکيه اڳواڻ: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، حنيف ساگر بڙدي، سرفراز ميمڻ، آڪاش ملاح، بشير خاصخيلي ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ قومي محاذ 2: چيئرمئن عبدالواحد آريسر، ٻيا مکيه اڳواڻ: ڊاڪٽر مير عالم مري، اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، عثمان پنهور، نواز خان زئور، مسيح ڪالاڻي، ايڊوڪيٽ علي حسن چانڊيو ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ متحده محاذ: چيئرمئن شفيع محمد برفت، مکيه اڳواڻ: سرائي قربان کهاوڙ، حفيظ هڪڙو، روپلو چولياڻي، ذوالفقار ڪولاچي ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ محاذ (1): چيئرمئن ڊاڪٽر برڪت جتوئي، مکيه اڳواڻ: عبدالخالق جوڻيجو، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، هاشم کوسو، اياز هڪڙو، امداد چاچڙ، سارنگ مهر، ياسين سنڌي، امر فياض ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ محاذ (2): چيئرمئن سرور سهتو، مکيه اڳواڻ: صوفي حضور بخش، علي نواز ٻُٽ، فيض الله جوڻيجو ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ محاذ (3): چيئرمئن رياض چانڊيو، مکيه اڳواڻ: خان محمد ڀيو، الاهي بخش چاچڙ، حافظ رحيم بخش لکڻ ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ محاذ (4): چيئرمئن رسول بخش ٿيٻو، مکيه اڳواڻ: منصور خاصخيلي ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ محاذ (5): چيئرمئن حيدر ڀُٽو، مکيه اڳواڻ: شمس شورو ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ تحريڪ (1): چيئرمئن ڊاڪٽر صفدر سرڪي، مکيه اڳواڻ: محمد راهمون، آڪاش ملاح، نورالدين جمالي، عبدالرحمان جتوئي ۽ ٻيا. (آڪاش ملاح جيل ۾ آهي، جنهن لاءِ جسقم (بشير قريشي) ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي دعويٰ آهي ته هو سندن ميمبر آهي.)
  • جيئي سنڌ تحريڪ (2): چيئرمئن شفيع محمد ڪرناڻي، مکيه اڳواڻ: شبير احمد جمالي، سورهيه سنڌي ۽ ٻيا.
  • جيئي سنڌ قومپرست پارٽي: چيئرمئن قمر ڀٽي، مکيه اڳواڻ: محمد کوکر، انور جويو، دودو ديشي ۽ ٻيا.

جيئي سنڌ هلچل جي مٿين اڳواڻن مان عبدالواحد آريسر سڀ کان وڌيڪ عرصو جيل ڪاٽيو ۽ سيد جي فڪر کي ڪتابن، تحريرن ۽ تقريرن ذريعي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، عبدالخالق جوڻيجو سنڌين جو مؤقف انگريزي اخبارن ۾ ڏيڻ جي حوالي سان اڳيان رهيو آهي، جڏهن ته بشير خان قريشيءَ، ڌرڻن، هڙتالن ۽ مظاهرن ذريعي پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي. عبدالواحد آريسر، بشير خان قريشي، قيوم منگي (شهيد)، آصف بالادي، صفدر سرڪي ۽ ٻيا اڳواڻ وڏي عرصي تائين جيلن ۾ رهيا. هنن سڀني جو سنڌ ۾ قومي شعور وڌائڻ، قومي آجپي ۽ قومي مسئلن تي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.[1]


پڻ ڏسو[سنواريو]


حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011