موهنداس ڪرمچند گانڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

موهنداس ڪرمچند گانڌي
(گجراتي ۾: મોહનદાસ ગાંધી خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Portrait Gandhi.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (انگريزي ۾: Mohandas Karamchand Gandhi)[1]،(گجراتي ۾: મોહનદાસ ગાંધી خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 2 آڪٽوبر 1869[2][3][4][5][6][7][8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 30 جنوري 1948 (79 سال)[2][3][4][5][9][6][7][8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
رهائش لنڊن (1888–1 جُونِ 1891)[7]
ڀارت (1 جُونِ 1891–1893)[7]
ڏکڻ آفريڪا (1893–1915)[7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
قد
مذهب هندو مت[7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو religion (P140) وڪي ڊيٽا تي
جماعت آل انڊيا ڪانگريس[7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
پيشو سياستدان[10][11][12]،صحافي[7]،فلسفي[13][7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي گجراتي ٻولي[7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي هندي[7]،انگريزي ٻولي[7]،گجراتي ٻولي[14][7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر ٿوريو،گوتم ٻڌ،جان رسڪن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
دستخط
Gandhi signature.svg 
ويب سائٽ
IMDb logo.svg IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

موهنداس ڪرم چند گانڌي(انگريزي: Mohandas Karamchand Gandhi) جنھن کي رابندر ناٿ ٽئگور مھاتما گانڌي سڏيو ۽ ان نالي سان مشھور ٿيو.1915ع ڌاري ڏکڻ آفريڪا کان موٽڻ بعد گانڌي ڀارت جي سياست ۾ شامل ٿيو. ان وقت سڄي هندستان تي انگريزن جي حڪومت هئي. گانڌي هڪ خلوص دل انسان، قابل سياستدان ۽ اهنسا جو پرچارڪ هو. سندس جنم 2 آڪٽوبر 1869ع ۾ ٿيو. ڪاٺياواڙي راجڪوٽ رياست جو شهر پوربندر سندس جنم ڀومي آهي. موهن داس يعني غلام ڪرشن جي باري ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندس وڏا اصل ۾ ننگر پارڪر کان 12 ميل پري پاري نگر جا رهواسي هئا. هن انگلينڊ مان 1891ع ۾ بيريسٽري پاس ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. هن اُتي مئي 1894ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي شاخ قائم ڪئي.

جليانوالا باغ ۾ انگريزن طرفان ڪيل خون ريزي کان پوءِ ھن هندن ۽ مسلمانن کي گڏجي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪيو. جڏهن سڀني جماعتن جا اجلاس گڏ ٿيڻ لڳا ته گانڌي جي حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هو مسلمانن توڙي هندن جو محبوب رهنما بڻجي اڀريو. 1922ع ڌاري کيس ڇهن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو پر سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ٻن سالن اندر آزاد ڪيو ويو. 1930ع ۾ هن جڳ مشهور لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي هلچل هلائي. ان دوران ٻه ڀيرا کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو. اهڙي طرح سياست ۾ سرگرمي سان بهرو وٺندو رهيو.

آخر 8 آگسٽ 1940ع تي ڪانگريس کان ”هندستان خالي ڪريو“ جو ٺهراءَ پاس ڪرائي شھري نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪرايائين. انگريز سرڪار ڪانگريس کي غيرقانوني جماعت قرار ڏيئي، لکين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان وقت مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ وڇوٽين جي ڪري ٻن الڳ ملڪن جي ورهاست لاءِ ماحول سازگار هو. جڏهن ته گانڌي اهڙي ورهاڱي جي سخت خلاف هو. نيٺ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ ٿي آيو جنهن هندستان کي ورهائي پاڪستان ۽ هندستان طور ٻن الڳ ملڪن جو بنياد وڌو. ان ئي عرصي ۾ مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ سخت خون ريزي ٿيندي رهي، گانڌي سمجهوتي لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ايتري قدر جو هندن جي ڪٽر فرقي پرست جماعت جي هڪ فرد گاڊسي جنوري 30، 1948ع تي صبح جي وقت پستول مان فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اڄ به ڪروڙين ماڻهو سندس مداح آهن. تاريخ جو هي يگانو فرد آهي، جنهن اهنسا جي پرچار ۾ حياتي گذاري پر نيٺ سندس موت هڪ هنساواديءَ هٿان ٿيو.

