مواد ڏانھن هلو

ڪراچي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 108: سِٽَ 108:
== ڪراچي انگريزن جي دور ۾ ==
== ڪراچي انگريزن جي دور ۾ ==
ڪراچيءَ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 3 فيبروري 1839 تي حملو ڪري [[منھوڙو|منھوڙي]] واري مٽيءَ جي ٺھيل [[ڪچو قلعو|ڪچي قلعي]] کي گولي باري سان تباھ ڪيو ۽ ھن وسنديءَ تي قبضو ڪيو. 1843 ۾ ڪمپني سرڪار جي [[ميجر جنرل]] [[چارلس نيپيئر]] [[مياڻيءَ جي جنگ]] کٽي ڪراچيءَ کي سنڌ جو پھريون دفعو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. انگريزن کي هن شھر جي اھميت جو اندازو ھيو ۽ انھن 1854 ۾ [[ڪراچي پورٽ]] قائم ڪيو. بندرگاه جي قيام سان ھي شھر آمد و رفت جو وڏو مرڪز بڻيو ۽ کيس روڊن ۽ ريلوي نظام ذريعي سنڌ جي اندروني شھرن ۽ پنجاب سان ملايو ويو..<ref>{{cite book|last1=Blood|first1=Peter R.|title=Pakistan: A Country Study|date=1996|publisher=DIANE Publishing |isbn=978-0-7881-3631-3|page=96}}</ref>برطانوي سرڪار ڪراچيء پھرين [[اينگلو افغان جنگ]] جي ڪري پنھنجي فوج کي مدد ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ فوجي [[ڇانوڻي]] قائم ڪئي جيڪا ھڪ فوجي [[گيريزن]] جي درجي واري ھئي. 1865
ڪراچيءَ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 3 فيبروري 1839 تي حملو ڪري [[منھوڙو|منھوڙي]] واري مٽيءَ جي ٺھيل [[ڪچو قلعو|ڪچي قلعي]] کي گولي باري سان تباھ ڪيو ۽ ھن وسنديءَ تي قبضو ڪيو. 1843 ۾ ڪمپني سرڪار جي [[ميجر جنرل]] [[چارلس نيپيئر]] [[مياڻيءَ جي جنگ]] کٽي ڪراچيءَ کي سنڌ جو پھريون دفعو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. انگريزن کي هن شھر جي اھميت جو اندازو ھيو ۽ انھن 1854 ۾ [[ڪراچي پورٽ]] قائم ڪيو. بندرگاه جي قيام سان ھي شھر آمد و رفت جو وڏو مرڪز بڻيو ۽ کيس روڊن ۽ ريلوي نظام ذريعي سنڌ جي اندروني شھرن ۽ پنجاب سان ملايو ويو..<ref>{{cite book|last1=Blood|first1=Peter R.|title=Pakistan: A Country Study|date=1996|publisher=DIANE Publishing |isbn=978-0-7881-3631-3|page=96}}</ref>برطانوي سرڪار ڪراچيء پھرين [[اينگلو افغان جنگ]] جي ڪري پنھنجي فوج کي مدد ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ فوجي [[ڇانوڻي]] قائم ڪئي جيڪا ھڪ فوجي [[گيريزن]] جي درجي واري ھئي. 1865
۾ [[فريئر ھال]] ۽ ملڪہ برطانيه جي گولڊن جوبلي جي ياد ۾ [[ايمپريس مارڪيٽ]] واري عمارت ٺاھي وئي. 1878 ۾ ڪراچيءَ کي برٽش ريلوي سسٽم سان ڳنڍيو ويو.1899 ۾ ڪراچي [[ڪڻڪ]] برآمد ڪرڻ وارو [[اوڀر]] جي سڀ کان وڏي بندرگاه بڻجي وئي.<ref>[Herbert Feldman [1970]: ''Karachi Through a Hundred Years: The Centenary History of the Karachi Chamber of Commerce and Industry 1860–1960''. 2. ed. Karachi: Oxford University Press (1960).]