گلزار ھجري سب ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گلزار هجري
سنڌ جو تعلقو
گلزار هجري سب ڊويزن
گلزار هجري is located in سنڌ
گلزار هجري
گلزار هجري
گلزار هجري is located in Pakistan
گلزار هجري
گلزار هجري
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°57′N 67°07′E / 24.950°N 67.117°E / 24.950; 67.117مڪانيت: 24°57′N 67°07′E / 24.950°N 67.117°E / 24.950; 67.117
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
پکيڙ
 • ڪل 47.6 ڪ.م2 (18.4 ميل2)
آبادي (2017 [1])
 • ڪل 734,410

گلزار ھجري سب ڊويزن: (انگريزي: Gulzar Hijri Sub Division ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي ضلعي ڪراچي اوڀر جي ھڪ سب ڊويزن يا تعلقو آھي جيڪو پھرين گلشن ٽائون جو حصو ھيو ء 2013 م ٽائون سسٽم جي خاتمي بعد ان کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو. ھي تعلقو ڪراچي يونيورسٽي سان لڳولڳ واقع آهي.

سب ڊويزن جا علائقا[سنواريو]

ھن سب ڊويزن ۾ گلزار هجري اسڪيم 33 جو علائقو اڇي وڃي ٿو[2]. ھن تعلقي جا مشهور علائقا ميمڻ نگر، گلشن ڪنيز فاطمه، ڪوئيٽا ٽائون، گلزار هجري، المسلم سوسائٽي، گلشن عريشا، رمجھم ٽاور، گلشن قاسم، عثماني ٽائون، ڪي اي ايس سي سوسائٽي، رضويه ڪوآپريٽو سوسائٽي، شاھ عنايت ڳوٺ، شاھنواز ڳوٺ، وڪيل ڪالوني، سچل ڳوٺ، ڪراچي يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي، ماروڙا ڳوٺ، جوھر ڪامپليڪس، سھراب گبول ڳوٺ واقع آھن. ھي تعلقي جون حدون چوڌاري روڊن سان لڳن ٿيون جن ۾ اسپارڪو روڊ، حيدرآباد ڪراچي موٽر وي، ھجري روڊ ، ابوالحسن اصفهاني روڊ، يونيورسٽي روڊ، سعدي روڊ ۽ نيو ڪراچي يونيورسٽي روڊ سان ملن ٿيون ۽ انھن روڊن جي دائري اندر ھي تعلقو واقع آهي. تعلقي اندر مشھور روڊن ۾ ڪرن ھاسپيٽل روڊ، ڊاڪٽر عبدالسلام روڊ شامل آهن.

ٿاڻا[سنواريو]

ھن سب ڊويزن ۾ ٻہ ٿاڻا سھراب ڳوٺ ٿاڻو ۽ سچل ٿاڻو شامل آهن. سھراب ڳوٺ ٿاڻو جو نالو پھرين گلزار هجري ٿاڻو ھيو.

آبادي[سنواريو]

ھتان جي آبادي گھڻ نسلي آھي جن ۾ مھاجر، سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، شامل آهن. ھتان جي آبادي 1998 ۾ 1،14،789 ھئي جيڪا 2017 جي آدمشماري م وڌي 734410 تائين ٿي وئي.[3]. ھن علائقي ۾ سنڌي ماڻهن جي آبادي م اضافو ٿيو آهي.

مشھور ھنڌ[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ مشھور جاين ۾ ڇاتيءَ جي بيمارين جي مشھور اسپتال اوجھا انسٽيٽيوٽ فار چيسٽ ڊزيز، ڪرن ھاسپيٽل ، ڪاظم پبلڪ اسڪول، ڊائو يونيورسٽي ھاسپيٽل، ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج، پي سي ايس آء آر ليبارٽريز شامل آهن.

حوالا[سنواريو]