جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن
مختصر جساف
نوعيت شاگرد جماعت
صدر دفتر سن
مقام سنڌ

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) سنڌ جي ڪيترن ئي آزادي پسند جماعتن جي شاگرد جماعت آهي. جيڪا جي ايم سيد جي فڪرِ تحت ڪم ڪري پئي. جساف جو بنياد 1969ع ۾ پيو. جساف قوم پرست ڌڙو هئي، جنهن جو وجود 60 جي ڏهاڪي ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد دوران پيو ۽ پوءِ ان ڌڙي 1972ع ۾ فڪرِ جي ايم سيد تحت سنڌين جي الگ وطن لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو. ان کان پوءِ جساف سنڌوديش تحريڪ لاءِ شاگرد جماعت طور ڪم ڪري رهي آهي.

تاريخ[سنواريو]

  • سنڌ ۾ شاگرد سياست

هونئن ته سنڌ ۾ شاگرد سياست جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڊگهو سفر رهيو آهي، ترخانن، ارغونن، توڙي مغلن جي دورِ حڪومت ۾ سنڌي ٻولي خاطر پنھنجي زندگيءَ جو نذرانو ڏيئي، پنھنجي ارڏائي ۽ بھادريءَ جو مثال قائم ڪيو هيو. پر سنڌ ۾ شاگرد سياست جا بنياد وڌيڪ مضبوط هيمون ڪالاڻيءَ وڌا. سکر ۾ جنم وٺندڙ هيمون ڪالاڻي 23 آڪٽوبر 1942ع ۾ گرفتار ٿيو، 2 مھينا 25 ڏينھن برطانوي راڄ انتظاميا جي ٽارچر ۾ سختيون سٺيون. کيس لڪڻ سان اگهاڙي جسم تي ڪُٽڻ کانسواءِ کيس برف جي بلاڪ تي ليٽايو ويندو هو. پر هن ارڏي انسان آڻ نه مڃي ۽ آخرڪار 21 جنوري 1943ع تي کيس ڦاهي ڏني وئي. جيڪڏهن هيمون ڪالاڻي تڪليفون ۽ سختيون نه سهي ها ته اڄ شآگردن لاءِ اتساهه جو سبب نه بڻجي سگهي ها. شاگردن جي جدوجھد هيمون ڪالاڻيءَ جي قربانيءَ تي ڏانهن اڳتي سفر ڪيو آهي. [1]

بنياد[سنواريو]

سنڌي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 13 تي جيئي سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو شروعاتي منشور لکيو ويو ۽ ان جي جهنڊي جي ڊزائين به ان ڪمري ۾ ئي ٺاهي وئي هئي ۽ جساف جو شروعاتي بنياد، جي ايم سيد جي منظوري سان 1969ع ۾ اقبال ترين جي سرواڻيءَ ۾ رکيو ويو ۽ اقبال ترين ئي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر بڻيو. [2]

مول متا[سنواريو]

جساف سنڌي شاگردن جي مسئلن سان جدوجهد ڪرڻ سان گڏ، پاڪستان کان سنڌ جي آزادي لاءِ پڻ جاکوڙ ڪري رهي آهي. جساف جا نعرا ”وڌيڪ تعليم، بهتر سياست“، ”قومپرستي“ ”سيڪيولرازم“ ۽ ”سنڌوديش جي آزادي“ آهن.

شاگرد سياست[سنواريو]

مهاتما گانڌيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ڪنھن به سماجي تبديلي لاءِ اهنسا ياعدم تشدد لازمي اخلاقي اصول ۽ حڪمت عملي هجڻ گهرجي ۽ شاگرد سياست ان اصول جي سياسي نقش آهي.“ مطلب ته شاگرد تعليم، علم ۽ ڄاڻ سبب پنھنجي قوم جو وڌيڪ باشعور طبقو ٿئي ٿو. ان ڪري قوم جي تقدير جي تبديليءَ جو بار ان جي ڪلھن تي وڌيڪ پوي ٿو. شاگرد پنھنجي جوهر ۾ جيترو وڌيڪ باشعور ۽ علم سان لاڳاپيو هوندو، اوترو ئي جلد قوم پنھنجي پيرن تي بيھندي آهي. [1]

جدوجهد[سنواريو]

4 مارچ 1967[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو 4 مارچ شاگرد جدوجهد

فيلڊ مارشل ايوب خان طرفان مڙهيل ون يونٽ خلاف هزارين سنڌي شاگردن احتجاج شروع ڪيو. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان حيدرآباد تائين شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي. جڏهن ريلي حيدرآباد طرف وڃي رهئي هئي ته مارشل لا اختيارن طرفان هدايتن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تشدد شروع ڪيو جنهن ۾ 17 شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ 200 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو [3] ۽ تان ئي سنڌي قوم پرستي سان گڏ جساف جو پڻ بنياد پيو. جساف جا ڪيترائي ڌڙا اڄ ڏينهن تائين ان کي شاگرد جدوجهد جي ڏينهن طور ملهائين ٿا.

آپريشن[سنواريو]

ٽوڙهي ڦاٽڪ[سنواريو]

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پنجن ڪارڪنن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 17 آڪٽوبر 1984ع تي ضعلي ڄامشوري جي ٽوڙهي ڦاٽڪ لڳ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن اهي لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا. قتل ٿيل شاگردن ۾ امان الله وسطڙو، مالڪ خشڪ، ذڪريا ميمڻ، انور عباسي ۽ مٺو بليدي شامل هئا.

ماري اڇلڻ[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد آصف پنهور، جيڪو جسمم جي شاگرد جماعت جو ڪارڪن هو، ان جو گوليون لڳل لاش 26 نومبر 2014ع تي لاڙڪاڻي مان مليو. آصف پنهور کي پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار 15 آگسٽ 2014ع تي حيدرآباد مان کنڀيو ويو. افضل پنهور جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تحويل ۾ هڪ سال تائين رهيو. ان کي ٻيهر گرفتار ڪري ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ سادن ڪپڙا پهڙيل اهلڪارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. افضل پڻ جساف (جسمم) جو اڳواڻ هو. جساف (جسمم) جي هڪ ٻئي ڪارڪن شڪيل کنهارو کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا 6 آڪٽوبر 2014ع تي کنڀي ويا هن جو تشدد ۽ گوليون لڳل لاش ڪراچي مان مليو.

ڌڙا[سنواريو]

  •  جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير خان) جي شاگردن جماعتن کي جساف (آ) ۽ جساف (ب) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
  • جيئي سنڌ متحدا محاذ جي شاگرد جماعت کي جساف (جسمم) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
  • جيئي سنڌ محاذ جي شاگرد جماعت کي جساف (جسم) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

لاڳاپيل صفعا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-18 
  2. انٽرنيشنل هاسٽل ڪمرو نمبر 13 | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-06-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-20 
  3. Bhutto, Adeel. "4 مارچ سنڌ جي حقن واري تحريڪ". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-03-04.