</ref> انگريز سرڪار جي شروع ڪيل وڏن ترقياتي منصوبن جي ڪري ٻاھران مختلف قومن ۽ مذھبن جي آبادي جو واڌارو ٿيندو رھيو جنھن ۾ برطانوي انگريز، [[پارسي]]، [[مراٺي]]، [[گوا]] جا عيسائي ۽ ٻيا شامل ھئا. [[يھودي|يھودين]] به 1893 ۾ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان پھريون [[سنگاگ]] ٺاھيو جنھن جو نالو [[مگئن شالوم]] رکيائون.<ref>{{cite book|editor1-last=Askari|editor1-first=Sabiah|title=Studies on Karachi: Papers Presented at the Karachi Conference 2013|date=2015|publisher=Cambridge Scholars Publishing|isbn=978-1-4438-8450-1 |pages=325}}</ref>ڪراچيءَ ۾ [[ميونسپل ڪاميٽي ڪراچي|ميونسپل ڪاميٽي]] قائم ڪئي وئي جنھن جو پھريون [[ميئر]] [[سيٺ هرچند راءِ وشنداس]] 1911 ۾ بڻيو جنھن کي جديد ڪراچيءَ جو ابو سڏيندا هئا.<ref name="nadeemf.paracha">{{cite web|url=http://www.dawn.com/news/1134284|title=Visual Karachi: From Paris of Asia, to City of Lights, to Hell on Earth|author=Nadeem F. Paracha|work=dawn.com|accessdate=10 March 2016}}</ref>
۾ [[فريئر ھال]] ۽ ملڪہ برطانيه جي گولڊن جوبلي جي ياد ۾ [[ايمپريس مارڪيٽ]] واري عمارت ٺاھي وئي. 1878 ۾ ڪراچيءَ کي برٽش ريلوي سسٽم سان ڳنڍيو ويو.1899 ۾ ڪراچي [[ڪڻڪ]] برآمد ڪرڻ وارو [[اوڀر]] جي سڀ کان وڏي بندرگاه بڻجي وئي.<ref>[Herbert Feldman [1970]: ''Karachi Through a Hundred Years: The Centenary History of the Karachi Chamber of Commerce and Industry 1860–1960''. 2. ed. Karachi: Oxford University Press (1960).]</ref> انگريز سرڪار جي شروع ڪيل وڏن ترقياتي منصوبن جي ڪري ٻاھران مختلف قومن ۽ مذھبن جي آبادي جو واڌارو ٿيندو رھيو جنھن ۾ برطانوي انگريز، [[پارسي]]، [[مراٺي]]، [[گوا]] جا عيسائي ۽ ٻيا شامل ھئا. [[يھودي|يھودين]] به 1893 ۾ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان پھريون [[سنگاگ]] ٺاھيو جنھن جو نالو [[مگئن شالوم]] رکيائون.<ref>{{cite book|editor1-last=Askari|editor1-first=Sabiah|title=Studies on Karachi: Papers Presented at the Karachi Conference 2013|date=2015|publisher=Cambridge Scholars Publishing|isbn=978-1-4438-8450-1 |pages=325}}</ref>ڪراچيءَ ۾ [[ميونسپل ڪاميٽي ڪراچي|ميونسپل ڪاميٽي]] قائم ڪئي وئي جنھن جو پھريون [[ميئر]] [[سيٺ هرچند راءِ وشنداس]] 1911 ۾ بڻيو جنھن کي جديد ڪراچيءَ جو ابو سڏيندا هئا.<ref name="nadeemf.paracha">{{cite web|url=http://www.dawn.com/news/1134284|title=Visual Karachi: From Paris of Asia, to City of Lights, to Hell on Earth|author=Nadeem F. Paracha|work=dawn.com|accessdate=10 March 2016}}</ref>وزیر اعظم عمران خان کراچی میں میڈیا [https://www.etcnews.tv/prime-minister-imran-khan-media-talk-karachi-10-july-2019/ ٹاک]


