نيو ڪراچي سب ڊويزن
نيو ڪراچي | |
|---|---|
| نيو ڪراچي سب ڊويزن | |
| جاگرافي بيهڪ: 24°54′N 67°04′E / 24.900°N 67.067°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
| يونين ڪاميٽيون | 15
|
| ٻيھر قيام | 15 جولاءِ 2013 |
| Area | |
• Total |
19.4 ڪ.م2 (7.5 ميل2) |
نيو ڪراچي سب ڊويزن (New Karachi Subdivision) صوبي سنڌ جي ناظم آباد ضلعي (اڳوڻو ڪراچي سينٽرل ضلعو جو هڪ سب ڊويزن آهي. [2]
ھن جي جاگرافيائي بيھڪ 67.0648263 لانگيٽيوڊ ۽ 24.999885 ليٽيٽيوڊ تي آھي ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان اوچائي 56 ميٽر يا 184 فٽ آهي.[3] ھي سب ڊويزن ڪراچي جي گھاٽي آبادي وارو علائقو آهي جتي صحت ۽ تعليم جون وڏيون سھولتون ميسر آھن.
آبادي
[سنواريو]ھي تعلقي جي 1998 م آدمشماري 5,82,866 ھئي. 15 مارچ 2017 جي آدمشماري واري تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي وڌي 8،71،232 ٿي وئي[4]. ان ڪاٿي مطابق ھن تعلقي جي في چورس ڪلوميٽر م 44,909 ماڻھو رھن ٿا. تعلقي جي 100 سيڪڙو آبادي شھري آھي[4]. آبادي جي غالب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. اقليتي نسلي گروهن م سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ سرائڪي اچي وڃن ٿا.
تعليم
[سنواريو]ھن تعلقي ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انڊا موڙ چوڪ، گورنمينٽ بوائيز سيڪنڊري اسڪول، پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج نارٿ ڪراچي، ٽائون ڪاميٽي اسڪول مدينه ڪالوني، گورنمينٽ مجيب النساء پرائمري اسڪول، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ايف 11 واقع آھن.
روڊ ۽ چؤڪ
[سنواريو]ھن تعلقي مان گذرندڙ وڏن روڊن جا نالا لياقت روڊ، ڪڇي پاڙا لائينز ايريا روڊ، بلال روڊ ۽ حسن علي جعفري روڊ، انڊا موڙ چوڪ، انڊا موڙ روڊ، شاھراھ نورجهان، سرجاڻي روڊ، گوڌرا روڊ، نوراني مارڪيٽ روڊ، معمار اوينيو روڊ، جامع مسجد روڊ آھن.
باغ ۽ وندر
[سنواريو]ڪليانه ٽائون سيڪٽر 10 پارڪ، انور انصاري فٽبال گرائونڊ، ڪليانه ڪميونٽي سينٽر، نارٿ ڪراچي جم ڪلب،
صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھتي صحت جي سھولتن ۾ نارٿ ڪراچي چلڊرين ھاسپيٽل، ايوان تجارت وصنعت اسپتال، شيڊ ھومز اينڊ ڪامپليڪس ھاسپيٽل شامل آهن.