مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا
Wikipedia
A white sphere made of large jigsaw pieces, with letters from several alphabets shown on the pieces
Wikipedia wordmark
وڪيپيڊيا لوگو
سائيٽ جو قِسمُ
انٽرنيٽ ڄاڻ چيڪلو
۾ موجود 288 ايڊيشن (ٻوليون)[1]
مکيه دفتر
ڌڻي وڪيميڊيا فائونڊيشن
جي رچنا جيمي ويلز، لئري سئنگر[2]
يوآرايل wikipedia.org
تجارتي نه
رجسٽريشن اختياري[notes 1]
يوزرز 84 فعال ايڊيٽر [notes 2] ۽ 21,017 رجسٽرڊ ايڊيٽر
۾ لکيل لينڪس[3]

وڪيپيڊيا (Wikipedia) (اچار: /ˌwɪkiˈpiːdi.ə/ يا /ˌwiki-/؛ Listeni/ˌwɪkɨˈpdiə/ يا Listeni/ˌwɪkiˈpdiə/؛WIK-i-PEE-dee-ə) هڪ مفت آن لائن، گھڻ-لساني کليل مواد ڄاڻ چيڪلو آهي، جيڪو رضاڪارن جي هڪ برادري، جن کي وڪيپيڊين جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پاران کليل تعاون ۽ وڪي سافٽ ويئر "ميڊيا وڪي" ذريعي لکيو ۽ سنڀاليو ويندو آهي.[5] جمي ويلز ۽ لئري سئنگر پاران سال 2001ع ۾ قائم ڪيل، وڪيپيڊيا سال 2003ع کان وڪي ميڊيا فائونڊيشن، هڪ آمريڪي غير منافع بخش تنظيم، جيڪا بنيادي طور تي صارفين جي عطين جي ذريعي هلائي ويندي آهي، پاران سنڀاليو ويندو آهي.[6] وڪيپيڊيا تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان وڌيڪ پڙهيل حوالن جو ڪم آهي.

تاريخ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو وڪيپيڊيا جي تاريخ

هيءُ ڄاڻ چيڪلو دنيا جي 253 ٻولين ۾ ڀاڱيوارائي طور رضاڪار لکي رهيا آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اڪثر مقالا کليل مواد آهن، جن کي ڪو به ترميمي سگھي ٿو. هيءَ رٿا بنا نفعي نقصان جي بنياد تي ڪم ڪندڙ وڪيذريعات پيڙهڪا هلائي رهي آهي. جيڪڏهن وڪيپيڊيا يُوزر کي ڳڻپيوڪر (ڪمپيوٽر)، سمارٽ فون، انٽرنيٽ ڪنيڪشن، ۽ هڪ ويب جھانگُوءَ جي سهوليت ميسر آهي تہ هُو وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود صفحن کي سنواري سگھي ٿو ۽ نوان صفحا پڻ متعارف ڪرائي سگھي ٿو، جيڪي پڻ کليل مواد تصور ڪيا ويندا. ھِن رِٿا جو بُنياد جنوري 15، 2001ع، تي رکيو ويو، ۽ اڄ وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي موجود وڏي ۾ وڏو، تڪڙي ۾ تڪڙو وڌندڙ ۽ مقبول ترين عام حواليه ڄاڻ جو خزانو آهي. نومبر 2007ع تائين، وڪيپيڊيا تي 253 ٻولين ۾ 91 لک مضمون لکجي چڪا هئا. انگريزي وڪيپيڊيا سيپٽمبر 9، 2007ع تي 20 لک مضمونن جو حدف پورو ڪيو. پنهنجي وڌندڙ مقبوليت باعث، هن وقت وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي گھڻي ۾ گھڻو گُھمجندڙ 10 ويب سائيٽن ۾ شمار ٿي ٿِي.
وڪيپيڊيا جو مواد کليل هُئڻ ڪري، ان جي قابل اعتبار ۽ تز هئڻ تي سوال اُٿاريا ويندا رهيا آهن. وڪيپيڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جو مرڪز واندائپ آهي، جنهن جو نشانو وڪيپيڊيا ٿي سگھي ٿي؛ جنهن ۾ بي معنيٰ ۽ بي مقصد اکر يا جملا وجھڻ، غير درست ڄاڻ رکڻ، جانبداريءَ تي ٻڌل ڄاڻ رکڻ، وغيره وغيره شامل آهن. تجربو ٻڌائي ٿو تہ واندائپ تمام ننڍو مُدو رهي سگھندي آهي.
وڪيپيڊيا جي سنڌي ورزن، سنڌي وڪيچيڪلو جو بُنياد 21هين فيبروري 2006ع تي جناب احسان احمد عرساڻيءَ وِڌو. هن وقت سنڌي وڪيچيڪلو تي 19,628' مضمون لکجي چڪا آهن.

Jimmy Wales and Larry Sanger
Logo reading "Nupedia.com the free encyclopedia" in blue with large initial "N".
Wikipedia originally developed from another encyclopedia project, Nupedia

پڻ ڏسندا

خارجي ڳنڍڻا

  1. Kiss, Jemima; Gibbs, Samuel (August 6, 2014). "Wikipedia boss Lila Tretikov: 'Glasnost taught me much about freedom of information". The Guardian. http://www.theguardian.com/technology/2014/aug/06/wikipedia-lila-tretikov-glasnost-freedom-of-information. Retrieved August 21, 2014. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Sidener
  3. Roger Chapman, "Top 40 Website Programming Languages", roadchap.com, حاصل ڪيل 6 سيپٽمبر 2011۔ 
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Alexa siteinfo
  5. سانچو:حوالہ ویب
  6. سانچو:حوالہ خبر

حواشِي


حوالي جي چڪ: "notes" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="notes"/> نہ مليو