[[فائل:Frere-Hall-Karachi-Shamail.jpg|thumb|360px|[[فريئر ھال]] انگريزن جي دؤر جي ڪراچيءَ ۾ ٺھيل مشھور عمارت]]
[[فائل:Frere-Hall-Karachi-Shamail.jpg|thumb|360px|[[فريئر ھال]] انگريزن جي دؤر جي ڪراچيءَ ۾ ٺھيل مشھور عمارت]]
سِٽَ 206: سِٽَ 206:
[[File:Muhatta Palace, Karachi.jpg|250px|thumb|ڪراچي جو مھاٽا پيليس ميوزيم ]]
[[File:Muhatta Palace, Karachi.jpg|250px|thumb|ڪراچي جو مھاٽا پيليس ميوزيم ]]


[[فائل:Adventure karachi 09.jpg|thumb|کاٻو|upright=
[[فائل:Adventure karachi 09.jpg|thumb|کاٻو|سياحتي ايڊوينچر|link=Special:FilePath/Adventure_karachi_09.jpg]]
2|سياحتي ايڊوينچر]]


[[فائل:Adventure karachi 10.jpg|thumb|کاٻو|upright=
[[فائل:Adventure karachi 10.jpg|thumb|کاٻو|سياحت|link=Special:FilePath/Adventure_karachi_10.jpg]]
2|سياحت]]


== ھوٽلون ==
== ھوٽلون ==

ورجاءُ بمطابق 13:13, 21 اپريل 2020ع

ڪراچي
کراچی
پاڪستان جو ميٽروپولس
فائل:Karachi rising skyline.jpg
عرفيت: روشنين جو شھر
شھر قائد
ڪراچي is located in سنڌ
ڪراچي
ڪراچي
ڪراچي is located in Pakistan
ڪراچي
ڪراچي
ڪراچي is located in Asia
ڪراچي
ڪراچي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°51′36″N 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E / 24.86000; 67.01000مڪانيت: 24°51′36″N 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E / 24.86000; 67.01000
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ سنڌ
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن 2011
سٽي ڪائونسل سٽي ڪمپليڪس، گلشن اقبال ٽاؤن، ڪراچي
ڪراچيء جا ضلعا [2]
حڪومت [3]
 • قسم ميٽروپوليٽن شهر
 • ميئر وسيم اختر
 • ڊپٽي ميئر ارشد ووھرا
پکيڙ[4]
 • ڪل 3,780 ڪ.م2 (1,460 ميل2)
بلندي 8 ميل (26 ft)
آبادي (2017 پاڪستان جي آدمشماري، 2017)[5]
 • ڪل 14,910,352[1] (provisional)

ڪراچي (اردو: کراچی) (انگريزي: Karachi)پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي,[8][9] وڏن شهرن جي لسٽ [10][11]

تفصيلي تعارف

ھن جو شمار بيٽا ورلڊ سٽي ۾ ٿئي ٿو. [12][13]شھر پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي ۽ مالياتي مرڪز آھي [14] ء پاڪستان جو ڪاسموپوليٽن شھر آھي. [15] ڪراچي دنيا جو ٻيون وڏو شھر آھي[16]۔ ڪراچي پاڪستان جي صوبي سنڌ جو گادي جو ھنڌ آھي۔ ڪراچي شهر وڏي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھ ۽ ھوائي اڏو بہ ڪراچي ۾ قائم آھي۔ ڪراچي 1947ع کان 1960ع تائين پاڪستان جي گاديء جو ھنڌ بہ رھيو. ڪراچي شهر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر هن خطي جو هڪ اهم بندر پڻ آهي.

هاڻوڪي ڪراچي جي جڳهه تي واقع قديم ماهي گيرن جي بستين مان هڪ جو نال ڪولاچي جو ڳوٺ هيو. انگريزن اڻويهين صدي ۾ هن شهر جي تعمير و ترقي جا بنيادَ وڌا. 1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي جي وقت ڪراچی کي نيئن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ چونڊيو ويو. ان ڪارڻ شهر ۾ لکين مهاجر اچي آباد ٿيا. پاڪستان جي گاديء جو هنڌ ۽ بين الاقوامي بندرگاهه هئڻ جي ڪارڻ شهر ۾ صنعتي سرگرميون ٻين شهرن کان پهريان شروع ٿي ويون. 1959ع ۾ پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد نئيو ويو پر ڪراچي جي آبادي ۽ معيشت ۾ ترقی جي رفتار گهٽ ناهي ٿي۔ . سڄي پاڪستان مان ماڻهون روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي ايندا آهن ۽ ان جي ڪارڻ هتي مختلف مذهبي، نسلي ۽ لساني گروهه آباد آهن. ڪراچي کي ان ڪري مني پاڪستان (Mini Pakistan) يا ننڍو پاڪستان بہ چيو ويندو آهي. هن شهر ۾ مختلف گروهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪارڻ 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ ڪراچي لساني فسادن، تشدد ۽ دهشتگردي جو شڪار رهيو. بگڙندڙ حالتن کي سنڀالڻ جي لاء پاڪ فوج کي به ڪراچی ۾ مداخلت ڪرڻي پئي. ايڪويهين صدي ۾ تيز قومي معاشي ترقي سان گڏ و گڏ ڪراچي جي حالتن ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي. ڪراچي جي امن جي صورتحال اڳي کان بهتر ٿي آهي ۽ شهر ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار ۾ سٺو واڌارو آيو آهي. ڪراچي سنڌو درياءَ جي ڪناري جي اترين حد تي آهي. شهر هڪ قدرتي بندرگاهه جي چوڌاري اڏيل آهي. ڪراچي 52´ 24° اتر ۽ 03´ 67° اوڀر تي واقع آهي.

