ڪياماڙي ٽائون
ڏيک
Keamari Town کیماڑی ٹاؤن | |
|---|---|
ڪراچي جو ٽائون | |
ڪياماڙي ٽائون ۽ هن جي 11 يونين ڪائونسلون | |
| Coordinates: 24°54′N 66°50′E / 24.90°N 66.84°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | ڪياماڙي، ڪراچي |
| قائم ٿيو | 14 آگسٽ، 2001ع |
| ختم ڪيو ويو | 2011ع (2022ع ۾ ٻيهر بحال ڪيو ويو) |
| يونين ڪائونسلون | 11، Baba Bhit، Bhutta Village، Gabo Pat، Kakapir، Keamari، Machar Colony، Maripur، Salehabad، Shams Pir، Shershah، Sultanabad |
| حڪومت | |
| • طرز | ٽائون ڪونسل |
| • ٽائون چيئرمين | همايون خان |
| • ميونسپل آفيسر | محمد لطيف لوڌي |
| • 11 | يونين ڪائونسلون |
| ايراضي | |
| • ڪل | 50 چورس ڪلوميٽر (19 چورس ميل) |
| آبادي (2023ع) | |
| • ڪل | 451,801 |
ڪياماڙي ٽائون (اردو:کیماڑی ٹاؤن) صوبي سنڌ جي شهر ڪراچي جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع ھڪ ٽائون جو نالو آهي. ان جو نالو ڪياماڙي جي تاريخي سامونڊي ڪناري واري ميونسپلٽي جي نالي تي رکيو ويو آهي. ڪياماڙي ٽائون سال 2001ع ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع جي حصي طور قائم ڪيو ويو ۽ ان کي 11 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو آهي. سال 2023ع جي پاڪستاني آدمشماري جي مطابق ٽائون جي آبادي 4,51,801 آهي.
2011ع ۾ ٽائون سسٽم ختم ڪيو ويو ۽ سال 2015ع ۾ ڪياماڙي ٽائون کي ڪراچي اولهه ضلعي جي حصي طور ٻيهر منظم ڪيو ويو. 2020ع ۾، ڪياماڙي ضلعو ڪراچي اولهه ضلعي مان ڪڍيو ويو ۽ ڪياماڙي ٽائون ضلعي ڪيماڙي جو حصو بڻجي ويو.[1][2][3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Karachi fits seventh district into its mix – Keamari | SAMAA". Samaa TV (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ruckus in Sindh Assembly as opposition protests Kemari district decision | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. 2020-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindh Cabinet approves division of Karachi into seven districts". The Nation (انگريزي ۾). 2020-08-21. 2020-08-23 تي حاصل ڪيل.