حسينه واجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيخ حسينه واجد
শেখ হাসিনা
وزيراعظم بنگلا ديش
دفتر سنڀاليو
6 جنوري 2009
صدر عياض الدين


ظل الرحمان

عبدالحميد
پيشرو فخرالدين احمد (برقرار)
عهدو سنڀاليو
23 جون 1996 – 15 جولائي 2001
صدر عبدالرحمان بيوس
شھاب الدين احمد
پيشرو مجيب الرحمان (برقرار)
جانشين لطيف الرحمان (برقرار)
بنگلاديش جي مخالف ڌر جو اڳواڻ
عهدو سنڀاليو
10 آڪٽوبر 2001 – 29 آڪٽوبر 2006
پيشرو خالدہ ضياء
جانشين خالدہ ضياء
عهدو سنڀاليو
20 مارچ 1991 – 30 مارچ 1996
پيشرو عبدالرب
جانشين خالدہ ضياء
قائد عوامي ليگ
دفتر سنڀاليو
17 مئي 1981
پيشرو اسد الزمان خان
ذاتي تفصيل
پيدائش سيپٽمبر 1947 (عمر 76 سال)
تنگي پارا، گوپال گنج ضلعو, اوڀر بنگال, پاڪستان
( موجوده بنگلادیش)
سياسي جماعت عوامي ليگ
ٻيون سياسي
وابستگيون
گرينڊ الائنس (بنگلاديش) گرينڊ الائنس (2008– جاري)
جيون ساٿي ايم. اي. واجد ميان (ش. 1968; بيوہ 2009)
ٻار ٻچا ساجيب واجد
صائمه واجد
مادر علمي
مذهب اسلام

شيخ حسينه واجد بنگلا ديش جي خاتون وزيراعظم ۽ شيخ مجيب الرحمان جي صاحبزادي آهي ۽ بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم شيخ حسينا واجد، 26 ڊسمبر 1947ع تي بنگلاديش جي هڪ ڳوٺ ’نتجيپارا‘ ۾ جنم ورتو.

ابتدائي تعليم[سنواريو]

هن پرائمري تعليم ڪريلاڪوپا اسڪول مان حاصل ڪئي. هن ننڍپڻ وارا ڏينهن پنهنجي ڏاڏاڻن سان گذاريا. ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس ’عظيم پور‘ گرلس اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. هن سياسي تربيت پنهنجي والد کان ورتي ۽ پنهنجي پيءُ جي سياسي فلسفي کان گهڻي متاثر هئي. اسڪول واري زندگيءَ دوران ئي شيخ حسينا تمام وڏن سياسي اڳواڻن جهڙوڪ: شير بنگال اي. ڪي. فضل الحق، حسين شهيد سهروردي ۽ مولانا ڀاشانيءَ سان ملندي رهندي هئي. نائين ڪلاس دوران ’علم شهريت‘ جي پرچي ۾ کيس ان ڪري فيل ڪيو ويو، جو هن ايوب خان جي پاليسين جي تعريف نه ڪئي. هن جي جوابي ڪاپيءَ تي استاد نوٽ هنيو ته ’ڇوڪري وڏن اڳواڻن جون تقريرون گهڻيون ٻڌيون آهن، جڏهن ته ڪورس جا ڪتاب گهٽ پڙهيا آهن‘. هن مئٽرڪ جو امتحان 1966ع ۾ قمرالنساءِ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو. ان کان پوءِ کيس ايڊن گرلس ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو. حسينا پنهنجي ڪاليج واري دور ۾ شاگردن جي سياسي جماعت جو بنياد رکيو، جنهن جي پاڻ اڳواڻ بڻي. شيخ حسينا شاگردن ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي، هن جي شخصيت ۽ ڪردار کان ڪيتريون ئي ڇوڪريون متاثر هيون. شيخ حسينا 1968ع ۾ پي. ٽي. سي جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ هن بنگالي ادب ۾ (بي. اي آنرس) ڪرڻ لاءِ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ پنهنجي والد جي تربيت هيٺ رهي، جنهن کيس سيکاريو ته سياست جو اصل مقصد قوم جي خدمت ڪرڻ آهي.