نالو

ڪراچيءَ جو نالو مائي ڪولاچي جي نالي مان نڪتل سڏجي ٿو. ڪراچي جو نالو سڀ کان پهرين 1742 ۾ ڊچ ٻوليءَ جي ھڪ ڪاغذ ۾ ڏيکاريل آهي تہ ان ڪراچيءَ واري وسندي لڳ ھڪ واپاري جھاز ٽڪرجي تباھ ٿيو جنھن جو نالو de Ridderkerk ھو.[17][18]

تاريخ

ڪراچي جي هڪ قديم تصوير 1889ع

مائي ڪولاچي جي وسندي جو بنياد 1729 ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو. جتي هينئر ڪراچي آهي. اتي اڳي ڪو به شھر ڪو نه هو. سمنڊ جي هڪڙي ڇاڙ ٿي آئي ۽ ڪي مهاڻن جا گهر هئا ۽ ڪي هندو واپاري هئا ۽ انهيءَ هنڌ کي ڪلاچيءَ جو ڪُنُ چوندا هئا. جو نالو شاھ جي رسالي ۾ به آيل آهي. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا، اهي جوکين جي ڄام جي نظر هيٺ هوندا هئا. پوءِ اتي هڪڙو جهنگلي ڪوٽ ٺاهيائون، جنهن کي ڪلاچي ڪوٽ چوندا هئا ۽ قلات جي خان جي هٿ ۾ هو، جنهن کي ڪلهوڙن ڏيئي ڇڏيو هو، پر سنه 1795ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر اهو هٿ ڪيو ۽ اتي هڪڙو حاڪم مقرر ڪيائون ۽ اتي جي هندو واپارين مان لک ڏيڍ پيدا ٿيندو هون. ورهيه ٻن کان پوءِ انهيءَ جي بچاءَ لاءِ ميرن منوڙي تي هڪڙو ڪوٽ ٺهرايو. جو پوءِ سنه 1839ع ۾ انگريزن ورتو. پوءِ ٿورو ٿورو ٿي وڌندو ويو ۽ هاڻي ته سنڌ جو وڏو شهر ۽ وڏو بندر شمار ڪيل آهي.[19]

ڪراچي، جنهن کي اڳي ڪلاچي چوندا هئا ۽ جنهن جو ذڪر مٿي آيو آهي، سا اڳي ننڍڙو ڳوٺ هئي، جتي مهاڻا ۽ ڪي واڻيا رهندا هئا. ميان نور محمد جي راڄ ۾ سنه 1155هه (سن 1742ع) ۾، نادر شاهه بادشاهه سورت بندر ۾ ڪي جهاز ٺهرايا هئا، تن جي وٺڻ لاءِ مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي ڪراچيءَ آيو ۽ اتان ٿي ٺٽي آيو ۽ ميان نور محمد (نواب شاه قلي خان) هن جي پيشوا ويو ۽ هن کي ٺٽي ۾ آڻي رهايائين. ٻن مهينن کان پوءِ هو هليو ويو. ڪراچي تڏهن قلات جي خان جي ملڪ ۾ هئي. سنه 1190هه (سنه 1777ع) ۾ مير بجار خان حج تان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ مان لهي شهدادپور آيو، جتي مير رهندا هئا. سنه 1207هه (سنه 1792ع) ۾ قلات جي خان جو ناٺي زرڪ خان ميان عبدالنبيءَ کي مدد ڏيندي ۽ ميرن سان وڙهندي مارجي ويو هو. انهيءَ جي عيوض ۾ ميان عبدالنبيءَ ڪراچي ۽ ڪُورن وارو ڀاڱو قلات جي خان کي ڏيئي ڇڏيو هو، سو هاڻ مير غلام علي خان وري ورتو ۽ ڪراچي ميرن جي هٿ ۾ آئي. سنه 1252هه (سنه 1836ع) ۾ انگريز سرڪار شاه شجاع الملڪ جي مدد لاءِ لشڪر ٿي موڪليو، جو ڪراچي اچي لٿو.، ميرن انهيءَ کي درياه جي رستي سنڌ مان لنگهڻ نٿي ڏنو. پر انگريز توبون هڻي منهڙي جو ڪوٽ ڀڃي زور سان ڪراچيءَ ۾ اچي لٿا ۽ پوءِ درياه جي رستي لنگهي ويا. ميرن جي طرفان آغا اسماعيل شاه وڪيل ٿي ڪراچيءَ ويو ۽ سرجان ڪين سان وڃي ٺهراءُ ڪيائين ۽ انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ هڪڙو عهدنامو ٿيو. سنه 1258هه _سنه 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر پوني مان سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿي ڪراچي آيو ۽ اُتان آگبوٽ تي چڙهي حيدرآباد ۾ آيو، جتي مير نصير خان سان ملاقات ڪيائين ۽ ٻين ميرن کي به گڏيو ۽ ٻيو عهدنامو ڪيائين، جنهن موجب ڪراچي، شڪارپور، عمرڪوٽ ۽ سبزلڪوٽ انگريز سرڪار کي مليا.[20]

