لانڍي ٽائون
ڏيک
لانڍي ٽائون (انگريزي: Landhi Town) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گاديءَ جي ھنڌ ڪراچي جي 18 واھڻن مان ھڪ آھي۔ آگسٽ 2000ع ۾ بلدياتي نظام متعارف ڪرائي وڃڻ سان ئي ڪراچي ڊويزن ۽ ان جي ضلعن جو خاتمو ڪري ڪراچي شھري ضلعي حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو ويو۔ ان جي نتيجي ۾ شھر کي 18 واھڻن (ٽائونز) ۾ ورھايو ويو جن ۾ لانڍي ٽائون بہ شامل آھي. لانڍي ٽائون پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪورنگيءَ جو هڪ تعلقو آهي.