مواد ڏانھن هلو

نيو ڪراچي سب ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيو ڪراچي
تعلقو
نيو ڪراچي سب ڊويزن
نيو ڪراچي is located in سنڌ
نيو ڪراچي
نيو ڪراچي
نيو ڪراچي is located in Pakistan
نيو ڪراچي
نيو ڪراچي
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
متناسقات: 24°54′N 67°04′E / 24.900°N 67.067°E / 24.900; 67.067
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي سينٽرل ضلعو
يونين ڪاميٽيون 15


ٻيھر قيام 15 جولاءِ 2013
پکيڙ
  ڪل 19.4 ڪ.م2 (7.5 ميل2)
آبادي (2017)[1]
  ڪل 8,71,232

نيو ڪراچي سب ڊويزن (New Karachi Subdivision) صوبي سنڌ جي ناظم آباد ضلعي (اڳوڻو ڪراچي سينٽرل ضلعو جو هڪ سب ڊويزن آهي. [2]

ھن جي جاگرافيائي بيھڪ 67.0648263 لانگيٽيوڊ ۽ 24.999885 ليٽيٽيوڊ تي آھي ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان اوچائي 56 ميٽر يا 184 فٽ آهي.[3] ھي سب ڊويزن ڪراچي جي گھاٽي آبادي وارو علائقو آهي جتي صحت ۽ تعليم جون وڏيون سھولتون ميسر آھن.

آبادي

[سنواريو]

ھي تعلقي جي 1998 م آدمشماري 5,82,866 ھئي. 15 مارچ 2017 جي آدمشماري واري تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي وڌي 8،71،232 ٿي وئي[4]. ان ڪاٿي مطابق ھن تعلقي جي في چورس ڪلوميٽر م 44,909 ماڻھو رھن ٿا. تعلقي جي 100 سيڪڙو آبادي شھري آھي[4]. آبادي جي غالب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. اقليتي نسلي گروهن م سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ سرائڪي اچي وڃن ٿا.

تعليم

[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انڊا موڙ چوڪ، گورنمينٽ بوائيز سيڪنڊري اسڪول، پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج نارٿ ڪراچي، ٽائون ڪاميٽي اسڪول مدينه ڪالوني، گورنمينٽ مجيب النساء پرائمري اسڪول، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ايف 11 واقع آھن.

روڊ ۽ چؤڪ

[سنواريو]

ھن تعلقي مان گذرندڙ وڏن روڊن جا نالا لياقت روڊ، ڪڇي پاڙا لائينز ايريا روڊ، بلال روڊ ۽ حسن علي جعفري روڊ، انڊا موڙ چوڪ، انڊا موڙ روڊ، شاھراھ نورجهان، سرجاڻي روڊ، گوڌرا روڊ، نوراني مارڪيٽ روڊ، معمار اوينيو روڊ، جامع مسجد روڊ آھن.

باغ ۽ وندر

[سنواريو]

ڪليانه ٽائون سيڪٽر 10 پارڪ، انور انصاري فٽبال گرائونڊ، ڪليانه ڪميونٽي سينٽر، نارٿ ڪراچي جم ڪلب،

صحت جون سهولتون

[سنواريو]

ھتي صحت جي سھولتن ۾ نارٿ ڪراچي چلڊرين ھاسپيٽل، ايوان تجارت وصنعت اسپتال، شيڊ ھومز اينڊ ڪامپليڪس ھاسپيٽل شامل آهن.

حوالا

[سنواريو]