مواد ڏانھن هلو

گڏاپ ٽائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڏاپ ٽائون
Gadap Town

گڈاپ ٹاؤن
ملڪ پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوملير ضلعو، ڪراچي
قائم ٿيو2022ع
يونين ڪائونسلون
حڪومت
• طرزٽائون/تعلقا انتظاميه
ايراضي
• ڪل1,104 km2 (426 sq mi)
آبادي
 (2023ع)
• ڪل100,351

گڊاپ ٽائون (اردو: گڈاپ ٹاؤن) ملير ضلعي ۾، ڪراچي جي اتر اولهه واري حصي ۾، ڪراچي جو هڪ ٽائون آهي. ان جي اولهه واري حدن تي حب ندي آهي، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ صوبائي حد پڻ ٺاهيندي آهي. جڏهن ته اتر ۽ اوڀر ۾ ڄامشورو ضلعو ۽ کيرٿر جبل آهن.[1]

سنڌ حڪومت پاران متعارف ڪرايل سال 2022ع جو ترميم ٿيل مقامي اليڪشن ايڪٽ، ڪراچي ۾ ٽائون سسٽم کي نوٽيفائي ڪيو هو. گڊاپ ٽائون، جيڪا ملير ضلعي جي ٽن ٽائون مان هڪ آهي، ان ۾ سب ڊويزن گڊاپ، شاهه مريد، ابراهيم حيدري ۽ بن قاسم جا حصا شامل آهن.[2]

ڪل رقبو

[سنواريو]

گڏاپ ٽائون جو رقبو 1299 اسڪوائر ڪلوميٽر تي ڦهليل آهي. گڏاپ ٽائون ڪراچي جو هڪ وڏو ٽائون آهي جنهن جي آبادي 5,22,315 آهي.[3]

يونين ڪائونسلون

[سنواريو]

گڏاپ ٽائون کي 8 يونين ڪائونسلن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي.[4]

  1. معمار آباد
  2. مراد ميمڻ ڳوٺ
  3. گجرو
  4. يوسف ڳوٺ
  5. سونگل
  6. درساڻو چنو
  7. منگهو پير
  8. گڏاپ

ويجها علاقا

[سنواريو]

ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "گڈاپ کراچی کا مضافاتی علاقہ". Daily Jang.
  2. "Division of Karachi into 26 towns, 233 UCs notified". 8 January 2022.
  3. KARACHI: Gadap Town: largest, but the least developed - Newspaper - DAWN.COM
  4. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2016-03-04 تي محفوظ ڪيل, 2015-12-24 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)