ٽلٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽلٽي انگريزي (Talti) سنڌ پاڪستان جي ڄامشورو ضلعو، سيوهڻ شريف تعلقو ۾ سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپ تي قائم قديم شهر آهي. مقامي روايت آهي ته ٽلٽي اصل ۾ ٽهل هٽيءَ جو بگاڙ آهي. آڳاٽي وقت ۾ ٽهلرام نالي هندو واپاري جي هٽي (هٽ) هوندي هئي جت ماڻهو اچي رهڻ لڳا ۽ ڳوٺ ٻڌجي ويو. اول ڳوٺ ٽهل هٽي سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي ٽهل هٽي نالو تبديل ٿي ٽلٽي بڻجي ويو. ٽلٽي ويجهو هڪ ٻيو ڳوٺ “گنگُو هٽي” به اڄ تائين قائم آهي. ٽلٽي هن وقت به اهم شهر آهي. ٽلٽي ۾ هاءِ اسڪول تائين تعليم جي سهوليت آهي. ٽلٽي جي هن وقت آبادي لڳ ڀڳ 40 هزار آهي. ٽلٽي سيوهڻ جي اتر ۽ ڀان سيد آباد جي اوڀر- ڏکڻ ۾ آهي. ٽلٽي روڊن ذريعي دادو، ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ سان ڳنڍيل آهي.

تاريخ[سنواريو]

ٽلٽي سنڌ جي تاريخي شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ٽلٽي جو تاريخي طور ذڪر سمن جي دورر ۾ ملي ٿو. ٽلٽي ۾ سنڌ جي عظيم محب وطن عالم ۽ صوفي بزرگ حضرت مخدوم بلاول جنم ورتو. ٽلٽي سنڌ جي عظيم جنرل ۽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي وزيز اعظم مبارڪ خان عرف دولهه دريا خان جو ڳوٺ هو. ڄام نندي کيس ٽلٽي ۽ ڳوٺ ڳاها (جوهي تعلقو) ۾ جاگيرون ڏنيون هيون. سنڌ تي شاهه بيگ ارغون جي حملي ۽ ٽلٽي جي جنگ تائين دولهه دريا خان جا پُٽ محمود ۽ مٺڻ رهائش پذير هئا. دولهه دريا خان جا پُٽ مخدوم بلاول شهيد جي پٺڀرائي ۾ رڻمل سوڍي، سهتن سميجن ۽ ٻين قبيلن سان گڏجي شاهه بيگ ارغون سان ٽلٽيءَ جي جنگ ۾ لڙندي شهيد ٿيا. ٽلٽي ۾ سنڌ جو وڏو عالم، اديب، تعليمدان ۽ محقق علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پڻ جنم ورتو. سند جوڙايل گهر اڄ به ٽلٽيءَ ۾ موجود آهي.

ٽلٽي جو قلعو[سنواريو]

ٽلٽي شهر ۾ قلعو به تعمير ٿيل هو جيڪو دفاعي لحاظ کان سيوهڻ جي قلعي کان پوءِ وڏي اهميت رکندو هو. ٽلٽي جو شهر تڏهن قلعي ۾ هوندو هو. تاريخي تذڪرن موجب ٽلٽيءَ جو قلعو تمام وڏو هو. شاه بيگ ارغون جي حملي وقت به قلعي جي هجڻ جي تاريخ تصديق ڪري ٿي جت راڻي رڻمل سوڍي، محمود، مٺڻ ۽ ٻين جرنيلن شاهه بيگ ارغون جو مقابلو ڪيو ۽ شهيد ٿيا. هن وقت قلعي جا آثار ميسارجي ويا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]