مواد ڏانھن هلو

عدم تعاون تحريڪ (2024ع)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وزير اعظم جي استعفي کانپوءِ ماڻھو سندس آفيس آڏو نعريبازي ڪري رھيا آھن

عدم تعاون تحريڪ (انگريزي: Non-cooperation movement)، جنھن کي ھڪ نقاطي تحريڪ پڻ چيو وڃي ٿو، بنگلاديش جي حڪومت خلاف ٿيل احتجاجي تحريڪ جو نالو آھي. ھي تحريڪ بنگلاديش ۾ ٿيل 2024ع جي ڪوٽا سڌران کان شروع ٿي. ھن تحريڪ جو ھڪ ئي مطالبو ھو تہ حسينا واجد ۽ سندس ڪابينا استعفي ڏئي.[1][2]

جيتوڻيڪ شروعات ۾ ھي احتجاج سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سڌارن بابت قانون سازي تائين محدود ھئي، پر احتجاج دوران ڪيترن ئي مظاهرين جي موت کان پوءِ، ھي تحريڪ وڌي حڪومت مخالف بغاوت ۾ تبديل ٿي وئي. ھن تحريڪ جي وسيع ٿيڻ کان پوءِ، ملڪ جي خراب اقتصادي صورتحال، سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، سرڪاري عملدارن پاران وڌندڙ ڪرپشن، حسينا واحد پاران ملڪ اندر آمراڻي نظام لاڳو ڪرڻ سبب ماڻھن وڏي تعداد ۾ ھن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.[3][4][5][6][7]

3 آگسٽ 2024 تي، تعصب مخالف شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن حسينا واجد جي استعيفيٰ جو هڪ نقطي مطالبي جو اعلان ڪيو ۽ حڪومت سان ”عدم تعاون“ جو مطالبو ڪيو.[8][9] ٻئي ڏينهن، بنگلاديش ۾ پرتشدد جھڙپون شروع ٿي ويون، جن ۾ شاگردن سميت 97 ڄڻا مارجي ويا. شاگرد تنظيم جي اڳواڻن 5 آگسٽ تي حسينا واجد کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ ڍاڪا ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو. ان ڏينهن، ھزارين مظاهرين راڄڌاني مان نڪري وزيراعظم ھائوس ڏانھن روانا ٿيا.[10] بنگلاديش جي معياري وقت مطابق منجهند 2:30 وڳي، شيخ حسينا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ هوءَ ڀارت اتر اوڀر رياست تريپورا جي گاديءَ واري هنڌ اگرتاللا پهتي، جتي کيس ڀارت جي حڪومت پناھ ڏنو.[11]

حوالا

[سنواريو]
  1. Hasnat, Saif; Mashal, Mujib. "Roaring Back After Crackdown, Bangladesh Protesters Demand Leader's Ouster". The New York Times.
  2. "শহীদ মিনার থেকে এক দফা ঘোষণা". মানবজমিন (Bengali ۾).
  3. Lu, Christina (2024-08-07). "What's Behind Bangladesh's Student Protests?". Foreign Policy (آمريڪي انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 4 August 2024 تي محفوظ ڪيل. 2024-08-03 تي حاصل ڪيل.
  4. "Is the system rigged against meritocracy?". The Daily Star (انگريزي ۾). 2024-07-10. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 16 July 2024 تي محفوظ ڪيل. 2024-08-03 تي حاصل ڪيل.
  5. Ahmed, Redwan; Ellis-Petersen, Hannah (2024-07-26). "Bangladesh student protests turn into 'mass movement against a dictator'". The Guardian (برطانوي انگريزي ۾). ISSN 0261-3077. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 4 August 2024 تي محفوظ ڪيل. 2024-08-03 تي حاصل ڪيل.
  6. Charlie Campbell (2023-11-02). "Sheikh Hasina and the Future of Democracy in Bangladesh". TIME (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 4 January 2024 تي محفوظ ڪيل. 2024-08-03 تي حاصل ڪيل.
  7. "Sheikh Hasina doesn't sell the country, say prime minister". Prothomalo (انگريزي ۾). 25 June 2024. 5 August 2024 تي حاصل ڪيل.
  8. "It's now one point". the daily star (انگريزي ۾).
  9. "One Point Demand' announced from Central Shaheed Minar". bonik barta (انگريزي ۾).
  10. "PM resigned, interim govt to be formed: Army chief". The Daily Star (انگريزي ۾). 2024-08-05. 2024-08-05 تي حاصل ڪيل.
  11. "Sheikh Hasina: How Bangladesh's protesters ended a 15-year reign". www.bbc.com (برطانوي انگريزي ۾). 2024-08-05 تي حاصل ڪيل.