پندرھين يا ارڙھين صديء جا چؤکنڊيء وارا قبا جيڪي ڪراچيء جي اوڀر طرف 29ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھن.

ڪراچي انگريزن جي دور ۾

ڪراچيءَ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 3 فيبروري 1839 تي حملو ڪري منھوڙي واري مٽيءَ جي ٺھيل ڪچي قلعي کي گولي باري سان تباھ ڪيو ۽ ھن وسنديءَ تي قبضو ڪيو. 1843 ۾ ڪمپني سرڪار جي ميجر جنرل چارلس نيپيئر مياڻيءَ جي جنگ کٽي ڪراچيءَ کي سنڌ جو پھريون دفعو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. انگريزن کي هن شھر جي اھميت جو اندازو ھيو ۽ انھن 1854 ۾ ڪراچي پورٽ قائم ڪيو. بندرگاه جي قيام سان ھي شھر آمد و رفت جو وڏو مرڪز بڻيو ۽ کيس روڊن ۽ ريلوي نظام ذريعي سنڌ جي اندروني شھرن ۽ پنجاب سان ملايو ويو..[21]برطانوي سرڪار ڪراچيء پھرين اينگلو افغان جنگ جي ڪري پنھنجي فوج کي مدد ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي جيڪا ھڪ فوجي گيريزن جي درجي واري ھئي. 1865 ۾ فريئر ھال ۽ ملڪہ برطانيه جي گولڊن جوبلي جي ياد ۾ ايمپريس مارڪيٽ واري عمارت ٺاھي وئي. 1878 ۾ ڪراچيءَ کي برٽش ريلوي سسٽم سان ڳنڍيو ويو.1899 ۾ ڪراچي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ وارو اوڀر جي سڀ کان وڏي بندرگاه بڻجي وئي.[22] انگريز سرڪار جي شروع ڪيل وڏن ترقياتي منصوبن جي ڪري ٻاھران مختلف قومن ۽ مذھبن جي آبادي جو واڌارو ٿيندو رھيو جنھن ۾ برطانوي انگريز، پارسي، مراٺي، گوا جا عيسائي ۽ ٻيا شامل ھئا. يھودين به 1893 ۾ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان پھريون سنگاگ ٺاھيو جنھن جو نالو مگئن شالوم رکيائون.[23]ڪراچيءَ ۾ ميونسپل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي جنھن جو پھريون ميئر سيٺ هرچند راءِ وشنداس 1911 ۾ بڻيو جنھن کي جديد ڪراچيءَ جو ابو سڏيندا هئا.[24]وزیر اعظم عمران خان کراچی میں میڈیا ٹاک

فريئر ھال انگريزن جي دؤر جي ڪراچيءَ ۾ ٺھيل مشھور عمارت
ڪي. ايم. سي. جي مرڪزي افيس انگريزن جي دور جي انڊو-ساراسينڪ عمارت سازي جو مثالي نمونو آھي.
انگريزن جي دور جي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي عمارت.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي مرڪزي آفيس جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٺھرائي.