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي مهاتما گانڌي اپيل[سنواريو]

جيڪڏهن منهنجو آواز مهاتما جيءَ (Gandhi Jee) تائين پهچي ٿو ته مان کيس درخواست ڪندس ته هو ڪنهن به سنڌيءَ کي لڏپلاڻ جي صلاح نه ڏي. مان هجرت جو تجربو پنهنجو پاڻ تي ڪري چڪو آهيان. مان هندستاني مهاجرن کي ڪابل ۾ ۽ بلگيريا (بلغاريه) ۽ سربيا جي ترڪ مهاجرن جي استنبول ۾ پريشاني ڏسي چڪو آهيان. مهاتما جي منهنجي خيال ۾ ان لفظ لڏپلاڻ (هجرت) جو پسمنظر خواب ۾ به ڪونه ڏٺو هوندو. مان سنڌي آهيان ۽ سنڌين کي سڃاڻان ٿو. هو جيڪڏهن غلطي ڪن ته هڪ سنڌي کين سنئين واٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ سولائيءَ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. مهاتما عام طور نيڪ طبع انسان آهن. منجهن هندو ۽ مسلمان جو ڪو به فرق ڪونهي. منهنجو پروگرام ڏاڍو چٽو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان، ڪنهن هندوءَ جو مال ڦريو آهي ته ان کي واپس ڪرايو وڃي. جيڪڏهن مسلمان ڪنهن هندؤ کي قتل ڪيو آهي ته عدالت ۾ وڃي پنهنجو ڏوهه باسي. هيءُ ياد رهي ته هن وقت مان شهري فسادن جي ذميواري نه ٿو کڻي سگهان، ان لاءِ گورنمينٽ جي ذميدار آفيسرن کي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻهراڙيءَ جي سڌارن ۾ مان گورنمينٽ جو هڪ مددگار بڻجي ڪم ڪندس. [15] [16]

مائونٽ بيٽن (Mountbatten)، گانڌي لاءِ ڪا سٺي راءِ نه رکندو هو. پنهنجي ذاتي رپورٽ ۾ L/PO/6.123:ff155-62 هن (مائونٽ بيٽن )لنڊن ۾ موجود اعلئ اختيارين کي لکيو ته: ".....مون کيس (گانڌي کي ) چئي ڏنو هو ته هو هڪ مدي خارج پوڙهو ۽ خطرناڪ ٽراٽسڪائسٽ آهي" [17] [18] ۽ ائين هن گانڌي کي سڄي ان منظرنامي يعني اختيارين جي منتقلي مان مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ڇڏيو. گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد برطانوي راڄ لاءِ ڄڻ ته اک جو ڪنڊو بڻجي چڪا هئا. تنهنڪري انهن ٻنهي مان جند ڇڏائڻ لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪيا ويا. جن ۾ مکيه قومي رهنمائن سان ڌڪار وارو ورتاءُ شامل هو.ايتريقدر جو ٻيو ته ٺهيو پر ونسٽن چرچل (Winston Churchill) جهڙو ماڻهو به انهي مرضي کان نيارو نه هو. چرچل کي ته گانڌي جي لباس تي به اعتراض هو. هڪ ڀيري چئي ڏنائين : " هي وڪيل جيڪو ڪنهن وقت ڪنهن مندر جو ٻائو هو. هاڻي ڦري هڪ فتني باز ساڌو بڻجي ويو آهي...۽ هليو آهي شهنشاهه سلامت جي نمائندي سان برابري جي بنياد تي صلح سانت جون ڳالهيون ڪرڻ. [19]

حوالا[سنواريو]

  1. Mahatma Gandhi — اخذ شدہ بتاریخ: 22 جُولاءِ 2018 — شائع شدہ از: سوانح نگاري
  2. 2.0 2.1 اجازت نامہ: CC0
  3. 3.0 3.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11904030r — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  4. 4.0 4.1 SNAC Ark ID: http://snaccooperative.org/ark:/99166/w6110pkc — named as: Mahatma Gandhi — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. 5.0 5.1 Find A Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/cgi-bin/fg.cgi?page=gr&GRid=22952 — named as: Mohandas Karamchand Gandhi — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  6. 6.0 6.1 Babelio author ID: https://www.babelio.com/auteur/wd/30535 — named as: Mahatma Gandhi — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  7. 7.00 7.01 7.02 7.03 7.04 7.05 7.06 7.07 7.08 7.09 7.10 7.11 7.12 Mahatma Gandhi Biography — اخذ شدہ بتاریخ: 22 جُولاءِ 2018 — شائع شدہ از: سوانح نگاري
  8. 8.0 8.1 named as: Mohandas Karamchand Gandhi — Filmportal ID: https://www.filmportal.de/5237e24523334846ac1e310fb935f6ee — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  9. http://www.nndb.com/people/653/000065458/
  10. اجازت نامہ: CC0
  11. http://www.bbc.co.uk/pressoffice/pressreleases/stories/2005/03_march/31/arts.shtml
  12. Mahatma Gandhi biography — اخذ شدہ بتاریخ: 22 جُولاءِ 2018 — شائع شدہ از: سوانح نگاري
  13. http://www.tandfonline.com/doi/full/10.1080/19472498.2013.863008
  14. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11904030r — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  15. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون (مولانا عبيدالله سنڌي / ثناءُ الله سومرو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  16. ڪتاب: مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون
  17. رپورٽ ۾ L/PO/6.123:ff155-62
  18. ختيارين جي منتقلي جلد ٻارهون ص 896
  19. James Moris Farewell the Trumpets An Imperial Rereat pp293
  • جديد سياست جا نو رتن، ليکڪ جي ايم سيد
  • گانڌي، ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي