جاگرافيائي بيھڪ نظام

جاگرافيائي بيهڪ نظام (Geographic Coordinate System؛ مختصر طور تي GCS)، ڌرتيء تي ڪنهن جاء جي محل کي ويڪرائي ۽ ڊگھائي ڦاڪن ذريعي ۽ ماپن ۽ رابطو ڪرڻ لاءِ، هڪ ڪروي (spherical) يا جيوڊيسڪ نظام آهي.[1] اها جاء جي محل کي معلوم ڪرڻ واري مختلف نظامن ۾، جيڪا اڃا تائين استعمال ۾ آهن، سڀ کان سادو، پراڻو ۽ وڌيڪ استعمال ٿيندڙ نظام آهي ۽ اڪثر ٻين نظامن لاءِ بنياد ٺاهيندو آهي. جيتوڻيڪ ويڪرائي ۽ ڊگھائي ڦاڪ ڪارتيسين بيهڪن وانگر نظر اچڻ ٿا، پر جاگرافيائي بيهڪون ڪارٽيسين نه آهن، ڇاڪاڻ ته هي زاوين ۾ ھونديون آهن ۽ هڪ-رخ واري مٿاڇري تي نه آهن.[2]
جئين ته مختلف معلومات جا جزو ( datum) ساڳئي جڳهه لاءِ مختلف ويڪرائي ۽ ڊگھائي ڦاڪ جو انگ ڏيڻ ٿا، هڪ مڪمل GCS خصوصيت واري نظام، جيڪا EPSG ۽ ISO 19111 معيارن ۾ درج ٿيل آهن، ۾ جيوڊيٽڪ معلومات جو انتخاب پڻ شامل هوندو آهي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Chang, Kang-tsung (2016). Introduction to Geographic Information Systems (9th ed.). McGraw-Hill. p. 24. ISBN 978-1-259-92964-9.
- ↑ DiBiase, David, "The Nature of Geographic Information", اصل کان 19 February 2024 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 18 February 2024۔
- ↑ "Using the EPSG geodetic parameter dataset, Guidance Note 7-1", EPSG Geodetic Parameter Dataset, Geomatic Solutions, اصل کان 15 December 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 15 December 2021۔