پاڪستان جي قيام بعد

پاڪستان ٺھڻ وقت ڪراچي سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر هو جنهن جي آبادي 400000 لک ھئي.[15] ھي شھر انڊيا مان ايندڙ مسلمان مھاجرن جو مرڪز بڻيو. انھن جي ڪراچي ۾ آمد 1960 تائين جاري رھي. شھر ۾ ٻاھران آيل ماڻهن جي ان اضافي ڪراچيءَ جي آبادي جي انگن اکرن ۽ معيشت کي بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ کي پاڪستان جو پھريون گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو بعد ۾ 1958 ۾ گاديءَ جو هنڌ راولپنڊي منتقل ڪيو ويو.[25] پرڏيھي سفارتخانا پڻ ڪراچيءَ مان منتقل ٿي ويا..[26] 1958 کان 1970 تائين ڪراچيءَ جي ون يونٽ ٺھڻ جي ڪري سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ھجڻ جي حيثيت بہ ختم ٿي وئي.[24] 1960 واري ڏھاڪي ۾ ڪراچي دنيا ۾ ھڪ رول ماڊل بڻجي ويو . ڏکڻ ڪوريا جي سيئول ڪراچي جي پنج سالن واري منصوبي کي اپنايو.[27]

انتظامي تقسيم

ڪراچي جي انتظامي ورهاست

ڪراچي انتظامي طور تي 6 ضلعن ۾ ورھايل آھي:

ڪراچي جا ضلعا
# ضلعو تعلقا پکيڙ آبادي ڇانوڻيون
1 ڪراچي ايسٽ 4 ڪابہ نہ
2 ڪراچي سينٽرل 5 ڪابہ نہ
3 ڪراچي ويسٽ 5 منوڙا ڪينٽ
4 ڪراچي سائوٿ 7 ڪراچي ڪينٽ
ڪلفٽن ڪينٽ
5 ملير ضلعو 6 ملير ڪينٽ
6 ڪورنگي ضلعو 4 ڪورنگي ڪريڪ
ڪينٽ
فيصل ڪينٽ
7 ڪياماڙي ضلعو 3

ڪراچي جا تعلقا

ڪراچي جا تعلقا يا سب ڊويزنون
ڪراچي ايسٽ ڪراچي ويسٽ ڪراچي سينٽرل ڪراچي سائوٿ ملير ضلعو ڪورنگي ضلعو
1.گلزار ھجري 1. بلديه 1.لياقت آباد 1.صدر 1.بن قاسم 1.ماڊل ڪالوني
2. گلشن اقبال 2.اورنگي 2.ناظم آباد 2.سول لائينز 2.شاھ مريد 2. ڪورنگي
3.جمشيد ڪواٽرز 3.منگھو پير 3. نارٿ ناظم آباد 3.گارڊن 3.ايئرپورٽ 3.شاھ فيصل
4. فيروز آباد 4. مومن آباد 4.گلبرگ 4.آرام باغ 4.مراد ميمڻ 4. لانڍي
5.سائيٽ 5.نيو ڪراچي 5.لياري 5.گڏاپ
6.ھاربر 6.ابراهيم حيدري
7. ماڙي پور

ڪراچي جا اڳوڻا ٽائون

ڪراچي ۾ 2000 ناظمن واري بلدياتي قانون تحت سڀ ضلعا ۽ تعلقا ختم ڪري شھري حڪومت قائم ڪري شھر کي 18 ٽائون م ورھايو ويو. 2011 ۾ ان نظام جو خاتمو اڻي پراڻا ضلعا ء تعلقا بحال ڪيا ويا.

ڪراچي جا اڳوڻا ٽائون
نمبر ٽائون نمبر ٽائون
1 لياري ٽائون 2 صدر ٽائون
3 جمشيد ٽائون 4 گڏاپ ٽائون
5 سائيٽ ٽائون 6 ڪياماڙي ٽائون
7 شاھ فيصل ٽائون 8 ڪورنگي ٽائون
9 لانڍي ٽائون 10 بن قاسم ٽائون
11 ملير ٽائون 12 گلشن ٽائون
13 لياقت آباد ٽائون 14 نارٿ ناظم آباد ٽائون
15 گلبرگ ٽائون 16 نيو ڪراچي ٽائون
17 اورنگي ٽائون 18 بلديہ ٽائون

