مواد ڏانھن هلو

شاهنواز ڪنڀر جو قتل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مقامي نالو شاهنواز ڪنڀر
وقت 01:20 رات جو
تاريخ 19 سيپٽمبر 2024؛ 61 ڏينهن اَڳُ (2024-09-19)
ميدان سنڌڙي ٿاڻي جي حد
سبب ماورائي عدالت
نتيجا شاهنواز ڪنڀر جو قتل
تدفين باهه ڏيئي ساڙيو ويو
سزا يافته ڊي آئي جي جاويد جسڪاڻي جي ٽيم، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي
الزام توهين مذهب

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ۱۸ سيپٽمبر ۲۰۲۴ تي ميرپور خاص جي سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ توهين الزام هيٺ ماورائي عدالت پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. [1] 17 سيپٽمبر تي شاهنواز ڪنڀر مٿان بنا تصديق جي فيسبڪ پوسٽن ذريعي توھين رسالت جو الزام لڳايو ويو. جنهن سبب مقامي امام، صابر سومرو پاران هڪ آيف آئي آر داخل ڪرائي وئي. ايف آئي آر کان پوءِ شاهنواز کي عمرڪوٽ جي سول اسپتال ۾ سندس عهدي تان معطل ڪيو ويو.[2] [3] [4][5]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

شاهنواز، عمرڪوٽ جي سول اسپتال ۾ ۱۸ هين گريڊ جو هڪ سرڪاري ڊاڪٽر هو. هو شاگردي جي زماني ۾ تمام ھوشيار شاگرد رهيو آهي. وارثن موجب هو ذهني صحت جي مسئلن، بشمول ڊپريشن ۽ هائيپرٽيشن جو شڪار هيو.

پسمنظر

[سنواريو]

هي واقعو ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۲۴ تي ميلادالنبي جي موقعي تي پيش آيو. جڏهن ميلاد جو جلسو اوچتو وڳوڙن ۾ تبديل ٿي ويو، صورتحال ان وقت وڌيڪ خراب ٿي وئي، جڏهن پوليس وڳوڙ کي قابو ڪرڻ لاءِ پهتي، ۽ مظاهرين پوليس موبائل کي باهه ڏئي ڇڏي. وڳوڙين پوءِ عمرڪوٽ ٿاڻي تي حملو ڪري ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر تي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 295-C تحت توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪرايو. هي ڪيس مقامي مسجد جي امام، صابر سومري، جي شڪايت تي درج ٿيو، جنهن ۾ شاهنواز تي الزام لڳايو ويو ته هن سوشل ميڊيا تي محمد بابت توهين آميز پوسٽون ڪيون. [6]

ايف آئي آر درج ٿيڻ کانپوءِ، ڊاڪٽر شاهنواز کي سندس عهدي تان معطل ڪيو ويو. ان الزام کانپوءِ، شاهنواز کي سوشل ميڊيا تي سخت مخالفت ۽ نفرت کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ به احتجاجي مظاهرا ۽ تشدد جا واقعا پيش آيا. وڳوڙين رات تائين ڌرڻا جاري رکيا، ۽ سڄي رات شهر ۾ ڇڪتاڻ جي فضا ڇانيل رهي. ايندڙ ڏينهن، ۱۸ سيپٽمبر ۲۰۲۴ تي، عمرڪوٽ ۾ وڳوڙ وڌيڪ وڌي ويا. سڄو شهر بند ٿي ويو، ۽ روڊن تي ٽائر ساڙي مظاهرين احتجاج شروع ڪيو. وڳوڙين ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪلينڪ مان سامان ڪڍي شهر جي مک چوڪ تي کڻي اچي باهه ڏئي ڇڏي. [7]

ساڳئي ڏينهن ۱۸ سيپٽمبر تي، تقريباً ڏينهن جو ۱۲ بجي، "علي ڪنڀر" نالي هڪ فيسبڪ آئي ڊي تان وڊيو اپلوڊ ٿي، جنهن ۾ شاهنواز چيو ته "منهنجي پراڻي آئي ڊي شاهنواز شاهه جي نالي سان آهي جيڪا صفا پراڻي آهي ۽ آئون هاڻي ان کي استعمال ناهيان ڪندو." هن وڊيو ۾ هو ڏيکاري رهيو آهي ته هو هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ موجود آهي. ياد رهي ته هن اڪائونٽ تي ڪيتريون ئي ٻيون پوسٽون به موجود آهن، جن ۾ شاهنواز اهو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هو هڪ سچو مسلمان آهي، ۽ انهن پوسٽن سان سندس ڪو به واسطو ناهي. هن اهو به لکيو ته پوليس ۽ ايف آئي اي کي پنهنجو موبائيل ڏنو آهي، جنهن جي اسڪيننگ پڻ ڪئي وئي آهي. [8]

ڊاڪٽر شاهنواز جي موت ۱۸-۱۹ سيپٽمبر ۲۰۲۴ جي رات دير سان سنڌڙي واري علائقي ۾ هڪ پوليس مقابلي دوران ٿي. پوليس رپورٽن مطابق، هڪ معمولي گشت دوران جڏهن پوليس ڊاڪٽر شاهنواز ۽ هڪ ساٿي کي روڪيو ته ھننن فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس دعويٰ ڪئي ته ڊاڪٽر شاهنواز پنهنجي ئي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ڊاڪٽر شاهنواز جي خاندان وارن هن واقعي کي ڪوڙو قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته اهو مقابلو جعلي هو ۽ ڊاڪٽر شاهنواز پوليس جي حفاظت لاءِ پاڻمرادو پيش ٿيو. [9]