سياسي جفاڪشي[سنواريو]

شيخ حسينا ايوب خان جي آمريت خلاف 1962ع واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اها تحريڪ حسين شهيد سهرورديءَ جي گرفتاريءَ خلاف هلائي ويئي هئي. 18 نومبر تي حسينه ۽ سندس مڙس ڍاڪا جيل ۾ شيخ مجيب سان ملاقات لاءِ ويا، جتي کيس نظربند رکيو ويو هو. 1974ع ۾ جڏهن شيخ مجيب ماسڪو ويو ته حسينا پيءُ جي واپسيءَ تائين پنهنجي گهر ۾ رهي. 1981ع ۾ شيخ حسينا عوامي ليگ جي صدر چونڊي ويئي. 17 مئي 1981ع ۾ ڇهه سال جلاوطنيءَ کانپوءِ حسينا شيخ جڏهن بنگلاديش پهتي ته ڍاڪا جي هوائي اڏي تي بنگلاديش جي عوام سندس شاندار استقبال ڪيو. هن ان ڏينهن تي ’ماڻڪ ميان ايوينيو‘ ۾ لکين ماڻهن کي خطاب ڪيو. شيخ حسينا، قتل ۽ غارت جي سياست کي پسند نه ڪيو. هن عوام کي ئي اصل طاقت جو سرچشمو سمجهيو. 31 مئي 1981ع تي ’سنڊي لنڊن ٽيليگراف‘ سندس باري ۾ لکيو ته: هن جي اچڻ سان بنگلاديش اندر سياسي سرگرمين وڏو تحرڪ ورتو آهي. هن 1986ع ڌاري چونڊن حصو وٺي جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1987ع ۾ شيخ حسينا مخالف ڌر جي اڳواڻ ٿي، جنهن ۾ کيس 104 ميمبرن جي حمايت حاصل هئي. هن مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت سان پارلياماني مسئلن کي وڏي ذهانت سان اڪلايو. 1996ع واري عام اليڪشن ۾ شيخ حسينا جي جماعت عوامي ليگ 147 سيٽون کٽيون. ملڪ جي 300 تڪن تان عوامي ليگ کي 16.15 ملين ووٽ مليا، شيخ حسينا اعلان ڪيو ته هوءَ B.N.P ۽ J.A.P.A جي سياسي جماعتن سان گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ تيار آهي. جمهوريت جي بحاليءَ عيوض بنگلاديش جي عوام کيس ’جمهوريت جي ڌيءَ‘ جو خطاب ڏنو. هيءَ بنيادي طور قومپرست خيالن جي آهي، هن مشڪل مرحلن ۾ بنگلاديش اندر جمهوريت کي بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

وزير اعظم جي ڪرسي[سنواريو]

23 جون 1996ع تي شيخ حسينا بنگلاديش جي وزيراعظم طور حلف کنيو. ان بعد 2001ع ۾ اليڪشن دوران سندس مخالف ڌر ۽ بي. اين. پي جي اڳواڻ خالده ضيا چونڊون کٽي بنگلاديش جي وزير اعظم ٿي، جنهن دوران مسلسل اليڪشن نه ٿيڻ ڪري بنگلاديش جي عوام ۾ بيزاري رهي.

ٻيهر وزير اعظم[سنواريو]

2008ع ۾ حسينا واجد ٻيهر چونڊون کٽي بنگلاديش جي ٻيهر وزير اعظم ٿي آهي. هن جي حڪومت ۾ شيخ مجيب جي قاتلن کي ڦاهيءَ جي سزا آئي ۽ تازو سندس وزيراعظم هئڻ دوران سنڌ مان جي. ايم. سيد، شيخ اياز، قاضي فيض محمد ۽ ٻين کي سول اوارڊ ڏنو ويو آهي. هن جي وزيراعظم ٿيڻ سان عوام جي ڪوششن رنگ لاتو ۽ وڏي عرصي کانپوءِ بنگلاديش ۾ آمريت جي طويل دؤر جو خاتمو ٿيو ۽ جمهوريت جو سج اڀريو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012