ڪراچي جون ديھون

ڪراچي ۾ جملي 93 ديھون آھن جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا.
آبدار،الھ ٻنون،الھ ڦھائي،اميلاڻون،ٻٻراڻون،ٻاڪراڻ ديھ،بازار ديھ،ڀاڏ،بجار جي بٺي،ٻٽي عامري،ٻولھاڙي،بند مراد خان ديھ،ڇتارا ديھ،چوھڙ،درساڻو ڇنو ديھ،ڌاٻيجي 1،ڌاٻيجي 2،ڍانڍو،ڊھ،دوزان،ڊرگھ روڊ،ڊرگھ،گڏاپ ديھ،ڳاڱيارو،گابو پٽ،گھگھر،ڳجھڙو،گونڊ پاس،ھلڪاڻي،حب ديھ،حد رواء،ابراهيم حيدري ديھ،ڄام جو جکرو،جھنگ ڪنڊ،جھونجھار،جوريجي،ڪاري لڪي،ڪرمتاڻي لٽ، ڪاٺوڙ ديھ،کديجي،کاکڙ،کانٽو،کرکرو،ڪونڪر،ڪوٽيڙرو،ڪنڊ،لعل بکر 1،لعل بکر 2،لانڍي ديھ،لوسر،لوھارڪو لنگھ،لنگھيجي،ميھر جبل،مائي ڳاڙھي،ملھ،مانڊڙو،من ديھ،مواڇ،مھراڻ ديھ،مھيومٺا گھر،ميٽاڻ،ماڇڪو،موئيدان،موکي ديھ،منڍياري،نانگڻ،ناراٿر،اوڪيواري،اوڙنگي،ڦھائيپپري،پير منگھو،ريڙھي صفوران،سنھڙو،شاھ مريد،شاھي ڇپ،شرابي،شور ڪنڍي،شورينگ،سونگل،سونڍي،سورجاڻي،تائيسرتراڙي,ٿڌو,ٿاڻو ديھ ٿھومينگ,ٿومبس,ٽوڙ ۽ واڻ ڪنڊ

مردم نگاري

مذھب

سينٽ پيٽرڪس ڪيٿيڊرل
ڪراچي ۾ ھڪ مندر

تعليم

ڊي جي سائنس ڪاليج

فائل:DJ Science College Karachi Logo.png
لوگو

صحت

پي او بي ٽرسٽ واري اکين جي اسپتال

موسم

ڪراچي جي معيشت

ڪراچي جي تعمير

واپار

ڪياماڙي جي بوٽ بيسن ۽ ڪلاڪ ٽاور

بازارون

ھڪ مارڪيٽ ۾ ڪپڙي جو عام دڪان

ڪراچي پورٽ

نيٽي جيٽي ڀرسان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي عمارت
فريٽ لائينر ڪراچي جي بندر تي

ٽرانسپورٽ

ٽرام

ٽرام ھلائڻ لاءِ 1881 ۾ جيمس اسٽريچن نالي ڪراچي ميونسپالٽي جي ھڪ انجنيئر تجويز تيار ڪئي جيڪا 1883 ۾ بمبئي حڪومت منظور ڪئي ۽ ٽرام ايڪٽ پاس ڪيو جنھن کان پوءِ ٽينڊر گھرايا ويا. لنڊن جي ايڊورڊ ميٿيو فرم جو ٽينڊر منظور ٿيو. 20 اپريل 1885 ۾ سنڌ جي ڪمشنر ھينري ارسڪن ڪراچيءَ ۾ٽرسم نظام جو افتتاح ڪيو. شروعات ۾ ٽرام کي ڪوئلي جي انجڻ تي ھلايو ويو پر مشينن جي شور سبب شھرين جي احتجاج تي انجڻيون ختم ڪري ٽرام کي گھوڙن سان ڇڪڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.1909 ۾ گھوڙن جي جاء تي پيٽرول جون انجڻيون لڳايون ويون. 30 اپريل 1975 ۾ ٽرام سسٽم ڪراچيءَ مان ختم ڪيو ويو.[28]

ھوائي آمدورفت

جناح ٽرمينل ڪراچي

ريل رستي آمدورفت

ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن
ڪينٽ اسٽيشن

سياحت

بھادرآباد چوڪ تي چار مينار
ڪراچي جو مھاٽا پيليس ميوزيم
فائل:Adventure karachi 09.jpg
سياحتي ايڊوينچر
فائل:Adventure karachi 10.jpg
سياحت