سنڌ جي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار، ، سنڌ اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي چيو ته شاھنواز کي مبينا طور ميرپورخاص ۾ ماريو ويو، جڏهن ته ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ ماورائي عدالت قتل آھي. [10] ضيا الحسن لنجار چيو ته ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص، سي آءِ اي ٽيم ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو پيو وڃي، جيستائين جاچ مڪمل ٿئي.[11]

سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بيان ڏنو ته ڊاڪٽر شاهنواز لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سي) جو هڪ بهترين شاگرد هو، پر بعد ۾ هو منشيات جي عادت جو شڪار ٿي ويو (اهو دعويٰ سندس ماءُ بہ ھڪ وڊيو پيغام ذريعي ڪئي). هو ۲۰۲۰ کان ھو ڊائو يونيورسٽي ۾ ذهني بيماري سبب زر علاج ھو. هن انڪشاف ڪيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ موجود هو ۽ کيس ڪراچي مان سندن چوڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو، ۽ سردار شاهه جو چوڻ هو ته پوليس ڊپارمنٽ مون سان رابطي هئي، جڏهن پوليس دعويٰ ڪئي ته هو مبينه مقابلي ۾ مارجي ويو، تڏهن کيس ميرپورخاص منتقل ڪيو پئي ويو. سردار شاهه پوليس جي مقابلي تي شڪ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا هاڻ اسان هر ڪنهن کي، جيڪو ذهني بيمارين جو شڪار آهي، گوليون هڻي مارينداسين؟

پوليس مٿان تنقيد

[سنواريو]

پوليس تي تنقيد تڏهن شروع ٿي، جڏهن ال خدمت فائونڊيشن پاران شاهنواز جي قتل ٿيڻ کانپوءِ عمرڪوٽ ۾ مذهبي جماعتن ۽ وڳوڙين سان گڏ پوليس آفيسرن، ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي چوڌري اسد، ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي پير امير بخش جيلاني تي ۵ مڻ کان وڌيڪ گل نڇاور ڪيا ويا. ان کان علاوه، ايس ايس پي آفيس ۾ ريڊ ڪارپيٽ وڇائي، انهن مٿان گل وڇايا ويا ۽ گلن جا هار پارايا ويا. [12][13]

خانداني مؤقف

[سنواريو]

بي بي سي مطابق شروعاتي بيانن ۾ ڊاڪٽر ڪنڀر جي ماروائي عدالت قتل کان پوءِ عمرڪوٽ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جتي مقامي مذهبي گروهن ۽ وڳوڙين احتجاج منظم ڪيا. هڪ غصي ۾ آيل ميڙ ڊاڪٽر ڪنڀر جي لاش کي، جڏهن ان کي دفنائڻ لاءِ کنيو پئي ويو، رستي ۾ روڪي ورتو ۽ پوءِ ان کي باهه ڏئي ڇڏي.

سندن ماءُ جو چوڻ آهي ته "ڳوٺ وارن ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ڇهه ڪلاڪ تائين سندس پيءُ لاش کڻي گهمندو پئي رهيو، بعد ۾ زبردستي پنهنجي زمين ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڳوڙين لاش ڦري باهه ڏيئي ڇڏي" ڊاڪٽر جي نياڻي جو چوڻ آهي ته "منهنجي بابا کي ڊي جي آئي جاويد جسڪاڻي، ايس ايڇ او سنڌڙي ۽ ايس ايس پي قتل ڪرايو آهي." [14] سندس زال جو چوڻ آهي ته "منهنجي مڙس کي بي رحم قتل ڪري ان جي لاش سان به بي حرمتي ڪئي وئي آهي.

هيومن رائٽس ڪميشن جو موقف

[سنواريو]

انساني حقن واري ڪميشن پاڪستان (HRCP) ڊاڪٽر ڪنڀر جي غيرقانوني قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي توهين رسالت جي ڪيسن جي نبيرڻ ۾ احتساب جو مطالبو ڪيو. [15][16]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Pakistan police shoot dead blasphemy suspect". BBCnews. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  2. "ڈاکٹر شاہنواز: ’ہم جلتی لاش کے شعلے دیکھ رہے تھے اور آس پاس کھڑے لوگ نعرے لگا رہے تھے‘". BBC Urdu. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  3. "Pakistan police fatally shoot blasphemy suspect in second such killing in a week". CNN News. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  4. "Sindh CM suspends Mirpurkhas DIG, SSP". Duniya News. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  5. "Body formed to probe facts about killing of blasphemy suspect doctor in Mirpurkhas". Dawn. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  6. "Police in southern Pakistan shoot dead blasphemy suspect". The Guardian. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  7. "Doctor accused of blasphemy killed in alleged encounter in Pakistan". ANI News. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  8. "Blasphemy suspect killed in Mirpurkhas police encounter". Dawn. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  9. "Pakistani police kill second blasphemy suspect within a week". Voice of America. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  10. "Inquiry ordered into Umerkot blasphemy suspects extrajudicial killing". Dawn. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  11. "Umerkot doctor accused of blasphemy shot dead in encounter police". Dawn. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  12. "Applauded and showered with rose petals by locals, Pakistan policemen who killed blasphemy suspect suspended". Firstpost. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  13. "Sindh Residents Worried After Blasphemy-Accused Man Killed in Pak's Second Case in 9 Days". The Wire. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  14. "Dr. Shahnawaz Kumbhar, who was extrajudicially killed by a mob and police officers under the accusation of blasphemy". Twitter. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  15. "Amnesty International calls for impartial probe into killings of 2 blasphemy suspects". Dawn. حاصل ڪيل September 22, 2024. 
  16. "Rights activists demand judicial probe into police killing of blasphemy accused in Pakistan". Arab News. حاصل ڪيل September 22, 2024.