ھوٽلون

پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل

حوالا

  1. "PROVISIONAL SUMMARY RESULTS OF 6TH POPULATION AND HOUSING CENSUS-2017". Pakistan Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 21 October 2017. 
  2. "District in Karachi". Karachi Metropolitan Corporation. حاصل ڪيل 6 May 2014. 
  3. name=autogenerated1>"Government". Karachi Metropolitan Corporation. حاصل ڪيل 6 May 2014. 
  4. "Geography & Demography". City District Government of Karachi. حاصل ڪيل 22 August 2010. [مئل ڳنڍڻو]
  5. "Ten major cities' population up by 74pc". حاصل ڪيل 21 October 2017. 
  6. "Global city GDP rankings 2008-2025". PricewaterhouseCoopers. وقت 13 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 February 2010. 
  7. "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017. 
  8. "Population size and growth of major cities" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  9. Amer, Khawaja (10 June 2013). "Population explosion: Put an embargo on industrialisation in Karachi". The Express Tribune. http://tribune.com.pk/story/614409/population-explosion-put-an-embargo-on-industrialisation-in-karachi/. Retrieved 16 June 2017. 
  10. "Population explosion: Put an embargo on industrialisation in Karachi". tribune.com.pk. 6 October 2013. http://tribune.com.pk/story/614409/population-explosion-put-an-embargo-on-industrialisation-in-karachi/. Retrieved 16 June 2017. 
  11. Brinkhoff, Thomas. "The Principal Agglomerations of the World". City Population. حاصل ڪيل 8 April 2015. 
  12. "GaWC – The World According to GaWC 2008". Lboro.ac.uk. حاصل ڪيل 14 September 2009. 
  13. "GAWC World Cities Ranking List". Diserio.com. حاصل ڪيل 14 September 2009. 
  14. "PIGJE". pigje.com.pk. حاصل ڪيل 25 February 2016. 
  15. 15.0 15.1 Inskeep, Steve (2012). Instant City: Life and Death in Karachi. Penguin Publishing Group. pp. 284. ISBN 978-0-14-312216-6. https://books.google.com/books?id=bbjaCwAAQBAJ&printsec=frontcover&dq=Instant+City:+Life+and+Death+in+Karachi&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjAtse4gIPQAhXKy4MKHWfRCFEQ6AEILDAA#v=onepage&q=Instant%20City:%20Life%20and%20Death%20in%20Karachi&f=false. Retrieved 30 October 2016. 
  16. List of cities proper by population - Wikipedia
  17. The Dutch East India Company (VOC) and Diewel-Sind (Pakistan) in the 17th and 18th centuries, Floor, W. Institute of Central & West Asian Studies, University of Karachi, 1993–1994, p. 49.
  18. "The Dutch East India Company's shipping between the Netherlands and Asia 1595–1795". حاصل ڪيل 14 June 2015. 
  19. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  20. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  21. Blood, Peter R. (1996). Pakistan: A Country Study. DIANE Publishing. p. 96. ISBN 978-0-7881-3631-3. 
  22. [Herbert Feldman [1970]: Karachi Through a Hundred Years: The Centenary History of the Karachi Chamber of Commerce and Industry 1860–1960. 2. ed. Karachi: Oxford University Press (1960).]
  23. Askari, Sabiah, ed (2015). Studies on Karachi: Papers Presented at the Karachi Conference 2013. Cambridge Scholars Publishing. pp. 325. ISBN 978-1-4438-8450-1. 
  24. 24.0 24.1 Nadeem F. Paracha. "Visual Karachi: From Paris of Asia, to City of Lights, to Hell on Earth". dawn.com. حاصل ڪيل 10 March 2016. 
  25. Barbara A. Weightman, Dragons and Tigers: A Geography of South, East, and Southeast Asia, John Wiley & Sons, ISBN 978-1-118-13998-1 
  26. Party, Government and Freedom in the Muslim World: Three Articles Reprinted from the Encyclopaedia of Islam, 2d Ed., V. 3, Parts 49–50. Brill Archive. 1968. p. 37. 
  27. Planning Commission, The Second Five Year Plan: 1960–65, Karachi: Govt. Printing Press, 1960, p. 393
  28. { يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 35}